ڀلاري حج جون مبارڪون

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏19 نومبر 2009۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ڀلاري حج جون مبارڪون

    دوستو، حج جو ڀلارو مهينو شروع ٿيو آهي ... هت مڪي پاڪ ۾ ته حج جو مهينو مطلب ماڻهون ئي ماڻهون ... رستن تي، دڪانن تي، گهرن ۾ ۽ حرم ۾ جيڏانهن ڪيان پرک تيڏانهن ماڻهن جو هجوم ... حاجي سڳورا (الله جا مهمان) عبادتن ۽ الله کي راضي ڪرڻ ۽ پنهنجن گناهن جي معافي وٺڻ ۾ مشغول آهن،

    جيتوڻيڪ هاڻ حج اڳي کان گهڻو سڻائو ٿي پيو آهي پر پوءِ به پرديس واريون ڏکايون پنهنجي جاءِ تي موجود آهن ...

    دوستو اڄ هڪ عرب سڳوري جي تقرير پئي هلي جنهن جو لب لباب هو ته پوري سال ۾ 10 راتيون ۽ 10 ڏينهن افضل ۽ الله وٽ مقبوليت لئه انتهائي اهم آهن .... رمضان جي آخري عشري جون راتيون ۽ انهن ۾ به قدر واري رات، ذوالحج مهيني جا شروعاتي 10 ڏينهن ۽ انهن ۾ به 9 ذوالحج (عرفات) وارو ڏينهن انتهائي اهم آهي جنهن ۾ دعائن جي اگهماجڻ جا موقعا ڪيترا ڀيرا وڌي ويندا آهن ...

    رب العزت کان دعا آهي ته هو اسان سڀني جون جيڪي حج تي آهن يا حج تي نه آهن انهن جون نيڪ خواهشون پوريون ڪري ۽ اسان کي سڌي راهه طرف رهنمائي ڪري انهن ماڻهن واري راهه طرف جن تي الله راضي ٿيو نه انهن ماڻهن واري راهه جن تي ڌڻي سڳورو ناراض ٿيو ...

    سنڌ سلامت ساٿ پاران سنڌي حاجين کي حج جي سعادت حاصل ڪرڻ جون اڳواٽ مبارڪون ...
     
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ادا سائين نثار ابڙا سنڌ ڌرتيءَ جِي پوترخاڪ مان پيدا ٿيل خُدا جا بندا هينئر مڪي پاڪ ۾ روزگار سانگي وڃڻ وارا۔۔۔۔۔۔۔۔۔ خوشنصيب آهن اهي اکيون جيڪي روئي رب پاڪ کي ريجهائن ٿيون۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔پنهنجي گناهن جي بخشش لاءِ حاجي سڳورا لبيڪ لبيڪ جون صدائون يقينن هڻندا هُوندا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اسان نيچ، هيچ، گهنگارن لاءِ به توهان کي التجائون ٿا ڪريون ته حج جي هن بابرڪت موقعي تي ضرور نالو وٺي دُعائون گهرندا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ٿي سگهي ٿو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اسان جي آجپي جِي ڪا ڳلي توهان جي دُعائن جي صدقي نڪري پئي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ حج واري مهيني جون توهان کي به کوڙ ساريون مُبارڪون
     
  3. علي منير پاٽائي

    علي منير پاٽائي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 جون 2009
    تحريرون:
    97
    ورتل پسنديدگيون:
    9
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    الســـــــلام علـــــــيكڪم ورحــــمـة الله وبرڪات
    ادا سائين نثار ابڙا صاحب خير مبارڪون ۔ اسان سڀني مسلمين ڀائرن ۽ ڀينرن لاءِ بارگاه اِيزدي ۾ خيرت ۽ اِيمان ۽ سلامتي ۽ حج ڪرڻ جو طلبگار آهيان آمين۔ ۽ سڀني ڀائرن ۽ ڀينرن کي عرض آهي هي تڪبير پڙهندا رهن ۔ ۽ منهنجي طرف کان توهان سڀني کي عيد جون اڳواٽ لک لک مبارڪون ۔
    الله اڪبر الله اڪبر لا اِله الا الله
    الله اڪبر الله اڪبر ولله الحمد
    الله اڪبر ڪبيرا والحمد لله كڪثيرا
    وسبحان الله بڪرتاٍٍٍٍ وأاأصيلا ۔
    توهان جودعاڳو الله نگھبان
    علي منير پاٽائي
    مڪـوپاڪ
    sindhsalamatsaathsal
    http://www.youtube.com/watch?v=pBkubo9PKI8
     
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    ساؕئين نثار ابڙو صاحب! بس هڪڙي دعا اسان غريبن لاءِ به گهري ڇڏجو، ته الله منهنجي والدين کي حج نصيب ڪري۔۔۔۔۔ سندس کي وڏي حسرت آهي ته ڪڏهن ٿو الله پنهنجي ڀلاري پسند ڪيل سرزمين تي گهرائي۔۔۔۔۔
     
  5. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور


    سائين ان دعا ۾ فقير جي لا۽ به دعا گهرجو ته جيئن مان پنهنجي جيجل امڙ کي ان بابرڪت سرزمين تي موڪلي سگهان ڇو جو مون جو والد صاحب اها آس من ۾ کڻي ڪري هي فاني دنيا ڇڏي چڪو آهي

    صرف دعا

    sindhsalamatsaathsal
     
  6. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    ادا علي منير پاٽائي شال رب ڪريم اوهان کي آباد رکي۔۔۔ اوهان کي جس هجي جو اوهان اهڙي ايمان افروز وڊيو اسان سان ونڊ ڪئي۔۔۔۔ بس ادا سائين اوهان کي تمام حقير قسم جو عرض آهي ته اسان سنڌ سلامت جي دوستن جا نالا وٺي ڪري دعائون گهرندا ۔۔۔۔۔۔۔۔ خاص ڪري اڄ اسان جو هڪ نئون دوست حاضرِ مجلس آهي ان جي حق ۾ به دعا گهرندا۔۔۔
    نئين دوست جو نالو آهي ۔۔۔ فقير محمد يونس جسڪاڻي المعروف ”خاڪي“ ۔۔۔۔۔۔۔۔

    shal judy hujeensadayeen gud
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو