اڄوڪو ڏينهن پهرين جنوري تاريخ جي دري مان

'جنوري' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏1 جنوري 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄوڪي ڏينهن پهرين جنوري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهورشخصيتون​

    جنم ڏينهن:

    1 جنوري 1901ع شاعر عبدالڪريم گدائي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    1 جنوري 1902ع شاعر قاضي احمد ابڙو حاجن جو جنم ڏينهن آهي.
    1 جنوري 1914ع سگهڙ محمد خان ڪٽوهر جو جنم ڏينهن آهي.
    1 جنوري 1919ع شاعر ۽ تعليمدان ڊاڪٽر عطا محمد حامي جنم ڏينهن آهي.
    1 جنوري 1921ع فريڊم فائيٽر عبدالغفور ڀرڳڙي جو جنم ڏينهن آهي.
    1 جنوري 1921ع لاڙڪاڻي جي اسڪالر محمود شاهه بخاري جو جنم ڏينهن آهي.
    1 جنوري 1922ع مفتي محمد صالح ڀٽو جو جنم ڏينهن آهي.
    1 جنوري 1924ع شاعر مولا بخش ساگر جو جنم ڏينهن آهي.
    1 جنوري 1924ع ڪوٽڏجي جي مير عطا حسين ٽالپر جو جنم ڏينهن آهي.
    1 جنوري 1925ع جيڪب آباد جي صحافي ۽ فريڊم فائيٽر رسول بخش شيخ جو جنم ڏينهن آهي.
    1 جنوري 1925ع ليکڪ پروفيسر اڪرم انصاري جو جنم ڏينهن آهي.
    1 جنوري 1934ع شاعر گل حسن گوپانگ شاد جو جنم ڏينهن آهي.
    1 جنوري 1934ع سياستدان مولانا جان محمد عباسي جو جنم ڏينهن آهي.
    1 جنوري 1934ع سياستدان ۽ سنڌ جي اڳوڻي وزير اعلى سيد غوث علي شاهه جو جنم ڏينهن آهي.
    1 جنوري 1935ع بدين جي محمد سومار شيخ جنم ڏينهن آهي.
    1 جنوري 1935ع پيرڳوٺ جي شاعر منير سولنگي جو جنم ڏينهن آهي.
    1 جنوري 1937ع تعليمدان، عالم ۽ اديب حبيب الله صديقي پاٽائي جو جنم ڏينهن آهي.
    1 جنوري 1940ع عالم ۽ اديب امام بخش شمس جو جنم ڏينهن آهي.
    1 جنوري 1942ع سياستدان علي نواز شاهه جو جنم ڏينهن آهي.
    1 جنوري 1944ع سياستدان ظفر الله خان جمالي جو جنم ڏينهن آهي.
    1 جنوري 1949ع فنڪار استاد انور علي سانگي جو جنم ڏينهن آهي.
    1 جنوري 1949ع سياستدان ارباب حاجي عبد الله جو جنم ڏينهن آهي.
    1 جنوري 1950ع سياستدان عبدالسلام ٿهيم جو جنم ڏينهن آهي.
    1 جنوري 1951ع باليووڊ اداڪار نانا پاٽيڪر جو جنم ڏينهن آهي.
    1 جنوري 1951ع باليووڊ ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار ملڪ آگاڻي جو جنم ڏينهن آهي.
    1 جنوري 1953ع تعليمدان ڊاڪٽر سيد انور علي شاهه جو جنم ڏينهن آهي.
    1 جنوري 1954ع ناليواري اسڪالر ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيو جو باڊهه ۾ جنم ٿيو.
    1 جنوري 1957ع ڦلجي اسٽيشن سان تعلق رکندڙ شاعر، ليکڪ،صحافي ۽ سماجي ڪارڪن ڊاڪٽر قربان علي جهتيال جو جنم ڏينهن آهي.
    1 جنوري 1958ع سياستدان ارباب عطاء الله جو جنم ڏينهن آهي.
    1 جنوري 1960ع صحافي، ليکڪ ۽ ترقي پسند شبير لاشاري جو جنم ڏينهن آهي.
    1 جنوري 1960ع سماجي ورڪر ۽ سگا جي سرگرم ميمبر اسماعيل پنهور جو جنم ڏينهن آهي.
    1 جنوري 1965ع ليکڪ انور ابڙو جو جنم ڏينهن آهي.​
    1 جنوري 1965ع اداڪار اسماعيل چانڊيو جو جنم ڏينهن آهي.
    1 جنوري 1971ع راڳي الطاف سمون جو جنم ڏينهن آهي.
    1 جنوري 1972ع ڪمپيوٽنگ ۽ سنڌي فونٽس جو ڪم ڪندڙ شبير ڪنڀار جو جنم ڏينهن آهي.
    1 جنوري 1974ع سياستدان امداد علي پتافي جو جنم ڏينهن آهي.
    1 جنوري 1975ع ليکڪ، ڪهاڻيڪار ۽ شاعر بلوچ صحبت جو جنم ڏينهن آهي.
    1 جنوري 1975ع شاعر، ليکڪ ۽ سماجي ورڪر منظور اڄڻ جو جنم ڏينهن آهي.
    1 جنوري 1975ع باليووڊ اداڪاره سونالي باندري جو جنم ڏينهن آهي.
    1 جنوري 1976ع سياستدان پير احمد رضا شاهه جيلاني (راڻيپور) جو جنم ڏينهن آهي.
    1 جنوري 1978ع باليووڊ اداڪاره وديا بالن جو جنم ڏينهن آهي.
    1 جنوري 1979ع شاعر الطاف حسين خواجا جو جنم ڏينهن آهي.
    1 جنوري 1979ع شاعره عائشه ميمڻ جو جنم ڏينهن آهي.
    1 جنوري 1986ع گلوڪاره ممتاز ڪنول جو جنم ڏينهن آهي.​

    وڇوڙو:

    1 جنوري 1901ع مذهبي اسڪالر مولانا عبدالله مري جي وفات ٿي.
    1 جنوري 1964ع شڪارپور سان تعلق رکندڙ مولانا الاهي بخش اعواڻ لاڏاڻو ڪري ويو.
    1 جنوري 1967ع ٿرپارڪر سان تعلق رکندڙ شاعر مولانا احمد علي مجزوب لاڏاڻو ڪري ويو.
    1 جنوري 1981ع شاعر مرزا علي محمد بيگ مظفر جي وفات ٿي.
    1 جنوري 1983ع باباءِ ثقافتِ سنڌ ۽ پهرين هندستاني سنڌي فلم ايڪتا جي هيرو رئيس ڪريم بخش نظاماڻي ماتلي واري جي وفات ٿي.
    1 جنوري 2019ع ناميارو اسڪالر، ترقي پسند اديب ۽ سياستدان ظفر اڄڻ وڇڙي ويو.​

    حواله:

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
    روزانه ڪاوش
    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
    وڪيپيڊيا
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏4 آگسٽ 2014
    14 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    پهرين جنوري تي 95 دوستن جي فيسبوڪ تي سالگرهه هئي، اهڙي طرح مشهور شخصيتن جي به هڪ وڏي لسٽ آهي۔ دوست ذيشان رشيد چوي ٿو ته اهو استادن جو ڪمال آهي۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جي دوست سليمان بلڪل۔۔۔ پرائمري اسڪول جا استاد ٻار جي والدين کان عمر جو سرٽيفڪيٽ وٺڻ جي تڪليف ئي نه ڪندا آهن۔۔۔ بلڪه خانه پوري ڪندي نئين سال جو پهريون ڏينهن ئي جنم تاريخ لکندا آهن۔۔۔ منهنجي ننڍڙي جي به جڏهن غلط تاريخ لکين ته ان کي تبديل ڪرائڻ لاءِ مون کي ڪافي جتن ڪرڻا پيا۔۔۔ تان جو پيدائش جو سرٽيفڪيٽ يونين ڪائونسل ۽ نادرا کان وٺي ڏيڻو پيو۔۔۔
    جيڪڏهن استادن جون اهڙيون مهربانيون نه هجن ها ته سنڌ سلامت تي پهرين تاريخ تي دوستن جي سالگراهن جي هيڏي لسٽ نظر ڪٿان اچي ها۔۔۔:)

    [​IMG]
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    [​IMG]
    عبدالڪريم گدائي سنڌ جو بهترين شاعر، ڪريم آباد، تعلقي ٺل ۾ پهرين جنوري 1901ع ۾ پيدا ٿيو. گدائيءَ جي تعليم سنڌي فائنل هئي. هن دنيا ۾ روزي روٽيءَ جي بندوبست لاءِ ڪلارڪ، سپاهي ۽ صحافي جهڙا مختلف فرض سرانجام ڏانا. سندس ٽي شاديون ٿيون. اولاد ۾ ٻه پٽ ٻه نياڻيون هيون. سندس مشهور تصنفون، ”خان ڳڙهه کان جيڪب آباد تائين“، ”پيماني تي پيمانو“، ”ساڻيهه جا سور“، ”پکڙا ۽ پنهوار“ شامل آهن، ان کان علاوه ڪيئي فيچر، ڪهاڻيون ۽ اسٽيج ڊراما پڻ لکيل آهن. سندس وفات 28 جنوري 1978ع ۾ ٿي ۽ آخري آرامگاهه افضل بابا قبرستان جيڪب آباد ۾ آهي.
    عبدالڪريم گدائيءَ جو گهريلو نالو ”بگو“ هو. اسڪول ۾ سندس نالو عبدالڪريم لاشاري لکرايو ويو. گدائي 1911ع ائنگلو ورنيڪيولر اسڪول ۾ داخل ٿيو ۽ 1916ع ۾ پنج درجا پاس ڪري سکر جي هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيو. اهڙي طرح 1920ع ۾ فائنل جو امتحان ٺل جي سنڌي اسڪول مان پاس ڪيائين.
    سندس پهرين نوڪري پوليس ۾ ننڍي منشي واري رهي. جڏهن شاعري شروع ڪيائين ته پنهنجي لاءِ تخلص ”گدائي“ جو انتخاب ڪيائين. گدائي صاحب پنهنجي هڪ تصنيف ۾ لکي ٿو، ”جڏهن آئون 1920ع ڌاري پوسٽ آفيس شڪارپور ۾ ڪلارڪ هوس، تڏهن جليانوالا باغ جي واقعي خلاف احتجاجي ڏينهن ملهايو ويو. منهنجي دل ڪانگريس طرف ڇڪجي ويئي. گدائي شروعات ۾خلافت تحريڪ کان متاثر هو پر پوءِ جوش ۾ نوڪري ڇڏي وڃي ڪانگريس ۾ شامل ٿيو. 1925ع ڌاري سندس شاعري سنڌو ۽ ٻين هفتيوار اخبارن ۾ شايع ٿيڻ لڳي. پر سندس شاعري جو حقيقي دور هندستان جي ورهاڱي کان پوءِ شروع ٿئي ٿو. گدائي صاحب لکي ٿو، ” 1947ع کان پوءِ آزادي وارو خواب شرمندءِ تعبير رهجي ويو، اسين سنڌي پنهنجي ئي وطن ۾ بي وطن ٿي وياسون. امنگون ۽ اميدون پائمال ٿي ويون. تڏهن کان شاعري موجوده موڙ اختيار ڪيو.“
    گدائي صاحب جو شروعاتي ڪلام هفتيوار پيغام، صداقت، سنڌو، سنڌ زميندار، روزانه الوحيد ۾ شايع ٿيندو رهيو. پاڻ 1952ع ۾ سنڌ هاري ڪاميٽي ۾ شامل ٿيو. ان دوران گدائي صاحب مقامي اخبارن صبح سنڌ، ستاره سنڌ، فرنٽيئر گزيٽ، انقلاب، امروز ۽ مجاهد جو ايڊيٽر به رهيو.
    گدائي جي شاعري سنڌ سان پيار ۽ انسيت جو مظهر آهي. سندس نالو سنڌ جي ترقي پسند شاعرن جي فهرست ۾ ڳڻيو وڃي ٿو.
    گدائي جي شاعري مان چونڊ ٽڪرا نموني طور هيٺ ڏجن ٿا. * سفر زندگي جو ڪٺن هو گدائي بهر طور گذريو گذاري ڇڏيوسين.* خبردار هاري جو ڀوتار آيا پراڻا شڪاري کڻي ڄار آيا.
    * اڄ به ساري رات، رنو ويٺي مارئي سارو ملڪ ملير جو آيو واڳن وات ڪڍي ڪوئي ڪات، ماري مانگر مڇ کي.
    * نه اٽو جنهن کي، نه اجهو ميسر نه ٻارن کي چولو، نه عورت کي چادر نه پنهنجي بدن تي لنگوٽي برابر نه ڪوسيءَ ٿڌيءَ ۾ ڪو پيرن ۾ پادر.
    * آ واٽ تي ڪاري ٻاٽ اگر پر پنهنجي رت جو تيل ڏيئي هر موڙ مٿان آزادي جي هڪ مشعل ٻاري وينداسين.
    گدائي صاحب جي هڪ اردو غزل جو بند: * ڪب رها غافل مين تيري ياد سي افترا هي، جهوٽ هي، الزم هي.
    بشڪريه وڪيپيڊيه
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.

    [​IMG]


    سائين در محمد صاحب ۽ سليمان وساڻ صاحب جي هي محنت به قابل تعريف آهي، در محمد صاحب اسان جي سنڌي ٻولي جو هڪ بهترين جاکوڙي عالم اديب آهي، جنهن جي سوانح تي ته اسان جو دوست محترم سليمان وساڻ صاحب ڪم ڪري چڪو آهي، جيڪا هيٺ پيش ڪجي ٿي،

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ سنڌ جي هڪ علمي، ادبي شخصيت۔محمد سليمان وساڻ
    سنڌ جي ناليواري، ليکڪ، محقق، تاريخدان، شاعر، ڪهاڻيڪار، ڊرامه نگار، مترجم، ڪالم نگار ۽ تعليمدان ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ کي سندس جنم ڏينهن تي واڌايون پيش ڪجن ٿيون.

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جو جنم 25 مئي 1945 ع تي خير محمد آريجا تعلقو ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو۔ پاڻ 1971 ۾ بي ايڊ، 1972 ۾ ايم اي سنڌي ادب ۾، ۽ 1979ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ”ڪراچي جو سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي ترقيءَ ۾ حصو “ جي عنوان تي اپي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ وڌيڪ تفصيل پڙهڻ لاء هت ڪلڪ ڪندا۔
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. abdullah jarwar

    abdullah jarwar
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 نومبر 2013
    تحريرون:
    91
    ورتل پسنديدگيون:
    181
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Tando Allahyar
    مانوارو سائين ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ صاحب . ادا محمد سليمان وساڻ صاحب سنڌ سلامت جي دوستن جي مهرباني سان تاريخ جي دري مون پڻ پنهنجي وس آهر ڪافي شخصيتن بابت معلومات ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مون کي اها خبر ناهي ان مان دوستن کي چڱي ڄاڻ ملي يا نه ؟ بهرحال مون کي وڏي ڄاڻ حاصل ٿي جا فيس بڪ ء هن سائيٽ تي شيئر ڪئي آهي.
    سال 2014 خير سان پورو ٿيو .
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. بختاور ٽالپر

    بختاور ٽالپر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 فيبروري 2014
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    530
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    سڀني ميمبرز کي جنم ڏينهن جون نيڪ دعائون سان کوڙ ساڙيون وڌايون تمام خوشنصيب آهن جن جو جنم پهرين جنوري تي ٿيو هوندو
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    هن دفعي لسٽ ڪجهه وڌيڪ ڊگهي ٿي وئي آهي ۽ 207 ميمبرن جون سالگره آهن

    [​IMG]
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏1 جنوري 2015
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو