بهار آئي آهي

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏20 نومبر 2009۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    دوستو، اڄ فيض احمد فيض جو مرڻ ڏينهن آهي، هي شاعر جيتوڻيڪ اردو۽ فارسي زبان جو هو پر کيس پسند برصغير هند جا سڀ ماڻهون ڪندا هئا ۽ آهن ... هو هڪ سٺو شاعر هو جو انساني دل ۽ دماغ کي موهيندڙ شاعري ڪري، ماڻهن کي لاجواب ڪري وجهندو هو ... اڄ سندس هڪ شعر پڙهيم جو اردو ۾ آهي ... مون سندس انهن جذبن کي سنڌي لفظ ڏنا آهن ... اميد ته دوست کيس پڙهي لطف حاصل ڪندا ...

    بهار آئي آهي

    بهار آئي آهي ته ڄڻ وري
    واپس وريا آهن عدم کان
    اهي خواب سارا، جوان سارا

    جي مري مئا هئا تنهنجن چپڙن تي
    جي مري به هر هر جيئرا ٿي پيا هئا
    نکرجي پيا اهي گلاب سارا

    جي تنهنجن يادن سان واسيل آهن
    جي تنهنجي ان عاشق جو خون آهن
    اڀري پيا آهن اهي عذاب سارا

    ملال- اي-احوال-اي-دوستان پڻ
    خمار-اي-آغوش-اي محوشان پڻ
    غبار-اي-خطر جا دروازا سارا

    تنهنجا منهنجا سوال سارا، جواب سارا

    بهار آئي ته کلي ويا آهن
    نئين سري سان حساب سارا
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    بهترين ونڊ آهي سائين۔۔۔ سياري جي موسم ۾ فيض صاحب جي بهار جي نظم جو ونڊ سٺي ڳالهه آهي۔۔
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    سائين نثار ابڙا صاحب بهترين ڪوشش آهي اهڙي ڪوشش جاري رکجو

    سدائين گڏ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو