اڄوڪو ڏينهن 3 جنوري تاريخ جي دري مان

'جنوري' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏3 جنوري 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄوڪي ڏينهن 3 جنوري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

    جنم ڏينهن:

    3 جنوري 1913ع شاعر نارائڻ قلندري (سيوهڻ /اجمير) جو جنم ڏينهن آهي.
    3 جنوري 1914ع شاعر اڌارام اڌاس (ڪنڊيارو/بڙودا) جو جنم ڏينهن آهي.
    3 جنوري 1915ع سياستدان ارجنداس تلسيداس (روهڙي/اجمير) جو جنم ڏينهن آهي.
    3 جنوري 1922ع ليکڪ ڪيرت ٻاٻاڻي (نوابشاهه/بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي.
    3 جنوري 1941ع ليکڪ غلام رسول ڪلهوڙو جو جنم ڏينهن آهي.
    3 جنوري 1944ع اداڪاره چندرو پنجابي(حيدرآباد/بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي.
    3 جنوري 1949ع اڳوڻي شاگرد اڳواڻ ۽ صحافي اقبال ترين جو جنم ڏينهن آهي.
    3 جنوري 1966ع قنمبر سان تعلق رکندڙ ليکڪ امتياز مغل جو جنم ڏينهن آهي.
    3 جنوري 1970ع صحافي اشرف برفت جو جنم ڏينهن آهي.
    3 جنوري 1966ع قنمبر سان تعلق رکندڙ ليکڪ امتياز مغل جو جنم ڏينهن آهي.

    وڇوڙو:

    3 جنوري 1988ع صحافي ۽ سنڌي ادب جي خدمتگار عبدالواحد سنڌي (انڍڙ) جو انتقال ٿيو.
    3 جنوري 2003ع مشهور شاعر نياز همايوني دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو.
    3 جنوري 2005ع ترقي پسند اديب اي جي اُتم بمبئي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
    3 جنوري 2020ع ناميارو ڪھاڻيڪار ۽ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جو اڳوڻو وائيس چانسلر حميد سنڌي لاڏاڻو ڪري ويو.
    3 جنوري 2021ع اديب، عالم ۽ محقق محمد امين مگسي لاڏاڻو ڪري ويو.

    حواله:​

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
    روزانه ڪاوش
    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
    وڪيپيڊيا
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏3 جنوري 2015
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڪيرت ٻاٻاڻي :

    ڪيرت ٻاٻاڻي سنڌ ۽ هند جي چند غير معمولي اديبن ۽ مفڪرن مان هڪ آهي، جنهن جون قومي، ادبي ۽ سنڌي -ٻولي- لاءِ ڪيل خدمتون سنڌ ۽ سنڌي -ٻولي- جي -تاريخ- ۾ هميشه ياد رهنديون. هن جو پورو نالو ڪيرت چوئٿرام ٻاٻاڻي آهي. هن جي جنم ڀومي ڳوٺ موريو لاکو، -تعلقو- سڪرنڊ، ضلعو نوابشاهه، (هاڻي بينظير -آباد-) آهي، جتي هن 3 جنوري 1922ع تي جنم ورتو. هن اسڪولي -تعليم- مئٽرڪ تائين ”ولس اسڪول نوابشاهه“ (لوڪل بورڊ هاءِ اسڪول نواب شاهه جي برانچ، هاڻي گورنمينٽ ايڇ. ايم خواجه هاءِ اسڪول جي برانچ) ۾ حاصل ڪئي. هن جي -تعليم- بي. اي ۽ ايل. ايل. بي آهي. نوابشاهه ۾ شاگرديءَ دوران -استاد- روچيرام ٿانواڻي جي ترتيب هيٺ قومپرستي جو صلو من ۾ انگوريس. سنڌ اندر مزدور ۽ شاگرد جدوجهد سان گڏ انگريزن کان ملڪ جي -آزادي- جي تحريڪ ۾ ڪانگريس جي اثر هيٺ حصو ورتائين. -ان- زماني ۾ ٽنڊي آدم ۽ نوابشاهه ۾ جلسن ۾ شريڪ ٿيندو هو. اسڪولي جيون ۾ پرڀات ڦيريون ڏيڻ، هٿ سان پترا لکي ورهائڻ ۽ قومي ڏينهن ملهائڻ سندس مشغوليون هيون. سنڌ اسٽوڊنٽس ڪانگريس جو سيڪريٽري رهيو. سنڌ ۾ سندس ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي، حشو ڪيولراماڻي، سائين جي. ايم سيد، شيخ -اياز-، حيدر بخش جتوئي ۽ قاضي فيض محمد سان تعلقات رهيا. هي بنيادي طرح -ترقي- پسند ۽ سنڌ دوست اديب ۽ دانشور آهي. شيخ -اياز-، ڪيرت بابت راءِ ڏيندي لکيو آهي ته ”ڪيرت ٻاٻاڻي منهنجو پراڻو دوست آهي، -ان- جو شمار سنڌي قوم جي عظيم محب وطنن ۾ ڪري سگهجي ٿو. هن جو مطالعو ۽ مشاهدو ڪافي وسيع آهي ۽ هن جي پنهنجي قوم سان مڪمل وفاداري (Absolute Commitment) آهي.“ ڪيرت بنيادي طرح -آزادي- جي هلچل جي پيدائش آهي، هو سنڌي ادبي سنگت جي اوائلي ميمبرن مان آهي ۽ هن، سنڌ ۾ رهڻ دوران جديد -ترقي پسند ادب- کي اي. جي. اتم، گوبند پنجابي ۽ گوبند مالهي سان گڏجي همٿايو. ’نئين دنيا‘ ڪتاب گهر ڪراچي جو -ان- ڏس ۾ وڏو ڪردار آهي. هن ورهاڱي کانپوءِ سنڌ ڇڏڻ نه ٿي چاهي، پر پهرين سرڪار کيس -باغي- سرگرمين ۾ شرڪت سبب 11 مهينا قيد ۾ رکيو ۽ -آزادي- بعد به سي. آءِ. ڊي سندس پيڇو نه ڇڏيو. ڪجهه وقت جي. ايم. سيد ۽ حيدر بخش جتوئي وٽ لڪندي گذاريائين. جتوئي صاحب جي ”هاري حقدار“ -اخبار- سنڀاليائين، پر سيءَ. آءِ. ڊيءَ سندس پيڇو نه ڇڏيو ۽ نئين پاڪستاني حڪومت هڪدم ملڪ ڇڏڻ جو پروانو هٿ ۾ ڏئي، کيس سنڌ مان زوريءَ روانو ڪيو ۽ هو اکين مان لڙڪ لاڙيندو پنهنجي جنم ڀومي کي الوداع ڪري هند روانو ٿي ويو. -ان- ئي پسمنظر ۾ هن لکيو هو ته: ”تون پُڇين ٿو ته مان اُداس ڇو آهيان!“ سندس اهو ليک 1956ع جي ”مهراڻ“ رسالي ۾ ڇپيو.
    ڪيرت ٻاٻاڻي وطن ڇڏڻ کان پوءِ هند ۾ ڪيترن سماجي، ادبي ۽ ثقافتي تنظيمن سان واڳيل رهيو. هُو ”اکل ڀارت، سنڌي -ٻولي- ۽ ساهت سڀا“ جو 18 سالن تائين صدر رهيو. جنهن پليٽ فارم -تان- هن پنهنجي بزرگن ۽ ساٿين بي. ايڇ ناگراڻي، لالسنگهه اجواڻي، اي. جي. اتم، گوبند مالهي، ڪرشن راهي، موتي پرڪاش، پوپٽي هيراننداڻي، هري دلگير، ڪلا پرڪاش، موهن ڪلپنا، لڇمڻ ڪومل، سندري اتمچنداڻي،-ٽيڪچند مست- ۽ ٻين سان گڏجي 16 سالن جي ڊگهي جدوجهد کان پوءِ سنڌي -ٻولي- کي ڀارتي -آئين- ۾ 10 -اپريل- 1967ع تي سرڪاري -ٻولي- تسليم ڪرايو. ڪيرت ٻاٻاڻي، ساهتيه اڪيڊمي دهلي جي سنڌي -ٻولي- جي صلاحڪار ڪائونسل جو ميمبر پڻ رهيو آهي. هن 1981ع ۾ روس جو دورو ڪيو، 1983ع ۾ ورلڊ پيس ڪائونسل طرفان ’چيڪو سلواڪيا‘ ويو. -ان- کان سواءِ انٽرنيشنل سنڌي ڪانفرنس جي سڏ تي -آمريڪا- ۽ انگلينڊ جا دورا ڪيائين، کيس ”سوويت لئنڊ نهرو“ امن اوارڊ (1980ع)، -تعليم- کاتي دهلي پاران ”اعليٰ ادبي خدمتن تي مڃتا“ اوارڊ (1986ع)، مهاراشٽر سنڌي ساهتيه اڪاڊمي پاران ادبي اوارڊ (1989ع)، ڀارتيه ڀاشا پريشد پاران ”ادبي اوارڊ“ (1992ع) ۽ ورلڊ سنڌي ڪانگريس پاران ”جي. ايم. سيد اوارڊ“ وغيره ملي چڪا آهن.
    ڪيرت ٻاٻاڻي جي ڇپيل ڪتابن ۾: ”هوءَ“ (ڪهاڻيون 1956ع)، ”مالوا“ (مئڪسم گورڪيءَ جي ناول جو ترجمو: 1958ع)، ”ڪولي“ (ملڪ راج آنند جي ناول جو ترجمو: 1960ع)، ”جو درد دل ۾ سمائجي نه سگهيو“ (ڪهاڻيون: 1966ع)، ”سوريءَ سڏ ڪيو“ (ناٽڪ: 1972ع)، ”-ادب ۾ قدرن جو سوال-“ (تنقيد: 1974ع)، ”لينن دنيا جي عظيم انقلابي شخصيت“ (1980ع)، ”اوک ڊوک“ (تنقيد: 1981ع)، ”چونڊ سنڌي مضمون“ (ترتيب: 1981ع)، ”جيڪي ڏٺو هو مون“ (روس جو سفرنامو: 1982ع)، ”اٻول رڻي“ (1982ع)، ”ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ڪهاڻيءَ جو جائزو“ (1986ع)، ”امن جي افق ڏانهن“ (مضمون: 1987ع)، ”پيهي منجهه پاتال“ (مضمون: 1987ع)، ”جيئي سنڌ سدا جيئي“ (ڪهاڻيون)، ”نه ليليٰ نه مجنون“ (ڪهاڻيون: 1987ع)، ”چونڊ سنڌي ڪهاڻيون“ (ترتيب: 1989ع)، ”چونڊ سنڌي مضمون“ (1991ع)، ”اوهين سڀ ننگا نڪتا آهيو“ (ڪهاڻيون: 1993ع)، ”ڪجهه ٻڌايم ڪجهه لڪايم“ (-آتم ڪٿا-، 4 جلد: 1997ع)، ”لڪيو لياڪا پائين“ (شاعري: 2000ع)، ”ڌرتيءَ جو سڏ“ (ناٽڪ: 2004ع)، ”سو سڏ سو پڙاڏو“ (اڌ صديءَ جا خط: 2004ع)، ”سنڌين جو سفر“ (موهن گيهاڻي ۽ هري پنڪج سان گڏ سنڌي -ٻولي- هلچل جو دستاويز: 2007ع)، ۽ ”مراٺي ادب جي -تاريخ-“ (ترجمو) شامل آهن. -ان- کانسواءِ ڪيرت ٻاٻاڻي 1991ع کان اڄ تائين ماهوار ”سنڌ سجاڳ“ (سنڌيءَ ۾) ۽ ”سنڌ رائيزز“ (انگريزيءَ ۾) رسالا ڪڍندو رهي ٿو. ڪيرت ٻاٻاڻي اڄ به 87 سالن جي عمر ۾ هند ۾ سنڌي -ٻولي- ۽ سنڌيت جو جهنڊو بلند رکيو پيو اچي .

    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي ٿورن سان
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    [​IMG]

    سائين در محمد صاحب ۽ سليمان وساڻ صاحب جي هي محنت به قابل تعريف آهي، در محمد صاحب اسان جي سنڌي ٻولي جو هڪ بهترين جاکوڙي عالم اديب آهي، جنهن جي سوانح تي ته اسان جو دوست محترم سليمان وساڻ صاحب ڪم ڪري چڪو آهي، جيڪا هيٺ پيش ڪجي ٿي،

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ سنڌ جي هڪ علمي، ادبي شخصيت۔محمد سليمان وساڻ
    سنڌ جي ناليواري، ليکڪ، محقق، تاريخدان، شاعر، ڪهاڻيڪار، ڊرامه نگار، مترجم، ڪالم نگار ۽ تعليمدان ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ کي سندس جنم ڏينهن تي واڌايون پيش ڪجن ٿيون.

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جو جنم 25 مئي 1945 ع تي خير محمد آريجا تعلقو ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو۔ پاڻ 1971 ۾ بي ايڊ، 1972 ۾ ايم اي سنڌي ادب ۾، ۽ 1979ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ”ڪراچي جو سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي ترقيءَ ۾ حصو “ جي عنوان تي اپي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ وڌيڪ تفصيل پڙهڻ لاء هت ڪلڪ ڪندا۔
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏7 جنوري 2014
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو