شهمير سومرو ۽ سندس شاعري

'ڊزائين ڪيل شاعري' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏4 جنوري 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    شهمير سومرو ۽ سندس شاعري
    هي منهنجي انهن دوستن مان آهي، جن کي آئون اڃا تائين وساري ناهيان سگهيو، جيتوڻيڪ شهمير سان نه ملئي پندرنهن ورهيه وهامي چڪا آهن هڪ لڱا هن جو چهرو منهنجي ذهن جي ڦرهي تان ڌنڌلو ٿي ويو هو پو ٻي ويري فيس بڪ تي هن سان مکا ميلو ٿيو، جيڪو ڏوراپن سان شروع ٿيو۔ هي هر صبح جو منهنجي پياري ڪوي دوست سعيد ميمڻ جيان مون کي ”صبح جو سلام“ ڪندو آهي، موبائل فون ذريعي ايس ايم ايس ۾۔هي ڊزائين واري شاعري هن جي آهي ۽ پاڻ سوڌي سينگاري اسڪيچ رکي ٺاهي اٿس۔شهمير جنهن کي آئون شاهه مير سڏيندو هان، پوليس کاتي ۾ ملازم آهي، هن وقت لاڙڪاڻي جي ايس ايس پي آفيس ۾ ڊيوٽي ڪري ٿو۔اصل باقراڻي ڀرسان ڳوٺ سيد بچل شاهه جو رهواسي آهي، هن جي ڳوٺ ڀرسان هڪ وڏي درگاهه آهي جتي اڄ به سنڌي سماج جا پسمانده ذهن پنهنجي محرومين ماريل مائٽن جو علاج ڪرائڻ اچن ٿا، جتي سماج جي انهن گم نام باغي ڪردارن کي چريو چئي مٿو ڪوڙي ٽڪڻ تي ڏنڀ ڏنا ويندا آهن ۽ سنگهر سان وڻ ۾ سوگهو ڪري ٻڌو ويندو آهي۔ان درگاهه جو نالو به ”بچل شاهه“ سان منسوب آهي۔بچل شاهه ميان وال تحريڪ جو گم نام سنڌي سينا هو پر وقت جي رهزنن ۽ ڌنڌوڙين هن کي ميان شاهل محمد ۽ شاهه بهاري جيان ”پير“ ڪري ڪمائي جو ذريعو بڻائي لوڪ کي گمراهه ڪيو آهي۔ڳچ سال اڳ مون هن درگاهه تي ٿيندڙ انساني حقن جي پائمالي ۽ اذيتن تي اسٽوري ڪئي هئي ان دوران انيڪ انڪشاف مون آڏو عيان ٿيا هئا۔جيڪڏهن نگهت ۽ تبسم بيمار نه ٿين ها ته شايد مون کي اها خبر ئي نه پوي ها ته بچل شاهه درگاهه تي ڇا وهي واپري پيو۔نگهت لياري جي ڪلري واري علائقي جي رهواسڻ هئي جيڪا ٻه سال اڳ ستاويهن سالن جي عمر ۾ فوت ٿي، تبسم سکر جي سنگرار واري علائقي جي رهواسڻ ۽ ذات جي شنباڻي هئي۔نگهت ڪراچي ۾ علاج ڪرايو پر ڀوپن جي ڦند ڦير ۾ هن جي مسڪين ما اچي وئي ۽ هن کي کڻائي لاڙڪاڻي ڀرسان شاهه مير سومري جي ڳوٺ وٽ واقع هن درگاهه تي آندو، جتي نگهت جو مٿو ڪوڙي لوهه جي سيخ لال ڪري ڏنڀ ڏنا ويا، جيتوڻيڪ نگهت هسٽريا جي مريض هئي پر درگاهه جي ڌنڌوڙين نگهت کي بنهه چريو ڪري هن جي مڙني خوابن جو ڪنڌ ڪپي ڇڏيو ۽ ايئن تبسم سان به ساڳئي ڪار ٿي تبسم بابت خبر ناهيم ته اها جيئري آهي به يا نه؟ مون کي هن درگاهه تي ٿيندڙ اڄ به انساني حقن جي ڀڃڪڙي تي ان ڪري حيرت ٿيندي آهي جو لاڙڪاڻي ۾ رهندڙ سجاڳ ذهن وارا ماڻهو ماٺ آهن ڀان هنن چُپ جو روزو رکي ڇڏيو آهي هنن جي اها خاموشي مصلحت آهي يا بي وسي يا وري بي حسي۔ ان تي آئون وڌيڪ نه ٿو اپٽاريان
    مون کي شاهه مير بابت ٻڌائڻو هو پر آئون الائجي ڪيڏانهن نڪريو ويس اوهان منهنجي هن ونڊ (شاهه مير جي شاعري )کي ڪيئن ڀانئيو ٿا ان بابت را ضرور ڏيو۔(معصوم)
    1604 اٽيچمينٽ ڏسو 1605 اٽيچمينٽ ڏسو 1606 اٽيچمينٽ ڏسو 1607 اٽيچمينٽ ڏسو 1609 اٽيچمينٽ ڏسو 1610 اٽيچمينٽ ڏسو
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    شاهه مير سومري بابت هڪ اهم ڳالهه ڪرڻ مون کان وسري وئي سا هي آهي ته شاهه مير سٺو جادوگر به آهي۔هن جادو ڪنهن کان سکيو اهو ته هو پاڻ ئي ٻڌائي سگهي ٿو باقي هن جو ڪمال مون هڪ ڀيرو قمبر ۾ سنڌي ادبي سنگت جي مشاعري بعد منان ٻرڙي جي اوطاق تي ڏٺو۔جادوگر، شاعر ۽ پوليس اهلڪار شاهه مير واقعي به موهيندڙ شخص آهي
     
    شهمير سومرو، عابد بلوچ ۽ (deleted member) هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    شاعري ۽ ڊزائن ٻئي دلڪش ۔۔۔۔

    سائين تمام سٺي شيئرنگ
     
  4. عابد بلوچ

    عابد بلوچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 جنوري 2013
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    719
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ايل ايل بي.
    ماڳ:
    Sukkur, Sindh
    سنڌڙي کي ان جو حق ڏيو
    ڊيمن کي توهان ڍڪ ڏيو
    ٿڃ ملهايو ڌرتي ماءُ جي
    فڪر نـ ڪيو هاڻي ساه جي
    سور سٺا هن گھڻا ڌرتي ما ءُ
    عظم جي ڪا جوت جلايو
    ڌرتي ماءُ جي ٿڃ ملهايو
    اٿو پئو جاڳي سڀ سنڌي
    ڳڏجي هلڻ جي پڪ ڏيو
    سنڌڙي کي ان جو حق ڏيو
    ڊيمن کي توهان ڍڪ ڏيو
    شاعر عابد بلوچ ديشي
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. شهمير سومرو

    شهمير سومرو
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2017
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
     
    معصوم سنڌي هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو