سنڌ ۾ سِم ۽ سِم نالن جي تباهي: هڪ ڊاڪومينٽري۔

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ مست طرفان آندل موضوعَ ‏20 نومبر 2009۔

  1. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    السلام عليڪم دوستو!
    جيئن ته توهان کي خبر آهي ته هن وقت سنڌ کي درپيش ڪيترن ئي خطرناڪ مسئلن سبب سنڌ تباهي ڪناري پهچي چڪي آهي۔ هڪ وڏو مسئلو جيڪو سنڌ جي زمينن کي درپيش آهي ۽ هٿرادو نموني صرف سنڌ جي زراعت کي ختم ڪرڻ لاءِ هڪ مخصوص صوبي پاران پيدا ڪيو ويو آهي، اُهو آهي سم نالن جو مسئلو۔۔۔ جنهن سان سنڌ جي لکين ايڪڙ (شايد لکين ايڪڙن کان به مٿي) زمين سم ۽ ڪلر جي ور چڙهي وئي آهي۔۔۔
    اونئن به سنڌ ۾ سم ۽ ڪلر هئي پر صرف ڪجهه علائقن ۾ جتي جر جو پاڻي مخصوص ليول کان مٿي هو، پر هاڻي هن نين آفتن جي ڪري سنڌ جي زمينن سان ويڌن ڪيترائي ڀيرا وڌي چڪي آهي۔۔۔
    هن سلسلي ۾ سنڌ جي هڪ ماحولياتي آرگنائيزيشن پاران سانگهڙ ضلعي ۾ سم جي تباهه ڪارين جي باري ۾ هڪ ڊاڪومينٽري جوڙي وئي آهي، جنهن جي اندر وڊيو ثبوت ۽ انهن علائقن جو سروي ۽ علائقي واسين جا ويچار، اُن کان پوءِ سنڌ جي مختلف تعليمي ۽ سماجي ادارن جي ماهرن جو رايو ۽ ڳڻتيون پڻ هن ۾ شامل ڪيل آهن۔۔۔
    مان سمجهان ٿو ته توهان سڀني کي هن ڊاڪومينٽري سان سنڌ جي اندر سم ۽ سم نالن جي تباهه ڪاري جو ڪجهه اندازو ضرور ٿيندو۔۔۔
    وڊيو لاءِ هيٺين پوسٽ ڏسو۔۔​
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    هن سلسلي ۾ مان ٿورائتو آهيان سائين قربان علي شاهه آف شهداد پور، جنهن هي بهترين وڊيو ڊاڪومينٽري بڻائي ۽ مون سان ونڊ ڪئي۔۔۔۔
    http://www.youtube.com/watch?v=LHp_RiskmWQ
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
  4. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ادا ڄامشورائي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔يار مونکي معاف ڪري ڇڏجان ايتري زبردست ڊاڪومينٽري سم ۽ ڪلر جي باري ۾ مان وقت سر ڏسي نه سگهيس۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔هن ڊاڪومينٽريءَ جو هڪ هڪ لفظ ٻُڌم ۽ هينئن سان پڻ هنڊايم۔ ڪاش اسان جا سنڌي ڄاڻو اڃان به اڳتي اچن۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ۽ اسان جا سنڌي انهيءَ سنڌ جي ٻني ٻارن جي دشمن نمبر ون ڪلر ۽ سم سان مهاڏو اٽڪائن۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ توهان کي جس هُجي جو ايتري بهترين ڊاڪومينٽري وارا وڊيو توهان اسان سان ونڊ ڪيا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  5. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    سائين! معافي جو لفظ سو به اسان جونيئرن جي اڳيان۔۔۔؟ سائين ڇو ٿا اسان کي شرمندو ڪريو۔۔۔
    باقي مان ڄاڻان ٿو اسان جي هن فورم جا قائم ڪندڙ نوڪرين وارا آهن ۽ ڪم ڪار جي ڪري حاضري گهٽ رکن ٿا پر سٺي ڳالهه کي نيٺ ورندي ڏيندا۔۔۔
    سائين هي وڊيو مون وقت جي نزاڪت سمجهي شيئر ڪئي آهي، اُميد ته توهان کي گهڻو ڪجهه هن ۾ سمجهڻ لاءِ مليو هوندو۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو