ناميارو سنڌي سياستدان جناب غلام مصطفى جتوئي وفات ڪري ويو

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏21 نومبر 2009۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    اها خبر نهايت ڏک سان ونڊي رهيو آهيان ته سنڌ جو سابق وزير اعلى پاڪستان جو سابق وزير اعظم جناب غلام مصطفى جتوئي وفات ڪري ويو...... انا لله و انا عليه راجعون...........
    پاڪستان جا قومي ميڊيا وارا ادارا
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    انا لله و انا عليه راجعون

    خدا پاڪ مرحوم جي سوڳوارن کي صبر جي تلقين عطا ڪري
     
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]
    انا لله وانا اليه راجعون

    سنڌ جي هن جهونو سياستدان 14 آگسٽ 1931 تي اڳوڻي نوابشاهه ضلعي جي شهر (هاڻوڪي نوشهروفيروز جي شهر) نوان جتوئي ۾ جنم ورتو. سندس والد خان بهادر غلام رسول خان جتوئي پنهنجي وقت جو برک سياستدان رهيو آهي ۽ هو سنڌ جي قانون ساز اسيمبلي جو ميمبر پڻ رهيو آهي.

    غلام مصطفيٰ جتوئي پنهنجي شروعاتي تعليم ڪراچي گرامر اسڪول مان حاصل ڪئي. جتان هن سينئر ڪيمبرج جو امتحان پاس ڪيو. جڏهن ته 1952ع ۾ بئريسٽري جو امتحان پاس ڪرڻ لاءِ انگلينڊ هليو ويو پر والد جي شديد بيماري سبب هو پنهنجي تعليم مڪمل ڪري نه سگهيو ۽ هڪ سال کان پوءِ کيس واپس وطن اچڻو پيو. هو پهريون ڀيرو 1958ع ڌاري اولهه پاڪستان جي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ۽ 1965ع ۾ ٻيهر ساڳي سيٽ تي چونڊيو ويو. 1969ع ۾ ڪنوينشن مسلم ليگ کان ڌار ٿي پاڪستان پيپلز پارٽي جو ميمبر ٿيو ۽ 1970ع وارين چونڊن ۾ قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو. ذوالفقار علي ڀٽي حڪومت ۾ اچڻ بعد هن کي ان وقت مواصلات جو وفاقي وزير بڻايو. بعد ۾ هو 1973ع ۾ سنڌ جو وزيراعليٰ مقرر ڪيو ويو. جنهن عهدي تي هي 1977ع تائين رهيو. مارچ 1977ع وارين چونڊن ۾ هن صوبائي اسيمبلي جي چونڊ کٽي ۽ ٻيهر سنڌ جو وزيراعليٰ ٿيو. جنرل ضيا جي مارشل لا کان پوءِ هن جمهوري جدوجهد ۾ پيپلزپارٽي جي سنڌ جي صدر جي حيثيت ۾ بهرو ورتو ۽ ايم آر ڊي جي جدوجهد ۾ 1983ع دوران اڳواڻي ڪئي. 1985ع ڌاري هن جا پيپلز پارٽي جي اڳواڻ محترمه بينظير ڀٽو سان اختلاف ٿي پيا. جنهن ڪري هي پيپلز پارٽي کان ڌار ٿي ويو. جنهن کان پوءِ هن هڪ نئي پارٽي نيشنل پيپلز پارٽي جو بنياد رکيو. 1988ع جي چونڊن ۾ هي کٽي نه سگهيو. ان ڪري 1989ع ۾ پنجاب جي شهر ڪوٽ ادو مان ٿيل ضمني چونڊن ۾ نواز شريف جي مدد سان قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو. جنهن کان پوءِ هو اسلامي جمهوري اتحاد ۾ شامل ٿيو ۽ هن کي قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ چونڊيو ويو. جنهن بعد هن محترمه بينظير ڀٽو جي خلاف قومي اسيمبلي ۾ بي اعتمادي جي رٿ پيش ڪئي جيڪا ناڪام وئي. 1990ع ۾ تڏهوڪي صدر غلام اسحاق پاران محترمه بينظير ڀٽو جي حڪومت برطرف ڪرڻ کانپوءِ هن کي ملڪ جو نگران وزيراعظم بڻايو ويو. ان کان پوءِ ٿيل چونڊن جي نتيجي ۾ هن اها سيٽ نواز شريف جي حق ۾ خالي ڪئي. بهرحال هيءَ 1993ع واري اليڪشن ۾ ٻيهر قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو. جڏهن ته فيبروري 1997 واري اليڪشن ۾ هي چونڊون کٽي نه سگهيو. جنهن کان پوءِ هو پاڻ عملي طرح سياست کان رٽائر زندگي گذاري پيو. جڏهن ته سندس پٽ موجوده حڪومت ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ق) سان سهڪاري آهن۔۔۔


    هي ليک وائيس آف سنڌ جي ٿورن سان لکيو ويو۔۔۔
     
  4. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    انا لله و انا اليه راجعون، مرحوم جي مغفرت فرمائي ۽ سندس کي جنت الفردوس جي محلاتن مان هڪ محل نصيب فرمائي.
     
  5. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    انا لله و انا عليه راجعون

    ٻاجهاري ڌڻي کان اها ئي دعا آهي ته مالڪ سائين مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعلي مقام عطا فرمائي۔۔۔ ۽ پنهنجي جوارِ رحمت ۾ جڳهه نصيب عطا فرمائي۔۔۔ آمين۔۔۔ ۽ پوين سوڳوارن کي صبر جي تلقين عطا فرمائي آمين۔۔۔
     
  6. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    ثم آمين، مرحوم جي بخشش جي لاءِ اسان جون دُعائون.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو