ھنگلاج ۽ ٻيا آسٿان

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏12 جنوري 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    ھنگلاج ۽ ٻيا آسٿان
    هي تيرٿ آسٿان آهي،هن کي ماتا جو مندر به ڪوٺيو وڃي ٿو. بلوچستان جي لس ٻيلي ۾ ھنڱور ندي جي سمونڊ ۾ڇوڙ واري ھنڌ کان ڏهن ٻارهن ميلن جي فاصلي تي ھڪ سوڙھي وادي ۾ آھي. جيڪو ڪراچي کان اٽڪل هڪ سئو پنجهتر ميل پري آھي..
    ھنگلاج تيرٿ جو آستان ھڪ تمام پراڻو يعني عيسوي سن کان به اڳ جو آھي. ھتي ڪيئي مھاتما، رشي مُني ياترا ڪرڻ ايندا ھئا ۽ اڄ به ھزارن جي تعداد ۾ ماتا جا چاھيندڙ ھر سال جٿن جي صورت ۾ تيرٿ ڪرڻ اچن ٿا. اڳ ماڻھو پيادا ۽ اٺن تي ايندا ھئا، ۽ ايندي ويندي مھينن جا مھينا لڳي ويندا ھئا پر ھاڻي ڦور ويل گاڏين ۽ ڇڪڙن ۾ ھر سال ھزارن جي تعداد ۾ عقيدت مند ياترا ڪرڻ اچن ٿا..
    ھنگلاج ديوي جي ياترا واري واٽ تي جيڪي ٻيون تيرٿ جون جايون اچن ٿيون، تن مان چندرڪوٽ اگور يا ھنگور ندي، گڻيش آسٿان، ھنومان آسٿان، آساپور، ڪالي مندر جو آسٿان ۽ ان کان سواءِ ڪالي ڪن، انيل ڪُن پر (تل) ڪن، کير ڪن ۽ گرو نانڪ جو آسٿان گورک ناٿ جي ”ڌوڻي“ پڻ اچن ٿا، شروع ۾ ويندي لياري جو ميدان به اچي ٿو. جتي ياترين کي سندن سرواڻ تيرٿ وچڻ جو سٽاءُ ٻڌائيندو آھي. ۽ اتي ھر ياتري ڳاڙھي رنگ جون ٽوپيون خريد ڪندا آھن. جيڪا ماتا جي ياتري جي نشاني ۽ واٽ تي حفاظت لاءِ ھوندي آھي.
    ”چندرڪوپ“ سامھون ندي ڪناري کان ٻن ميلن جي فاصلي تي ھنگور ندي کان اٽڪل 15 ميل پري 300 فٽ کن اوچو مٽي جو جبل آھي ۽ ان جي چوٽي تي گپ اوڳاڇيندڙ ھڪ کوھ آھي. جيڪو پري کان مٽي جي دڙي وانگر نظر اچي ٿو . چوٽي تي پھچڻ مهل ڏسبو ته اُتان تمام گرم گپ گبڙ گبڙ ڪندي پاڻي وانگر نڪرندي رھندي آھي. ھن ھنڌ ياتري وڏي جوش ۽ جذبي سان ھٿن ۾ ناريل ۽ اگربتي کڻي 300 فٽ مٿي بنا ڊپ جي ھن ڪُوپ جي چوٽي تي چڙھي ويندا آھن. ھتي چوٽي جي کوھ ۾ ناريل وجهندا آھن ۽ اگربتي وغيره ٻاري شو جي پوجا ڪندا آھن. اگور ندي تي ياتري پنھنجو سامان وغيره رکي ڪجھ پل ترسندا آھن. ۽ ھتي ياترا لاءِ آيل وڌوا عورتون پنھنجا وار ڪوڙائن ٿيون. انھن سان گڏوگڏ مرد ۽ ڇوڪرا به پنهنجا مٿا، مڇون ۽ ڏاڙھي ڪوڙائن ٿا. ھن رسم کي ڀڌر سڏجي ٿو. اگور ندي کان پوءِ ياتري آساپور لاءِ روانا ٿيندا آھن. جيڪو اگور ندي کان 8 ميل کن پري آھي، اگور ندي کان ويندي گڻيش آسٿان ۽ ھنومان آسٿان به ايندا آھن. جتي ياتري ڀجن ڀائو پڻ ڪندا آھن. آساپور پھچي ياتري پنھنجو پنھنجو ٺڪاڻو ٺاھيندا آھن. مطلب ته تڏا وغيره وڇائي ھتي ماني چانهھ ڪندا آھن.
    ڪالي مندر آساپور کان فرلانگ کن تي جابلو قطارن منجهه غڦا ۾ آھي. جنھن ۾ ڪالي ماتا جي ڀڳل مورتي رکيل آھي. جتي ياتري اچي ماتا جي مورتي تي ڦل ڦول چاڙھيندا آھن ۽ ناريل ٽوڙيندا آھن. ھن جبل جي ٻنهي ڪٿائن ۾ رت جا داڳ ڏسڻ ۾ ايندا آھن . جيڪو انھي جو رت پيالي يا ناريل جي کوتي ۾ کڻي ھن ڪتائون ۾ ھاريندا آھن.
    ھنگلاج مندر ڪالي ماتا جي مندر کان ٿورو اڳتي ھڪ جبل جي ڪٽائوُ ۾ آھي. ھن مندر ۾ ھنگلاج ماتا جي مورتي ليٽيل حالت ۾ ٽن گول پٿرن ۾ ورھايل آھي. ۽ جنھن مٿان ڪپڙو رکيل آھي. ھن وقت ماتا جي مورتي ھڪ مندر ھڪ ڪٽاري ۾ رکيل آھي ۽ ڀر ۾ ئي ڌوري اڳني ڪنڊ آھي . ھن ڪٽاري ھيٺ ھڪ سُرنگ ٺاھيل آھي جنھن کي ماتا جو گرڀ چوندا آھن. ھنگلاج ماتا جو تيرٿ ڪري ياتري ٺٽي جي مندر ۾ ايندا آھن. جتي ڪالي ماتا جو مندر پڻ ٺھيل آھي. اتان ياتري ياترا ڪري پنھنجي پنھنجي گھر ويندا آھن.
     
    19 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تمام سهڻي شيئرنگ ۔۔۔ تصويرون به وڻيون ۽ ڄاڻ به وڻي۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. محمد عامر سومرو

    محمد عامر سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 جنوري 2012
    تحريرون:
    57
    ورتل پسنديدگيون:
    66
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    288
    ڌنڌو:
    اڃان شاگرديءَ وارو زمانو پيو هلي
    ماڳ:
    شڪارپور
    سوال
    ڪوڙو سوامي ڪوڙو سوامين پنڌ
    هو ته
    هر هنڌ پر هنن ڪيئن ڏٺو هنگلاج ۾

    جواب
    سچو سوامي سچو سوامين پنڌ
    هو ته
    هر هنڌ پر هنن ڏٺو هنگلاج ۾
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. اجمل داس ٺاڪر

    اجمل داس ٺاڪر
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 مارچ 2015
    تحريرون:
    23
    ورتل پسنديدگيون:
    37
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
  5. ABDUL SAMAD

    ABDUL SAMAD
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مئي 2010
    تحريرون:
    43
    ورتل پسنديدگيون:
    23
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    368
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    ڪنڌ ڪوٽ
    تمام بھترين شيئرنگـ
     
  6. mahfozranjhani

    mahfozranjhani
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 جنوري 2015
    تحريرون:
    36
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    گورنمنت نوڪري
    ماڳ:
    موسميات ڪراجي
    لاجواب پر تصويرون اڃان هجن ها ت مزو اچي ها
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
  8. عزيزالله ميمن

    عزيزالله ميمن
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 نومبر 2012
    تحريرون:
    147
    ورتل پسنديدگيون:
    111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    413
    ڌنڌو:
    Retired form govt.
    ماڳ:
    ميمن گوٽ ماير
  9. خدابخش جويو

    خدابخش جويو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2015
    تحريرون:
    132
    ورتل پسنديدگيون:
    305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    183
    سٺي معلومات ڏيڻ تي مهرباني
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو