وڇائي نيڻ ويٺا آهيون، سدائين پيار جي پنڌ ۾، پرين ٿا ائين توکي چاهيون، سدائين پيار جي پنڌ ۾. سامهون صليب هجي يا ڀل، وڇايل واٽ تي ڪنڊا، ڪڏهن واپس وريا ناهيون، سدائين پيار جي پنڌ ۾. اڪيلائيون ڊگھيون راتيون، چڪن ٿا گھاوَ يادن جا، ويٺا واهڙ اکئين واهيون، سدائين پيار جي پنڌ ۾. ڇَتا تو هئا ڇڏيا ڇوڙي، ڀُنل هو بُت بارش ۾، گھڙيون سي ياد هن آيون، سدائين پيار جي پنڌ ۾. اُتر جا واءُ وريا آهن، اکين کي تنهنجو اوسيئڙو، ڏيئي وانگي ٻريا آهيون، سدائين پيار جي پنڌ ۾. پُڇين ٿي پنهنجي ساگر کان، جيئان ٿو ڪئين بنا تنهنجي، ڪڏهن ڊاهيون ڪڏهن ٺاهيون، سدائين پيار جي پنڌ ۾.