نارائڻ شيام : وطن ورڻ ته ڇا کيس سرحد ڏسڻ نصيب نه ٿي رکيل مورائي اڄ جڏهن سچ پچ سنڌي شاعريءَ جو وڏو حصو مقام ڏانهن وڃي رهيو آهي، تڏهن اسان جو اهو فخر اڌ رهجي وڃي ٿو ته سنڌ شاعريءَ جي معاملي ۾ خوشحال آهي. اهڙين حالتن ۾ اسان کي وري پنهنجي ماضيءَ ڏي ڏسڻو ٿو پوي ۽ ايئن وري هڪ نئون فخر ٿئي ٿو ته سنڌ وٽ شاعريءَ جي صورت ۾ ڪجهه آهي ضرور. وقتي طور جيڪڏهن ڪا تخليقي طور گهٽتائي آئي آهي ته ان جو ازالو وقت ڪري وٺندو. اهو اطمينان سرهائي بخشي ٿو. سنڌي شاعريءَ جي گهڻن ئي فخر جوڳن حوالن مان هڪ حوالو سنڌ جي ساهتي پرڳڻي مان جنم وٺندڙ نارائڻ شيام آهي. جيتوڻيڪ ايئن چوندي به اسان سنڌ وارن کي فخر ٿئي ٿو ۽ خود ساهتي پرڳڻي کي به فخر ٿئي ٿو ته هند ۾ سنڌي تخليقي شاعريءَ جا گهڻي ڀاڱي اهم نالا ساهتي پرڳڻي سان تعلق رکن ٿا. مثال طور؛ نارائڻ شيام، ايم ڪمل، ارجن حاسد، ارجن سڪايل ۽ لڇمڻ ڪومل. ادب جي ٻين شاخن ۾ اڻ ڳڻيا نالا ساهتي پرڳڻي سان واسطو رکن ٿا. پر انهن ۾ اهم حوالو سنڌ لاءِ فخر جوڳو اهو آهي ته نارائڻ شيام سنڌي ٻوليءَ جو شاعر آهي، لڇمڻ ڪومل ڪٿي لکيو آهي ته ”سٺ واري ڏهاڪي ۾ ايشين رائٽرس ڪانفرنس دهليءَ ۾ ٿي رهي هئي، جنهن جي مشاعري جي صدارت پابلو نرودا ڪري رهيو هو، جڏهن نارائڻ شيام پنهنجو ’روپ مايا‘ جي نالي سان نظم پڙهيو ۽ ان جو ترجمو پابلو نرودا ٻڌو ته ڪرسيءَ تان اٿي مائيڪ تي چيائين ته ڪنهن اڻ سڃاتل ٻوليءَ ۾ ههڙي شاعري ٿي رهي آهي؟“ ايئن نارائڻ شيام تي اسان سنڌي شاعري جي حوالي سان جيترو فخر ڪريون اهو گهٽ آهي. هو سنڌي شاعريءَ کي اهڙي نفاست ۽ نزاڪت ڏيندڙ شاعر آهي، جنهن جو مٽ وري ڪوبه شاعر نه ٿي سگهيو آهي. هن جي شاعري جي نزاڪت ۽ نفاست ڏسي ۽ پڙهي محسوس ٿيندو آهي ته سنڌي شاعري سورنهن ئي سينگار ڪري، پنهنجي ڀرپور جوانيءَ جو درشن ڪرائي رهي آهي. سندس شعر سندس نالي سان ئي سڃاپي ٿو. مثال طور هن سنڌ کان پري رهي، جڏهن محسوس ڪيو ته سنڌ هاڻ اسان جي نه رهي آهي ته هن پاڻ کي آٿت ڏيڻ لاءِ هيءَ ترائيل لکيو، جيڪو سرحدن جي ٻنهي پاسي ڏاڍو پڙهيو ويو ۽ شايد سنڌي ڪڏهن به هن شعر کي نه وساري سگهن: سنڌ کي ڪونه ڇڏائي ڪو سگهي سنڌين کان، سنڌ سنڌين ۾ وسي، سنڌ هِتي، سنڌ هُتي، ملڪ بڻجي ٿو مٽيءَ سان نه مگر ماڻهن سان، سنڌ کي ڪونه ڇڏائي ڪو سگهي سنڌين کان ڄاڻ ماڻهن جي پوءِ صاف سندن ٻوليءَ مان، شيامَ ڳالهائجي سنڌي ٿي جتي، سنڌ اُتي، سنڌ کي ڪونه ڇڏائي ڪو سگهي سنڌين کان، سنڌ سنڌين ۾ وسي، سنڌ هِتي، سنڌ هُتي. سنڌي ٻوليءَ جو سدابهار شاعر نارايڻ شيام جنهن سنڌ کان پري رهي تبديل ٿيل حالتن کان مايوس ٿي هيءُ شعر به لکيو ۽ رنو هو ته: الا ايئن مَ ٿئي جو ڪتابن ۾ پڙهجي، ته هُئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي. نارائڻ شيام ۲۲ جولاءِ ۱۹۲۲ع ۾ ساهتي پرڳڻي جي ڳوٺ کاهي قاسم ضلعي نوشهري فيروز ۾ گوڪلداس ناگواڻيءَ جي گهر جنم ورتو. نارايڻ شيام اياز کان پوءِ سنڌيءَ جو وڏو شاعر مڃيو ويو آهي. سنڌ ۾ اياز ۽ هند ۾ نارايڻ شيام، ٻه اهڙا سنڌي شاعر هئا، جن هند ۽ سنڌ جي ادبي وايومنڊل کي ڳنڍي رکيو. نارايڻ شيام ورهاڱي کان پوءِ دهليءَ ۾ وڃي رهيو ۽ آخري گهڙيءَ تائين سنڌ ڏسڻ لاءِ تڙپندو رهيو. جنهن جو اظهار هن پنهنجي هڪ شعر ۾ هيئن ڪيو آهي: الائي ڪنهن گهڙيءَ ان مان شيام نڪتاسين، وطن ورڻ ته ڇا، سرحد ڏسڻ نصيب نه ٿي. ننڍو وات، وڏي ڳالهه؛ ليکي وڃي پر پوءِ چوڻ چاهيان ٿو ته نارايڻ شيام جي مٿين ٻن سٽن جو درد تارازيءَ جي هڪ پڙ ۾ وجهبو ۽ ٻئي پڙ ۾ ورهاڱي جي درد سان ڀريل ڪيئي ڪتاب رکبا ته هنن سٽن جو بار وڌي ويندو. ان درد ۽ پيڙا سان ڀريل شاعريءَ سان گڏ هُن سنڌي شاعريءَ کي نئين نفاست ۽ نزاڪت به ڏني، سندس شاعريءَ جا ڪيترائي ڪتاب، هند توڙي سنڌ ۾ ڇپيا آهن. مان ان چوڻ ۾ هن جي ڪا به وڏائي بيان نه ٿو ڪريان، پر اهو سچ آهي، ته نارايڻ شيام تي سموري سنڌ سان گڏ نوشهري فيروز جي ادبي تاريخ فخر ڪندي ته ان هڪ غير معمولي شاعر کي جنم ڏنو. نارائڻ شيام کي سندس ڪيترن ئي ڪتابن تي اڻ ڳڻيا انعام ڏنا ويا. آئون ته هوند ايئن چوان ته هن انعام وٺي انهن انعامن کي عزت بخشي آهي، سندس ڪتاب ”واريءَ ڀريو پلاند“ تي کيس مرڪزي ساهتيه اڪيڊميءَ ۱۹۷۰ع ۾ هند جو نهايت وڏو ادبي انعام ڏنو ويو. نارايڻ شيام۱۰ جنوري ۱۹۸۹ع تي سنڌ نه ڏسي سگهڻ جي آس دل ۾ سانڍي عالم جي لاجواب شهر دهليءَ ۾ وفات ڪئي. سندس ڇپيل ڪتابن هيٺيان آهن: 1. ماڪ ڦڙا، (شاعري) ۱۹۵۳ع، (هري دلگير سان گڏ)، 2. پنکڙيون، (شاعري) ۱۹۵۵ع، 3. رنگ رتي لهر، (شاعري) ۱۹۵۶ع، 4. روشن ڇانورو، (شاعري) ۱۹۶۲ع، 5. ماڪ ڀنا رابيل (شاعري) ۱۹۶۴ع، 6. واريءَ ڀريو پلاند، (شاعري) ۱۹۶۸ع، 7. آڇيندي لڄ مران، (شاعري) ۱۹۸۲ع، 8. مهڪي ويل صبح جي، (شاعري) ۱۹۸۳ع، 9. نه سورنگ، نه سا سرهاڻ (شاعري) ۱۹۸۷ع، 10. بوند، لهرون ۽ سمنڊ (شاعري) ۱۹۸۸ع، 11. ڏات ۽ حيات-۱ (شاعري) ۱۹۸۸ع، 12. ڏات ۽ حيات-۲ (شاعري) ۱۹۹۸ع. اڄ سندس ورسيء ڏينهن تي سنڌ کيس ياد ڪري رهي آهي، هو سُرڳ ۾ به سنڌ جي ان گرم جوشيءَ کي محسوس ڪندو هوندو ۽ اسان جون نيڪ خواهشون قبول ڪندو اهڙي پڪ آهي.
ڪوئل جي ڪونجار، مون نه جواني ۾ لکي! هير ڀني جي اوٽ ۾، آئي جا هٻڪار، مون نه جوانيءَ ۾ لکي! پوپٽ نچندا ئي رهيا، رنگ رتي جهنڪار، مون نه جوانيءَ ۾ لکي! نيري نڀ جي گهور ۾، هيئن اُڪير اَپار، مون نه جوانيءَ ۾ لکي! وڻج نجو ئي نور جو تارن جي بازار، مون نه جوانيءَ ۾ لکي! ڪهڙي ڌُن ۾ ڌُوڪبي، ويئي ڪيئي ڄمار، مون نه جوانيءَ ۾ لکي! نارائڻ شيام
نَئين آهي نِت ناز وارن جي ٻولي. نِگاهُن اَدائُن اِشارن جي ٻولي. مِٺي آهي ڪوئل جي ڪوُ ڪوُ مِٺي آ، مِٺي آهي سچُ بيقرارن جي ٻولي. خِزان حالُ اوري ته ڪنهن ساڻُ اوري، سَڀيئي سِکيا جي بَهارُن جي ٻولي. مِٽيءَ جي ذرن جو ته ڪُجھ حالُ سَل توُن، ڏُکي ناهي سمجھڻ سِتارَن جي ٻولي. اَلا ! اِئين نه ٿِئي جو ڪِتابن ۾ پڙهجي، ته هُئي سِنڌُ ۽ سِنڌُ وارن جي ٻولي.