اڄوڪو ڏينهن 7 جنوري تاريخ جي دري مان

'جنوري' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏7 جنوري 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄوڪي ڏينهن 7 جنوري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

    جنم ڏينهن:
    7 جنوري 1886ع ڪراچي ميٽروپوليٽن جي اڳوڻي ميئر جمشيد مهتا جي پيدائش ٿي.
    7 جنوري 1890ع شاعر نورل شاهه نورل جو جنم ڏينهن آهي.
    7 جنوري 1899ع ڊرامه آرٽسٽ خانچند درياڻي (حيدر آباد / ممبئي) جو جنم ڏينهن آهي.
    7 جنوري 1907ع سياستدان گوڪل داس ڀاڳيا جو جنم ڏينهن آهي.
    7 جنوري 1913ع سياسي اڳواڻ غلام مصطفى ڀرڳڙي جو جنم ڏينهن آهي.
    7 جنوري 1925ع شاعر سعدالله سپاهي جو جنم ڏينهن آهي.
    7 جنوري 1930ع شاعر ارجن حاسد (ڪنڊيارو/ احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي.
    7 جنوري 1939ع سائنسدان ڊاڪٽر وڏل شاهه جو جنم ڏينهن آهي.
    7 جنوري 1940ع شاعر محب الله تبريز شاهه جو جنم ڏينهن آهي.
    7 جنوري 1949ع شاعر مسڪين چنا جو جنم ڏينهن آهي.
    7 جنوري 1953ع ڪهاڻيڪاره، شاعره ۽ محققه ڊاڪٽر تهمينه مفتي جو جنم ڏينهن آهي.
    7 جنوري 1985ع شاعر نصر الله شاد گڏاڻي جو جنم ڏينهن آهي.


    وڇوڙو:
    7 جنوري 1929ع ڪانگريس اڳواڻ ۽ شاعر راء بهادر سيٺ وشنداس ڀارواڻي ديهانت ڪري ويو.
    7 جنوري 1933ع هالا جي شاعر پير ميان غلام حسين شيدا جي وفات ٿي.
    7 جنوري 1953ع شاعر سردار گل محمد زيب مگسي (شهداد ڪوٽ) جو لاڏاڻو ٿيو.
    7 جنوري 1975ع سياستدان مير بنده علي خان ٽالپر (ٽنڊو محمد خان) جو لاڏاڻو ٿيو.
    7 جنوري 1986ع لاڙڪاڻي جو ليکڪ قربان بگٽي لاڏاڻو ڪري ويو.
    7 جنوري 1986ع ڪراچي سان تعلق رکندڙ ليکڪ محبوب علي جوکيو وفات ڪري ويو.
    7 جنوري 2007ع محقق، شاعر ۽ ليکڪ انور پيرزادولاڏاڻو ڪري ويو.
    7 جنوري 2007ع علمي شخصيت احمد حسين اي قاضي (پاٽ شريف) جو انتقال ٿيو.
    ___


    اڄوڪي ڏينهن 7 جنوري جا ڪجهه اهم واقعا

    [​IMG]
    حواله:

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
    روزانه ڪاوش
    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
    وڪيپيڊيا
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام

    ____
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏7 جنوري 2014
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    [​IMG]
    [​IMG]

    سائين در محمد صاحب ۽ سليمان وساڻ صاحب جي هي محنت به قابل تعريف آهي، در محمد صاحب اسان جي سنڌي ٻولي جو هڪ بهترين جاکوڙي عالم اديب آهي، جنهن جي سوانح تي ته اسان جو دوست محترم سليمان وساڻ صاحب ڪم ڪري چڪو آهي، جيڪا هيٺ پيش ڪجي ٿي،

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ سنڌ جي هڪ علمي، ادبي شخصيت۔محمد سليمان وساڻ
    سنڌ جي ناليواري، ليکڪ، محقق، تاريخدان، شاعر، ڪهاڻيڪار، ڊرامه نگار، مترجم، ڪالم نگار ۽ تعليمدان ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ کي سندس جنم ڏينهن تي واڌايون پيش ڪجن ٿيون.

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جو جنم 25 مئي 1945 ع تي خير محمد آريجا تعلقو ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو۔ پاڻ 1971 ۾ بي ايڊ، 1972 ۾ ايم اي سنڌي ادب ۾، ۽ 1979ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ”ڪراچي جو سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي ترقيءَ ۾ حصو “ جي عنوان تي اپي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ وڌيڪ تفصيل پڙهڻ لاء هت ڪلڪ ڪندا۔
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏7 جنوري 2014
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    غلام مصطفيٰ خان ڀرڳڙي ولد غلام محمد خان
    غلام مصطفيٰ خان ڀرڳڙي ولد غلام محمد خان 7 جنوري 1913ع ۾ ڄائو. ابتدائي -تعليم- ڊينگاڻ ڀرگڙي تعلقي جيمس -آباد-(ڪوٽ غلام محمد) ۾ ورتائين. بعد ۾ حيدرآباد جي نؤ ودياليه هاءِ اسڪول ۾ اچي -انگريزي- پڙهڻ ويٺو. سندس والد 1924ع ۾ انتقال ڪيو. هن کي ديرادون پبلڪ اسڪول ۾ پڙهڻ لاءِ موڪليو ويو. جتي 1931ع ۾ سينئير ڪيمبرج جو امتحان ڏنائين. مارچ 1931ع ۾ -ڀڳت سنگهه- ۽ دت کي ڦاسي اچڻ وقت هن ديرادون جي اسٽرائيڪ ۾ شرڪت ڪئي. -ان- ڪري کيس اتان ڪڍيو ويو. 1937ع ڌاري خاڪسار تحريڪ ۾ شامل ٿيو، جنهن ۾ کيس ” -امير-جانبازان هند“ جي عهدي تي نامزد ڪيو ويو. انهيءَ تحريڪ ۾ هو ڪيترائي سال ڪم ڪندو رهيو. يو پيءَ ۾ خاڪسار تحريڪ طرفان هلايل هلچل ۾ حصو وٺڻ سبب جيل به ويو. 1938ع ۾ مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو. 1946ع ۾ پهرين اليڪشن ۾ چونڊجي آيو. 1953ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جون ٻيهر چونڊون ٿيون، جن ۾ مسلم ليگ کان ٻاهر مخالف جماعتن جھڙوڪ پيپلز پارٽي، آزاد پاڪستان پارٽي، هاري پارٽي ۽ عوامي ليگ گڏجي متحده محاذ قائم ڪري اميدوار بيهاريا. انهن اميدوارن مان ست اميدوار چونڊجي آيا جن ۾ غلام مصطفيٰ به شامل هو. هو -ان- -اتحاد- جو ڊپٽي ليڊر هو. جڏهن 1954ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ کان سنڌ کي ون يونٽ ۾ داخل ڪرڻ جو ٺهراءُ پاس ڪرايو ويو ته -ان- ٺهراءُ جي مخالفت ۾ جن چئن ميمبرن ووٽ ڪيو هو، -تن- مان هڪ رئيس غلام مصطفيٰ خان ڀرڳڙي به هو. 1955ع ۾ مغربي پاڪستان اسيمبليءَ جون چونڊون ٿيون. جن ۾ به رئيس صاحب چونڊجي آيو. مغربي پاڪستان اسيمبليءَ ۾ ” سنڌ متحده محاذ پارٽي“ مخالفت ۾ هئي ۽ رئيس صاحب -ان- پارٽيءَ جو ڊپٽي ليڊر هو. ساڳئي سال ڪراچيءَ ۾ خان عبدالغفار خان جي صدارت هيٺ سنڌ -بلوچستان- ۽ فرنٽيئر صوبن جي عيوضين جي ون يونٽ خلاف ڪانفرنس ڪٺي ٿي. جنهن ۾ ”ائنٽي ون يونٽ فرنٽ“ ٺهيو، جنهن جو رئيس صاحب خزانچي چونڊيو ويو، -ان- کان پوءِ مغربي پاڪستان جي -ٽن- مکيه جماعتن (1) سنڌ متحده محاذ، (2) آزاد پاڪستان پارٽي ۽ (3) سرخ پوش جماعتن گڏجي ”پاڪستان نيشنل پارٽي“ قائم ڪئي، جنهن جو رئيس صاحب مکيه ميمبر رهيو. -ٿوري- وقت بعد ”پاڪستان نيشنل پارٽي“ ۽ عوامي ليگ گڏجي ڍاڪا ۾ ڪنوينشن سڏائي، ”پاڪستان نيشنل عوامي پارٽي“ ٺاهي. -ان- ڪنوينشن ۾ رئيس صاحب شرڪت ڪئي ۽ -ان- جماعت جو مکيه ڪارڪن ۽ ورڪنگ ڪاميٽيءَ جو ميمبر رهيو. رئيس صاحب حقيقت شناس، دور انديش، چٽو سياسي شعور رکندڙ باهمت قومي ڪارڪن هو. لکين رپيا پنهنجي ذاتي ضرورتن لاءِ هوندي به بنهه درويشانه ۽ سادي زندگي گذاريندو هو. هميشه -ترڪي ٽوپي- پائيندو هو ۽ خوش طبع ۽ خوش مزاج حد درجي جو هو، وڏا وڏا ٽهڪ ڏيندو هو. رئيس صاحب کي ٻه فرزند آهن. (2) رئيس عبدالقيوم ۽ (2) رئيس عبدالقادر.۔بشڪريه سنڌيانه
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو