اڄوڪو ڏينهن 10 جنوري تاريخ جي دري مان

'جنوري' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏10 جنوري 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄوڪي ڏينهن 10 جنوري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون

    جنم ڏينهن:

    10 جنوري 1886ع لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ شاعر ميان غلام سرور قادري جو جنم ڏينهن آهي.
    10 جنوري 1904ع ميهڙ سان تعلق رکندڙ شاعر خدا بخش خادم جو جنم ڏينهن آهي.
    10 جنوري 1907ع شاعر محمد رمضان آزاد جو جنم ڏينهن آهي.
    10 جنوري 1910ع سياستدان سيد غلام قادر لڪياري جو جنم ڏينهن آهي.
    10 جنوري 1911ع گلوڪار ۽ شاعر مانو تولارام گدواڻي (بوبڪ / جئپور) جو جنم ڏينهن آهي.
    10 جنوري 1924ع تعليمي ماهر ڊاڪٽر شمس عباسي جو جنم ڏينهن آهي.
    10 جنوري 1924ع ليکڪ ديو ناٿاڻي جو جنم ڏينهن آهي.
    10 جنوري 1924ع شاعر ۽ سياستدان عبدالواحد اعجاز ڀيو جو جنم ڏينهن آهي.
    10 جنوري 1941ع سگهڙ حاجن سومرو جو جنم ڏينهن آهي.
    10 جنوري 1942ع شاعر آس محمد صالح جو جنم ڏينهن آهي.
    10 جنوري 1945ع اداڪار ۽ شاعر رشيد صابر جو جنم ڏينهن آهي.
    10 جنوري 1948ع شاعر علي محمد ساقي جو جنم ڏينهن آهي.
    10 جنوري 1954ع ليکڪ، شاعر ۽ محقق مظفر منگي جو جنم ڏينهن آهي.
    10 جنوري 1955ع ليکڪ محمد قاسم حيدر جو جنم ڏينهن آهي.
    10 جنوري 1971ع گلوڪار اميد علي ڀٽ جو جنم ڏينهن آهي.
    10 جنوري 1972ع شڪارپور سان تعلق رکندڙ شاعر عبدالجبار عاجز جو جنم ڏينهن آهي۔

    وڇوڙو:

    10 جنوري 1979ع ڪلاسيڪيل راڳي استاد اميد علي خان جو انتقال ٿيو.
    10 جنوري 1989ع مشهور شاعر نارائڻ شيام ديهانت ڪري ويو.
    10 جنوري 2003ع يڪتاري ۽ چپڙي جي بي تاج بادشاهه عوامي فنڪار جلال چانڊيو جو لاڏاڻو ٿيو.
    10 جنوري 2004ع قومپرست سياستدان عبدالحميد خان جتوئي جو انتقال ٿيو.
    10 جنوري 2005ع مشهور شاعر وفا ناٿن شاهي جو لاڏاڻو ٿيو.
    10 جنوري 2012ع سيد علي مردان شاهه پير صاحب پاڳاري جو لاڏاڻو ٿيو.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏21 ڊسمبر 2014
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    عبدالحميد جتوئي: سنڌ جو مثالي قومي ڪردار
    ذاڪر حسين راڌڻ
    عام طور تي اهو چيو ويندو آهي ته سنڌ جي وڏيرن هميشه سنڌ دشمن فيصلا ڪيا آهن، پر سڀني لاءِ اهو چوڻ سراسر زيادتي ٿيندي، ڇو ته وڏيرن ۾ شهيد الله بخش سومرو، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، سائين جي ايم سيد، عبدالحميد خان جتوئي، سائين امداد محمد شاهه ۽ اعجاز علي خان جتوئي به شامل آهن.

    عبدالحميد خان جتوئي 1922ع ۾ ميهڙ تعلقي جي ڳوٺ ٻيٽو جتوئيءَ ۾ قادر بخش خان جتوئيءَ جي گهر جنم ورتو ۽ 1953ع ۾ اسيمبلي ميمبر بڻيو. سندس ميمبر هجڻ دوران 1954ع ۾ جڏهن سنڌ اسيمبلي ۾ ون يونٽ ٺاهڻ لاءِ ٺهراءُ آندو ويو ته پير الاهي بخش، شيخ خورشيد احمد ۽ رئيس غلام مصطفيٰ ڀرڳڙيءَ سان گڏ ان جي خلاف ووٽ ڪيائين. جڏهن ته سائين جي ايم سيد کي نظر بند ڪيو ويو هو، پر اڪثريت جي بنياد تي ون يونٽ ٺهي ويو. ان بعد هو سائين جي ايم سيد، غلام مصطفيٰ جتوئي ۽ مخدوم طالب الموليٰ سان گڏ ون يونٽ ٽوڙائڻ لاءِ ڪوششون ڪندو رهيو، ايوبي آمريت ۾ 4 مارچ تي احتجاج ڪندڙ شاگردن جو نه صرف ضامن پيو پر جڏهن هڪ تقريب ۾ ان واقعي جو ذميوار سنڌ جو ڪمشنر مسرور احسن ساڻس هٿ ملائڻ لاءِ اڳتي وڌيو ته کيس چيائين ته پري ٿي تون اسانجي ٻچن جو قاتل آهين 1973ع جي آئين تي اهو چئي صحيح نه ڪيائين ته ان ۾ سنڌ جي حيثيت ۽ تشخص کي ختم ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ان وقت جي حڪمران کيس اهو چيو ته 10 سالن بعد صوبائي خود مختياري ڏني ويندي ته کيس چيائين ته توکي ڪهڙي پڪ اهي ته تون ڏهه سال جيئرو به هوندين ۽ وزيراعظم به ؟ جنهن ڪري کيس ڪوڙن الزامن ۾ جيل ته موڪليو ويو، پر وقت گذرڻ سان سندس موقف سچو ثابت ٿيو جنهن ڪري ارڙهين ترميم جي ضرورت محسوس ٿي ۽ ان تحت ڏنل صوبائي خودمختياري به صرف ڪاسميٽڪ ٿي لڳي . عبدالحميد خان جتوئي جون 1985 کان 1988 تائين قومي اسيمبليءَ ۾ ڪيل تقريرون يادگار ۽ ٻين اسيمبلي ميمبرن لاءِ قابل رشڪ آهن. جڏهن ٽوڙي ڦاٽڪ ڪيس جي اسيرن (جن ۾ موجوده ايم اين اي گل محمد جکراڻي به شامل هو) کي سزائون ڏيڻ جون تياريون ڪيون ويون ته هن قومي اسيمبليءَ ۾ تقرير ڪندي چيو: ”جيڪڏهن اسان جي ٻچن کي ڪابه انتهائي سزا ڏني وئي ته ته پنهنجي پيءَ جا حلالي پٽ هونداسين ته وري توهانجي اسيمبلين ۾ نه اينداسين“ ان بعد پير بخش خاصخيلي سميت 65 ميمبرن سان گڏ واڪ آئوٽ ڪري هليو ويو ۽ وزيراعظم محمد خان جوڻيجو طرفان اسيمبليءَ ۾ اچي انهن جي آزاديءَ جو يقين ڏيارڻ تائين واپس نه آيو. اهڙي طرح سائين جي ايم سيد کي نظر بند ڪيو ويو ته تقرير ڪندي چيائين ته جي ايم سيد اهو ماڻهو آهي جنهن سنڌ اسيمبليءَ ۾ پاڪستان لاءِ ٺهراءُ پاس ڪرايو، پر جيئن ئي پاڪستان ٺهيو ته کيس جيل ۾ وڌو ويو جناب اعليٰ اسان اهڙا ڪم به ڪريون پوءِ به اسان کي جيلن ۾ وڌو وڃي ته اسان توهانجي مخالفت نه ڪنداسين ته ڇا توهان جا ترانا ڳائينداسين ؟

    هڪ موقعي تي تقرير ڪندي چيائين ته هڪ پاڪستاني رانديگر ۽ هڪ ٻيو غير ملڪي ڪشتي وڙهي رهيا هئا ته مان دعا گهري رهيو هيس ته الله ڪري ته اهو غير ملڪي ماري وڃي جنهن تي مون کي منهنجي ڀر ۾ ويٺل دوست چيو ته اها ڪهڙي ٿو دعا گهرين؟ ته مون چيومانس ته جيڪڏهن پاڪستاني رانديگر کٽي ويو ته ان کي انعام ۾ ٻني وري سنڌ جي ڏيندا.

    جڏهن ممتاز علي ڀٽو ۽ عبدالحفيظ پيرزادي کي ”سنڌي بلوچ پشتون فرنٽ“ ٺاهڻ بعد جيل موڪليو ويو ته قومي اسيمبليءَ ۾ تقرير ڪندي چيائين ته ڪنفيدريشن جي ڳالهه پٺاڻ ۽ بلوچ به ڪن ٿا پر جيلن ۾ رڳو سنڌ جي اڳواڻن کي وڌو ويو آهي آخر ڇو؟ سنڌ پاڻمرادو پاڪستان ٺاهيو هو ان کي فتح ڪونه ڪيو ويو هو ۽ پاڪستانٺاهيندڙن کي حب الوطني ۽ غداريءَ جا سرٽيفڪيٽ ڏيڻ جو حق انهن کي ڪونهي جيڪي پاڪستان ٺاهڻ رڳو ٺهراءَ به پاس نه ڪري سگهيا. هڪ دفعي قومي اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي چيائين ته هڪ دفعي کيس هڪ وڏي دعوت ۾ وڃڻ جو موقعو مليو جتي ڏسي ته الاهي مرسيڊيز، ڪرائون، شيورليٽ، ۽ ٻيون مهانگيون گاڏيون بيٺيون هيون، اهي ڏسي ماڻهن کان پڇيائين ته اهي ڪنهن جون گاڏيون آهن؟ خبر پيس ته اهي فلاڻن فلاڻن ڪرنلن، برگيڊيئرن، ميجر، جنرلن ۽ ليفٽيننٽ جنرلن جون آهن. مان پڇا ٿو ته انهن جي پگهار گهڻي هوندي، پندرهن هزار، ويهه هزار، ٽيهه هزار ( ان وقت ويهين، ايڪهين، ۽ ٻاويهين گريڊ جون پگهاريون ايتريون هونديون هيون ) ، پوءِ انهن ايترا پئسا ڪٿا آندا؟! ۽ ٻيو ته جيڪي ايڏيون عياشيون ڪري رهيا آهن اهي جنگ لڳي ته بارڊر تي ڪونه ويندا. سندس ان ڪردار ڪري جنرل ضياءَالحق کيس A.K بروهيءَ معرفت گورنر بنائڻ جي آڇ ڪئي جنهن کان انڪار ڪندي چيائين ته مان سنڌ لاءِ ڳالهائڻ بند نه ٿو ڪري سگهان. جڏهن کيس ڪراچي جي ٻن پلاٽن جا الاٽمينٽ آرڊر ڏنا ويا ته هن ان وقت جي وزير اعليٰ اڳيان چيو ته مونکي پلاٽن ۽ پرمٽن جي سياست سٺي نه ٿي لڳي. هو اڄوڪي دور جي ماڻهن جا افعال ڏسي چوندو هو ته اسان جي وقت ۾ پيسو نه هو پر عزت هئي ۽ هاڻي پيسو گهڻو آ پر عزت ڪانهي، انهن ڳالهين ڪري ان تي سائين جي ايم سيد به وڏو اعتماد ڪندو هو ۽ کيس ممتاز علي ڀٽو، عبدالواحد آريسر، گل محمد جکراڻي ۽ عبدالحفيظ پيرزادو جي موجودگيءَ ۾ سنڌ قومي اتحاد جو چيئرمين چونڊرايائين.

    1999ع ۾ جڏهن قومي اسيمبليءَ ۾ نواز شريف جي موجودگيءَ ۾ شريعت بل خلاف تقرير ڪري ٻاهر نڪتو ته کائنس پڇيو ويو ته توهانجو پٽ وزير اعليٰ آهي ۽ اوهان وري حڪومت خلاف تقريرون ٿا ڪريو؟ ته وراڻيائين ته ”مان چيف منسٽريءَ خاطر سنڌ جو سودو نه ڪندس“ ان جي ٻئي ڏينهن تي سائين جي ايم سيد جي فرزند سائين امداد محمد شاهه اخبار وارن سان ڳالهائيندي چيو ته ”عبدالحميد خان پنهنجي جواني ياد ڏياري ڇڏي“ جيڪڏهن رڳو ڏهه پندرنهن ميمبر به عبدالحميد خان جي تقليد ڪن ته چشما جهلم لنڪ ڪئنال تي ٺهندڙ پاور پلانٽ جو ڪم بند ٿي ويندو، پر سڀ سنڌ دشمن منصوبا هميشه لاءِ دفن ٿي ويندا.

    سندس وفات تي روزانه جنگ، ڊان، هفتيوار مئگ ۽ ماهوار هيرالڊ ۽ ٻين اخبارن ۽ رسالن ۾ ڪائوسجي، علي حسن، احمد صادق (رٽايرڊ بيورو ڪريٽ) ۽ عبدالواحد آريسر جهڙن شخصيتن به تعريفي مضمون ۽ ڪيترين ئي اخبارن ايڊيٽوريل لکيا.

    هو سياست ۾ سائين جي ايم سيد، سيد علي اڪبر شاهه (ميهڙ وارو) ، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ غوث بخش بزنجي کان متاثر هو، جنهن ڪري ڪڏهن ڪڏهن چوندو هو ته افسوس جو اسان جي قوم جي ايم سيد ۽ حيدر بخش جتوئي جهڙن ماڻهن جو قدر نه ڪيو. سندس دوستن ۾ سائين جي ايم سيد، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، شاهه مردان شاهه پير صاحب پاڳارو، غوث بخش بزنجو، الله بخش سومرو، احمد ميان سومرو، خان عبدالولي خان، نواب اڪبر بگٽي، عطاءَالله مينگل، يوسف اي هارون، محمود اي هارون، قاضي فضل الله، معراج خالد، غلام اسحاق خان (اڳوڻو صدر)، نواب احمد سلطان چانڊيو، نواب شبير احمد چانڊيو، غلام مصطفيٰ خان جتوئي، حاڪم علي زرداري، سيد امداد محمد شاهه، سيد محمد راضي شاهه (سيتا وليج وارو)، ميان عبدالرحمان سومرو ( شاهه پنجي وارو)، رئيس اشرف خان لغاري (راوت لغاري وارو)، رئيس خان محمد گاڏهي (علي حسن خان گاڏهي جو والد) ۽ بخشل خان ناريجو (ٿرڙي محبت وارو) شامل هئا.

    خان صاحب آخري وقت تائين پنهنجن اصولن تي قائم رهيو ۽ وفات کان ٻه هفتا کن اڳ به هڪ اخبار ۾ سندس بيان ڇپيو ته .

    “ڪالا باغ ڊئم جا حامي منهنجي جنازي ۾ نه اچن.”

    سندس اهميت جو اندازو ان مان به لڳائي سگهجي ٿو ته سندس وفات تي اڳوڻي وزير خارجه خورشيد احمد قصوريءَ چيو هو ته عبدالحميد خان جن هدايت جا مينار هيا اڳوڻي وفاقي وزير اطلاعات شيخ رشيد احمد چيو ته هو ته اڄ اصولن جي سياست ختم ٿي ويئي، مرحوم غلام مصطفيٰ خان جتوئيءَ چيو ته هو ٻن سياستدانن ذوالفقار علي ڀٽو ۽ عبدالحميد خان جتوئيءَ کان متاثر هيو، اڳوڻي وزير اعليٰ ارباب غلام رحيم چيو هو ته هو گهٽ ماڻهن کان متاثر ٿيندو آهي، جن ماڻهن کان هو متاثر آهي انهن مان عبدالحميد خان هڪ آهي، ڇو ته هو چٽو موقف رکندو هو ۽ سندس قول ۽ فعل ۾ تضاد نه هو، مرحوم پير صاحب پاڳاري چيو هو ته عبدالحميد خان ڪيئي رڪارڊ قائم ڪيا انهن مان سندس فيصلا اهم آهن، جڏهن ته وڏيري شاهنواز جوڻيجي چيو هو ته عبدالحميد خان جتوئي سنڌ جي روايتن جو امين هو.
     
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    خان صاحب آخري وقت تائين پنهنجن اصولن تي قائم رهيو ۽ وفات کان ٻه هفتا کن اڳ به هڪ اخبار ۾ سندس بيان ڇپيو ته .
    “ڪالا باغ ڊئم جا حامي منهنجي جنازي ۾ نه اچن.
    جتوئي صاحب جا انصاف وارا فيصلا پوري سنڌ ۾ مشهور آهن۔

    [​IMG]
     
  4. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ڊاڪٽر شمس عباسي جي شخصيت
    ۔
    [​IMG]

    ۔ ڊاڪٽر شمس عباسي پاڪستان جي نالي واري شخصيت آهي ۽ سنڌ ۾ عورتن جي تعليم ۾ پنهنجون ڪوششون وٺڻ تي کيس عالمي سطح تي به سڃاتو وڃي ٿو. محترمه شمس عباسي سنڌ جي قاضي خاندان سان لاڳاپو رکي ٿي.
    سندس والد قاضي عبدالقيوم ۽ چاچي فتح محمد سيوهاڻي پاڪستان جي قيام واري جدوجهد ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪيو. آپا شمس عباسي جي والد جي لاڏاڻي کانپوءِ کيس امڙ سنڀاليو ۽ اعليٰ تعليم ڏياري، قاضي عبدالقيوم جا 4 پٽ ۽ 2 نياڻيون هيون. جن ۾ قاضي محمد اڪبر، قاضي عبدالمجيد عابد، قاضي اڪرم، قاضي محمد اعظم، آپا شمس ۽ هڪ ٻي ڀيڻ شامل آهن. جنهن کي سندن ماءُ پاليو ۽ تعليم ڏياري، ماءُ پنهنجن پٽن ۽ نياڻين کي هڪجهڙي تعليم ڏياري ۽ انهي ۾ ڪوبه فرق نه رکيو.

    ڊاڪٽر شمس عباسي ڏهين جنوري 1924ع ۾ حيدرآباد ۾ جنم ورتو.، آپا شمس عباسي ميٽرڪ ۽ بي اي مبمئي يونيورسٽي مان پاس ڪئي.
    هن بي ٽي ۽ ايم اي سنڌ يونيورسٽي مان ڪئي. سنڌي لٽريچر ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. آپا شمس عباسي پنهنجي ڪيريئر جي شروعات 1944ع ۾ اسڪول ٽيچر طور ڪئي ۽ 1947ع تائين مدرست النبات ۾ ماسترياڻي رهي.

    1948ع ۾ گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول هيرآباد ۾ هيڊمسٽريس جون خدمتون سنڀاليون ۽ انهي پوسٽ تي 1955ع تائين پنهنجا فرض سرانجام ڏنا.
    کيس 1955ع کان 70 تائين گورنمينٽ ڪاليج جي پرنسپال جي اضافي ذميواري به ڏني وئي. 1972ع کان 1973ع تائين ڊپٽي ڊائريڪٽر ڪاليجز جون ذميواريون به سنڀاليون. 1973ع کان 1984ع تائين ڊائريڪٽر ايجوڪيشن
    سرفراز وسطڙو ايڪٽينشن اينڊ بيورو آف ڪرڪيولم جون ذميواريون به نڀايون ۽ بعد ۾ رٽائرمينٽ حاصل ڪئي.
    آپا شمس عباس 1993ع ۾ محسن ميموريل سوسائٽي قائم ڪئي ۽ هوءَ پنهنجي نگراني ۾ 2 نجي اسڪول به هلائي رهي آهي.
    آپا شمس عباسي سماجي ڪمن ۾ به تمام گهڻو سرگرم رهي آهي.
    هن مختلف تنظيمن جي پليٽ فارم تي عورتن کي بااختيار بنائڻ ۽ ٻارن جي حقن ۾ به وڏي جاکوڙ ڪئي.
    آپا شمس عباسي تعليم ۽ عورتن جي معاملن تي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ سيمينارن ۾ شرڪت ڪئي. آپا شمس عباسي 2 ڪتاب به لکيا آهنجن ۾ هڪ سندس آتم ڪهاڻي آهي. جڏهن ته مختلف اشوز تي کوڙ سارا آرٽيڪل به لکيا آهن. آپا شمس عباسي کي عوامي حقن لاءِ جاکوڙ ڪرڻ، شعور اجاگر ڪرڻ ۽ عورتن لاءِ پاڻ پتوڙڻ تي ڪيترائي ايوارڊ به ماڻيا،
    آپا شمس عباسي سڄي زندگي عوامي جدوجهد واري جاکوڙ ۾ وقف ڪئي. پنهنجي مرحوم پٽ عقيل احمد عباسي جي نالي تي قائم عقيل برائيٽس اڪيڊمي به هلائي رهي آهي. جتي نياڻين ۽ نوجوانن کي معياري تعليم ڏني وڃي ٿي. آپا شمس ڪيترين ئي غريب نياڻين کي پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري تعليم ڏياري ۽ بعد ۾ سندن گهر آباد ڪرايا. هوءَ هن وقت به سنڌ جي نياڻين لاءِ ڇپر ڇانوءَ وانگر آهي. سال سدائين سندن شفقت.

    بشڪريه عوامي آواز
     
  5. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    [​IMG]
    [​IMG]

    سائين در محمد صاحب ۽ سليمان وساڻ صاحب جي هي محنت به قابل تعريف آهي، در محمد صاحب اسان جي سنڌي ٻولي جو هڪ بهترين جاکوڙي عالم اديب آهي، جنهن جي سوانح تي ته اسان جو دوست محترم سليمان وساڻ صاحب ڪم ڪري چڪو آهي، جيڪا هيٺ پيش ڪجي ٿي،

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ سنڌ جي هڪ علمي، ادبي شخصيت۔محمد سليمان وساڻ
    سنڌ جي ناليواري، ليکڪ، محقق، تاريخدان، شاعر، ڪهاڻيڪار، ڊرامه نگار، مترجم، ڪالم نگار ۽ تعليمدان ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ کي سندس جنم ڏينهن تي واڌايون پيش ڪجن ٿيون.

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جو جنم 25 مئي 1945 ع تي خير محمد آريجا تعلقو ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو۔ پاڻ 1971 ۾ بي ايڊ، 1972 ۾ ايم اي سنڌي ادب ۾، ۽ 1979ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ”ڪراچي جو سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي ترقيءَ ۾ حصو “ جي عنوان تي اپي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ وڌيڪ تفصيل پڙهڻ لاء هت ڪلڪ ڪندا۔
     
  6. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    پير سائين سيد شاه مردان شاه ثاني پير پاڳارو ستون
     
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڪراچي (ڪلچرل رپورٽر) ڪلاسيڪل راڳي استاد اُميد علي خان جي وڇوڙي کي 38 سال مڪمل، ثقافتي ادارن سميت ڪنهن به ورسي تي کيس ياد نه ڪيو. استاد اميد علي خان 1911ع ۾ اوڀر پنجاب جي ڳوٺ نوشرو نگلي ۾ خان صاب پياري خان جي گهر ۾ جنم ورتو. استاد اميد علي جو پيءُ پيارو خان به وقت جو وڏو گائڪ هوندو هو پر پياري خان پٽ اميد علي کي راڳ جي سکيا لاءِ ان وقت جي وڏي گائڪ حسو خان وٽ ڇڏيو هو. هن 21 سالن جي عمر تائين راڳ جي سکيا ورتي ۽ پوءِ لاهور ويو.ا تي هن 1932ع ۾ لاهور جي بڙي غلام علي سان دنگل ڪيو پر راڳ جا پنڊت فيصلو نه ڪري سگهيا ته ڪير ڪنهن کان وڌيڪ آهي، ان بعد حيدرآباد ۾ استاد عاشق علي خان ۽ استاد اميد علي خان گڏجي ڳائڻ لڳا، جيڪي تمام مقبول ويا. استاد اميد علي خان نجي محفلن ۾ توڙي ريڊيو جي پروگرامن ۾ نيم ڪلاسيڪل انداز ۾ سرائيڪي ڪافيون به گهڻي انداز ۾ ڳايون. هن جي ڳايل شاهه لطيف جي ڪافي ”منهنجا ڪيچي قول ڪري ويا“ ۽ خواجه غلام فريد جي سرائيڪي ڪافي ”رٺڙي يار ڏاڍي اوکي منيندي“، عوام ۾ تمام گهڻي مقبول ويون. استاد اميد علي 1965ع ۾ ملڪ کان ٻاهر يورپ ۾ پاڪستاني وفد سان گڏ ويو، اتي هن پنهنجي فن جو مظاهرو ڪرڻ بعد حڪومت پاڪستان پاران کيس 1969ع ۾ پرائڊ آف پرفارمنس ڏنو ويو ۽ 1970ع ۾ استاد اميد علي افغانستان جي بادشاهه ظاهر شاهه جي دعوت تي ويو، جتي ٻين ملڪن جا به گائڪ آيل هئا، اتي هن راڳڻي ٻڌائي، جنهن بعد ظاهر شاهه کيس انعام ڏنا. استاد اميد علي خان آخري ڏهاڙن ۾ سخت بيمار رهيو. فالج جو حملو ٿيڻ سبب آواز جي سگهه وڃائي ويٺو هو، استاد اميد علي خان 10 جنوري 1979ع تي لاڏاڻو ڪري ويو.

    ڪاوش جي ٿورن سان
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو