منهنجي راءِ: هن ملڪ ۾ وڏي ۾ وڏي پارٽي ”ڪنهن کي به نه“ آهي جيڪا هر دفعي کٽي ٿي اچي. انهي جا وؤٽر پڙهيا لکيا باشعور ۽ تبديلي پسند آهن. پر پوءِ به نه ته سندس اميدوار (ڪنهن کي به نه پارٽي) جو بيهي ٿو سگهي نه هو ان کي وؤٽ ٿا ڏيئي سگهن. هو به مجبور سندن اميدوار به مجبور. پر پوءِ اها پارٽي گذريل سٺ سالن کان کٽندي ٿي اچي.
دوستو! آزمايل ته سڀ آهن پر پو به ڀلا ڪا تبديلي هجي ته ٻڌائجو ۔۔۔ مونکي ته ڪا تبديلي ايندي نظر ڪون ٿي اچي ۔۔۔۔؟؟؟ ووٽ ڏجي ته ڪنهنکي ڏجي ۔۔۔۔ چوندا اهن ته: چور چورن جا يار ڪي حاجي ڪي زوار ۔۔۔۔۔
ابا! سياست سان ڪا دلچسپي تـ ناهي پر جي موقعو مليو تـ اهڙن سياستدانن کان مان پاڻ اليڪشن ۾ بيهندس۽ ايتري پڪ اٿم ڪا بهتر ۽ نئي تبديلي ضرور آڻيندس۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
ووٽ ان پارٽي کي ڏبو جنهن سنڌ ۽ سنڌي قوم جي حقن لا۽ جدوجهدون ڪيون ، مهاجرن الطاف جي مهاجر صوبي واري سازش کي دفن ڪيو۔ اها پارٽي جيهن اسلام آباد جي ايوانن تائين سنڌين پاران آواز محبت سنڌ بڻيل رهي ۽ هاڻ سنڌ سنڌين هر جدوجهد هر ميدان گڏ بيٺل آهي
ادا ووٽ ضرور ڏيو پوءِ ڪنهن کي به ڏيو پر ڏيو ضرور ۔ ڪجھ دوستن پاران تبديلي ناهي اچڻي واري نااميدي واري ڪيفيت سُٺي ناهي ۔ سماجي ارتقاء ۾ هر سماج انهي حالت مان گذريو آهي جنهن مان اسان اڄ گُذرون پيا ۔ ها اهو ضرور آهي ته دنيا جي ٻين سماجن جي رفتار اسان کان قدري تيز هئي اسان جي رفتار انتهائي سست آهي ۔ ان جي وجھ به آهي ته اسان وٽ جمهوريت جو تسلسل رهيو ناهي ۔ يقين ڪريو ته هي جمهوريت جو ڪارڻ ئي آهي ته هن وقت اوهان جو هڪ وزيرِ اعظم گهر ڀيڙو وڃي ٿيو آهي ٻيو اچڻ کان پهريان ئي ڊسڪواليفائيڊ ٿي چڪو آهي ۔ ٽيون هن وقت جنهن حالت مان گذري رهيو آهي ۔سا اوهان کان لڪل ناهي ۔ جمهوريت ۾ ڪئي فلٽر لڳل آهن جيڪي سماج جي چورن لُٽيرن کي فلٽر ڪندا آهن ۽ اڳتي هلي اوهان کي اهي ماڻهون ڏيندي جيڪي سماج کي ڪُجھ ڏئي سگهن۔ اوهان غور ڪريو جي انجاءِ تي ڊڪٽيٽر هجي ها ته اوهان جي سماج ۾ اها ڪيفيت هجي ها جا اڄ اسان جي سماج جي فرعونن سان ٿي رهي آهي ۔ هي ته اڃان شروعات آهي اڳتي هلو پنهنجي حق کي استعمال ڪريو پوءِ ڏسو ته ڇا ٿو ٿئي ۔ باقي سڀ پاڻ مُفتي راز جا راڻا آهيو اوهان جي مرضي آهي اسان جو ڪم هو صلاح ڏيڻ سو ڏني سون سڀ سُهڻا۔ وسلام
تمام سٺا خيال آهن،ٻار جڏهن ننڍو هوندو آهي ته چوندو آهي ته مان ڊاڪٽر ٿئي ڪري قوم ۽ غريبن جي خدمت ڪندس ۽ جڏهن ڊاڪٽر ٿيندو آهي ته قوم ۽ غريب هن کان وسري ويندا آهن ۽ پوء پيو پنهنجي جيب جي خدمت ڪندو آهي، سڀ ڳالهيون ان کان وسري وينديون آهن۔ ايئن نه ٿئي جو اوهان به اليڪشن کٽڻ کانپوء پنهنجو رخ ئي بدلائي ڇڏيو ۽ بهتري آڻڻ واري پنهنجي وچن کي وساري ڇڏيو۔