اڄوڪو ڏينهن 15 جنوري تاريخ جي دري مان

'جنوري' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏15 جنوري 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄوڪي ڏينهن 15 جنوري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون

    جنم ڏينهن:
    15 جنوري 1885ع شاعر جمعا خان غريب جو جنم ڏينهن آهي.
    15 جنوري 1902ع سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير قاضي فضل الله جو جنم ڏينهن آهي.
    15 جنوري 1910ع صحافي عبدالغفور سيتائي جو جنم ڏينهن آهي.
    15 جنوري 1916ع شاعر امان الله مفلح جو جنم ڏينهن آهي.
    15 جنوري 1918ع مصر جي اڳوڻي صدر جمال عبد الناصر جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    15 جنوري 1925ع ليکڪ ڊاڪٽر سيد محمد صالح شاهه جو جنم ڏينهن آهي.
    15 جنوري 1930ع گلوڪار ۽ شاعر حسين بخش خادم جو جنم ڏينهن آهي.
    15 جنوري 1933ع اسڪالر ڊاڪٽر غلام قادر سومرو جو جنم ڏينهن آهي.
    15 جنوري 1934ع شاعر بهارو بي وطن جو جنم ڏينهن آهي.
    15 جنوري 1934ع مشهور قومي شاعر ابراهيم منشي جو جنم ڏينهن آهي.
    15 جنوري 1936ع صداڪار ۽ اداڪار غفار ميمڻ جو جنم ڏينهن آهي.
    15 جنوري 1937ع سگهڙ ميوو چانگ جو جنم ڏينهن آهي.
    15 جنوري 1938ع مشهور قانوندان ۽ اڳوڻي سينيٽر سيد حسين شاهه راشدي جي پيدائش ٿي.
    15 جنوري 1940ع شاعر عزيز ڳاڙهوي جو جنم ڏينهن آهي.
    15 جنوري 1947ع آرٽسٽ ميول نيونند رام آهوجا جو جنم ڏينهن آهي.
    15 جنوري 1951ع شاعر سائل ناشاد جو جنم ڏينهن آهي.
    15 جنوري 1951ع تعليمي ماهر تهمينه سومرو جو جنم ڏينهن آهي.
    15 جنوري 1953ع شاعر حاتم لانگاهه جو جنم ڏينهن آهي.
    15 جنوري 1955ع صحافي محمد حيات شيخ جو جنم ڏينهن آهي.
    15 جنوري 1958ع اداڪاره شبيران چنا جو جنم ڏينهن آهي.
    15 جنوري 1959ع ليکڪ منصور اداس ٿلهو جو جنم ڏينهن آهي.
    15 جنوري 1961ع ليکڪ، شاعر ۽ استاد محمد مٺل جسڪاڻي جو جنم ڏينهن آهي.
    15 جنوري 1962ع ليکڪ ۽ شاعر سيد زوار نقوي جو جنم ڏينهن آهي.
    15 جنوري 1962ع ليکڪ سيف قاضي جو جنم ڏينهن آهي.
    15 جنوري 1963ع شاعره پشپا ولڀ جو جنم ڏينهن آهي.
    15 جنوري 1970ع شاعر امداد جعفري جو جنم ڏينهن آهي.
    15 جنوري 1970ع صحافي همسفر گاڏهي جو جنم ڏينهن آهي.
    15 جنوري 1973ع صحافي بابر منير قاضي (ڏوڪري) جو جنم ڏينهن آهي.


    وڇوڙو:
    15 جنوري 1873ع صوفي شاعر ۽ بزرگ فقير قادر بخش بيدل جي وفات ٿي
    15 جنوري 1957ع شاعر غلام حيدر ڪوثري جي وفات ٿي.
    15 جنوري 1972ع شاعر الهه بخش سرشار عقيلي جي وفات ٿي.

    _______

    اڄوڪي ڏينهن 15 جنوري جا ڪجهه اهم واقعا

    [​IMG]
    حواله:

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
    روزانه ڪاوش
    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
    وڪيپيڊيا
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام

    ____

     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏15 جنوري 2015
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    15 جنوري 2013 تي مولانا طاهرالقادري جي اڳواڻي ۾ لکين ماڻهن جو لانگ مارچ اسلام آباد ۾ پارليامينٽ هائوس سامهون ڌرڻو هڻي ويهي رهيو آهي۔ سندن مطالبو آهي ته حڪومت استعفى ڏئي ۽ اليڪشن اصلاحات ڪيون وڃن۔

    هوڏانهن اڄوڪي ڏينهن 15 جنوري 2013 تي چيف جسٽس افتخار چوڌري جي سربراهي ۾ قائم سپريم ڪورٽ جي بينچ وزير اعظم راجا پرويز اشرف کي رينٽل پاور ڪيس ۾ گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي۔
     
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    [​IMG]
    [​IMG]

    سائين در محمد صاحب ۽ سليمان وساڻ صاحب جي هي محنت به قابل تعريف آهي، در محمد صاحب اسان جي سنڌي ٻولي جو هڪ بهترين جاکوڙي عالم اديب آهي، جنهن جي سوانح تي ته اسان جو دوست محترم سليمان وساڻ صاحب ڪم ڪري چڪو آهي، جيڪا هيٺ پيش ڪجي ٿي،

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ سنڌ جي هڪ علمي، ادبي شخصيت۔محمد سليمان وساڻ
    سنڌ جي ناليواري، ليکڪ، محقق، تاريخدان، شاعر، ڪهاڻيڪار، ڊرامه نگار، مترجم، ڪالم نگار ۽ تعليمدان ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ کي سندس جنم ڏينهن تي واڌايون پيش ڪجن ٿيون.

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جو جنم 25 مئي 1945 ع تي خير محمد آريجا تعلقو ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو۔ پاڻ 1971 ۾ بي ايڊ، 1972 ۾ ايم اي سنڌي ادب ۾، ۽ 1979ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ”ڪراچي جو سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي ترقيءَ ۾ حصو “ جي عنوان تي اپي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ وڌيڪ تفصيل پڙهڻ لاء هت ڪلڪ ڪندا۔
     
  4. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    پير حسين شاهه راشدي: مشهور قانوندان ۽ سينيٽ جو اڳوڻو ميمبر حسين شاهه راشدي 15 جنوري 1938ع تي ضلعي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ -بهمڻ- ۾ سنڌ جي هڪ معزز علمي ۽ روحاني راشدي خاندان ۾ پيدا ٿيو. پير علي محمد راشدي سندن والد ۽ -پير حسام الدين راشدي-سندس چاچو هو. سنڌ مسلم آرٽس ڪاليج مان گرئجوئيشن ڪرڻ کان پوءِ قانون ۽ -ان- جي اصولن جي اعليٰ -تعليم- لاءِ سنڌ مسلم لا ڪاليج ڪراچي ۾ داخل ٿيو ۽ 1953ع ۾ ايل ايل بي جي ڊگري حاصل ڪيائين، پير صاحب آئيني ۽ فوجداري قانونن کان واقف ۽ هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ جو وڪيل هو. ادب، صحافت، معاشرتي ۽ ثقافتي ڪمن سان لڳاءُ جي ڪري سنڌ جي ڪيترن -اردو-، سنڌي ۽ -انگريزي- رسالن ۾ سنڌي، -اردو- ۽ انگريزيءَ ۾ موجوده حالتن تي ڪالم لکيائين. 1983ع کان 1984ع تائين سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ائسوسيئيشن جو نائب صدر ٿي رهيو. 1994ع کان 1996ع تائين سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين رهيو ۽ 1994ع کان 2000ع تائين سينيٽ جو ميمبر ٿي رهيو، جنهن ۾ هيٺين ڪميٽين جو ميمبر رهيو: (1) -ثقافت-، راندين، سياحت ۽ عورتن جي ڊولپمينٽ وارو کاتو، (2) قانون ۽ پارليامينٽري افيئرز، (3) انفارميشن ۽ براڊ ڪاسٽنگ، (4) ايجوڪيشن، سائنس ۽ ٽيڪنالاجيڪل ۽ ريسرچ.
    -ان- کان سواءِ به حسين شاهه راشدي پاڪستان جي ڪيترن ئي اهم ادارن جو ميمبر رهيو، جن ۾: -انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي-، سچل چيئر، شاهه عبداللطيف ڀٽائي يونيورسٽي خيرپور، يونيورسٽي آف ڪراچي، بورڊ آف گورنرس نيشنل ڪميشن هسٽري اينڊ ڪلچر، پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس وغيره، جڏهن ته نيشنل لئنگئيج اٿارٽي، -اسلام- -آباد- جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر به رهيو. حسين شاهه راشدي 1960ع ۾ فلپائن ۾ منعقد يونيسڪو جي تعليمي ڪانفرنس ۽ پوءِ 1989ع ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي ۽ -ان- کان سواءِ هُن لڳ ڀڳ ويهن مُلڪن جا دورا ڪيا. هن دل بيهڻ سبب 15 -اپريل- 2007ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرام گاهه ڪراچيءَ جي ميوا شاهه قبرستان ۾ آهي.۔۔بشڪريه سنڌيانه
    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    قاضي فضل الله ۔ سابقه وڏو وزير سنڌ

    قاضي فضل الله 15 جنوري 1902ع ۾ نوشهري جي هڪ ڳوٺ ۾ پيدا ٿيا سندس والد جو نالو قاضي ميان عبيدالله هو، جيڪو هڪ پرائمري استاد هو، قاِضي فضل شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪري پوء نوشهري مدرسه هاء اسڪول ۾ داخل ٿيا ، تنهن کانپوء سنڌ مدرسه ڪراچي مان ميٽرڪ ڪيائين، قاضي صاحب تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوء 1931ع ۾ وڪالت شروع ڪئي،1939ع ۾ هي ڊسٽرڪٽ اسڪول بورڊ لاڙڪاڻي جو چيئر مين پڻ چونڊيو ويو.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    قادر بخش بيدل 1230هه مط ۾ ڄائو. چوڏهن سالن جي عمر جي تحصيل ڪيائين. روحاني از قلندر]] تي ويو. اتان موٽڻ بعد، مير صوفي جان الله شاهه جو مريد ٿيو، جنهن جي طريقت جو سلسلو صوفعر تي مشي شاه عنايت شهيد سان ملي ٿو. بيدل فقير سنڌ جوو انگ ٽي عظيم شاعر، وڏو عالم ۽ فاضل ٿي گذريو آهي. سندس علم ۽ فضل سنمقولن ۽ هوت اچي دس تصنيفن مان معلوم ٿئي ٿو. جن جهه کان مٿي آهي. جيڪي فارسي نثر ۽ نظم، عربي نظم، سنڌي سرائيڪي ۽ هندي شتمل آهن، فارسيءَ ۾ سندن ٻه ٽي ديوان آهن. بيدل جابق 1814عي ڪلام ۾ هر هنڌ تصوف ۽ وحدت الوجود جي اپٽار آهي. سندس ڪلام ٻولي سادي ۽ سلوڻي آهي. بيدل سنڌي ڪافيءَ کي۾ ظاهري فيض پرائڻ [[لال شهبنئين اسلوب ۾ پيش ڪيو. هتي هڪ ڪافي جي ٽي بند ڏجن ٿا. جيڪا ڏيڍي آهي ۽ ٿل ٿورڙن بندن ۾ ٻٽو قافيو آندل آهي:۔۔۔۔۔

    ڪانگ لنوي مٺي لات، محبت مسافر ڄاڻ ڪي ايندا،
    ايندا جوُءِ ۾ جانب جائي، وائي جنين جي اٿم وات

    وڪيپيڊيه​
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏15 جنوري 2014
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    [​IMG]

    ابراهيم منشي قومي ۽ عوامي شاعر۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔مير نادر علي ابڙو
    اڄ اهڙي شخصيت تي لکي رهيو آهيان، جيڪا ڪنهن به طرح سان تعارف جي محتاج نه آهي. ابراهيم منشي تي لکڻ ڪٿان کان شروع ڪجي. ڪٿي ختم ڪجي. آئون منجهي پيو آهيان، هن کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ لفظ به ڪو نه ٿا ملن ته منشي جهڙي سنڌ جي وڏي قدآور شاعر تي ڪيئن شروعات ڪريان.منشي سان منهنجي پهرين ملاقات ۱۹۸۸ع ڌاران ٿي، جڏهن هو لاڙڪاڻي ۾ ممتاز علي ڀٽو سان ملڻ سندس وائيٽ هائوس بنگلي تي آيو ۽ مان به ان ڏينهن تي ممتاز علي ڀٽو سان ملڻ آيو هئس. اتفاق سان رش هئڻ سبب، منشيءَ جي ڀرسان جاءِ خالي هئڻ ڪري، ساڻس ڀرسان ويهي رهيس. ڀرسان ويهڻ شرط پڇيائين ته؛ ’ابا ڪير مڙس آهين؟‘
    ٻڌايو مانس ته؛ ’ابڙو آهيان.‘
    وڌيڪ پڇيائين؛ ’ڪهڙن ابڙن منجهان آهين؟‘
    مون پڇيس ته؛ ’اوهان ڪهڙن کي ٿا سڃاڻو؟‘
    ٻڌايائين ته؛ ’جمال ابڙو‘.
    مون چيو ته؛ ’مان تاج محمد ابڙي جو فرزند آهيان.‘
    انهيءَ تي يڪدم اٿي بيهي چيائين ته؛ ’ڀاڪر پاءِ!‘
    مان اٿي ساڻس مليس ته وڌيڪ چيائين ته ’تون ته اسان جي محسن جو شهزادو آهين.‘
    پوءِ هڪ پنهنجو واقعو ٻڌايائين ته؛ “مون تي مارشلا جي دؤر ۾ هڪ ڪوڙو ڪيس مڙهيو ويو هو. تنهنجو والد تڏهن ڊسٽرڪٽ سيشن جج ٺٽو هو. جڏهن مون کي سندس ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو ۽ سندس روبرو آيس ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙي رڙ ڪري چيو ته؛ منشي توهان! ڪامريڊ تاج محمد ابڙي پوليس کي چيو ته؛ هن کي منهنجي چيمبر ۾ وٺي اچو. جڏهن مان سندس چيمبر ۾ جوابدار جي حيثيت ۾ ويس ته ڀاڪر پائي وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي آڌر ڀاءُ ڪندي چيائين ته. ’منشي! هاڻي ڀلا ڪو ماڻهو ضامن، ٿورن پيسن ۾ هاڻي جو هاڻي هٿ ڪري سگهندين.‘ چيم؛ ’ها سائين ٿي ويندو.‘ چيائين ته؛ ’پوءِ وارو ڪر ته هاڻي ٿو ضمانت ڏيانءِ!‘ مون چيو ته؛ ’ڪامريڊ! تون ٻچڙيوال آهين، خبر اٿئي ته مون تي مارشلا تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.‘ ان تي ڪامريڊ تاج محمد ابڙي وڏو ٽهڪ ڏئي چيو ته؛ ’تو کي هاڻي جو هاڻي ضمانت تي آزاد ڪندس. باقي منهنجي نوڪري چڙهي آڱوٺي تي.‘ سو مان انهي ڏينهن ضمانت تي آزاد ٿيس.“اهي لفظ چئي منشي وڏو ٿڌو ساهه ڀريو ۽ ڪجهه گهڙيون خاموش ٿي ويو.
    ابراهيم منشي ۱۵ جنوري ۱۹۳۴ع تي، ٽنڊو محمد خان ويجهو، ڳوٺ جنهاڻ سومرو ۾ اک کولي. سندس والد محمد اسحاق، کيس ملان مڪتب ۾ پڙهائڻ شروع ڪيو. منشي چوٿين درجي ۾ هو ته سندس والد وفات ڪري ويو. جنهن ڪري هو اڳتي پڙهائي جاري نه رکي سگهيو. ۱۹۴۹ع ڌاران هن رومانٽڪ شاعريءَ جي شروعات ڪئي. سندس والد به مولود لکندو هو. ۱۹۷۰ع ڌاران اليڪشن ۾ جلسن اندر شاعري پڙهڻ شروع ڪئي. تنهن ڪري ئي ذوالفقار علي ڀٽو سان ڪافي ويجهو رهيو.جيئن ته منشي غريب طبقي سان واسطو رکندڙ هو، ۱۹۶۰ع ڌاران هڪ ٺيڪيدار وٽ بطور منشي ٿي بيٺو، تنهن ڪري ئي مٿس منشي نالو پيو، جيڪو اڳتي هلي ادبي دنيا ۾ سندس تخلص طور مشهور ٿيو.منشي ابراهيم جي شاعري ۱۹۶۵ع کان باقاعده منظر عام تي آئي. اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيڻ لڳي. سندس شاعريءَ جا ۵ مجموعا پڻ ڇپيا. منشي قومپرست پارٽين ۾ شاعري جي حوالي سان جلسن ۾ جوشيلي شاعري ڪري عوام کي جذباتي ڪري جوش ولولو پيدا ڪرڻ جي حوالي سان سنڌ صوبي ۾ تمام ئي گهڻو سياسي طرح سان مشهور ٿيو.شروع ۾ سندس وابستگي جي ايم سيد سان رهي. جنهن ڪري ۱۹۷۰ع کان ۱۹۷۵ع تائين جيل جي ياترا به ڪرڻي پيس ۽ پوءِ به ۳ دفعا جيل ۾ رهي آيو. جي ايم سيد جي وفات کانپوءِ سندس واسطو ممتاز علي ڀٽو سان رهيو. ڪافي وقت ان سان گڏ سنڌ نيشنل فرنٽ ۾ ڪم ڪيائين. جنهن بعد متحده قومي موومينٽ جي سربراهه الطاف حسين سان ويجهو رهيو. جيڪو سلسلو زندگي جي آخر تائين جاري رهيو. توڙي سندس سياسي وابستگي ڪافي سياسي پارٽين سان رهي پر سندس شاعريءَ جو محور فقط ۽ فقط سنڌ ڌرتي ئي رهيو.ابراهيم منشي جيتوڻيڪ مسڪين ماڻهو هو پر سندس دوستي جو دائرو، پاڪستان جي وڏن وڏن سياستدانن سان، بغير ڪنهن لالچ جي رهيو. جيڪي هن جي دلي طرح عزت ۽ احترام ڪندا هئا. جن ۾ مير علي احمد خان ٽالپر، غلام مصطفيٰ جتوئي، حاڪم علي زرداري، معراج محمد خان، ذوالفقار علي ڀٽو، جي ايم سيد، شهيد فاضل راهو، ممتاز علي ڀٽو، رسول بخش پليجو ۽ ٻيا کوڙ سارا سياستدان، سندس محبت ۾ جڙيل رهيا.مان ۱۹۹۳ع ۾ بيروزگار هئس. اوچتو ابراهيم منشي سان حيدرآباد ۾ ملاقات ٿي وئي. پڇيائين ته؛ نادر لاڙڪاڻي کان حيدرآباد ڇو آيو آهين. مون چيو ته؛ روزگار جي ڳولا پيو ڪريان. اهو ٻڌندي ئي چيائين ته؛ مير منور علي ٽالپر، ايڪسائيز جو وزير، منهنجو دوست آهي. جنهن مون سان واعدو ڪيو آهي ته منهنجي پٽ کي ايڪسائيز جو انسپيڪٽر ڪندو. سو تون منهنجي مرحوم دوست ۽ محسن جو پٽ آهين. اها نوڪري مان توکي ٿو وٺرائي ڏيان. منهنجي پٽ جو ڀاڳ منهنجي پٽ سان. اهو ٻڌي مون الاهي ته ڪيئن منٿون ايلازون ڪري ابراهيم منشي کان معافي وٺي جند ڇڏائي. ته توهان جي پٽ جي نصيب تي مان قبضو ڪونه ڪندس. اها هئي هن جي مرحوم دوست جي اولاد سان سچائي ۽ مرحوم دوست جي قبر کي عزت ڏيڻ.
    هو زندگيءَ جي آخر ۾ دل جگر ۽ شگر جي مرض ۾ مبتلا رهيو ۽ ڪافي ڀيرا اسپتال ۾ به داخل ٿيو. ۲۰۰۱ع ۾ کيس دل جي تڪليف ٿي پئي ۽ هو ديوان مشتاق وارڊ ۾ داخل ٿيو. جتي مان ساڻس مزاج پرسي لاءِ عيادت ڪرڻ ويس ۽ مونکي ڏسي يڪدم اٿي بيهي رهيو ۽ خوشيءَ مان ڀاڪر پائي، وڏي گرم جوشي ۽ محبت منجهان مليو ۽ چيائين ته؛ ’نادر بابا! ٻن ٽن ڏينهن کان اسپتال ۾ بستر مرگ تي آهيان، پر ڪوئي به لڙي پڇڻ به ڪو نه آيو آهي.‘ اها ڳالهه ڪري اکيون آليون ڪري ويٺو. سندس زندگيءَ جا آخري ڏينهن، ڪسمپرسي واري حالت ۾ گذريا. سندس دل جا ٽي وال بند هئا. ڪافي دفعا اسپتال ۾ داخل به ٿيو. مالي وسيلا نه هجڻ سبب، سندس دل جو آپريشن نه ٿي سگهيو. بار بار اپيلن باوجود، سرڪار کيس لنڊن نه اماڻيو. آخرڪار هي موتين جهڙو سنڌ جو عظيم ڀلوڙ شاعر، ۳۱ جولاءِ ۲۰۰۳ع تي، دل بيهڻ سبب، هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو.ابراهيم منشي سومرو ڪير سڏائي. منشي جهڙا شاعر ڌرتي صدين کانپوءِ پيدا ڪندي آهي. سندن خال واقعي به ڀرڻ مشڪل آهي.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏19 جنوري 2014
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    15 جنوري 2014ع تي نوابشاهه کان قاصي احمد ويندي هڪ اسڪول وين ۽ ڊمپر جو آمهون سامهون ٽڪر ٿيو جنهن ۾ 21 اسڪولي ٻارڙن سميت 24 ڄڻا اجل جو شڪار ٿيا، جڏهن ته استادياڻي، وين جو ڊرائيور ۽ اسڪول جو قاري به زندگي وڃائي ويٺا ۔ وين ۾ موجود ٻارڙن جو تعلق دولتپور سان هيو جيڪي نوابشاهه ۾ هڪ چٽاڀيٽي جي امتحان ۾ حصو وٺڻ آيا هئا ۽ واپس پنهنجي شهر وڃي رهيا هئا۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
  10. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
  11. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
  12. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
  13. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    دولتپور جا گل نوابشاهه ۾ وکري ويا، دردناڪ حادثي 17 معصوم

    شاگردن ۽ شاگردياڻين سميت 20 حياتيون کسي ورتيون

    [​IMG]
    دولتپور/نوابشاهه (رپورٽون:محبوب علي جوکيو/ امير چانڊيو) نوابشاهه ويجهو دولتپور جي اسڪول جي ٻارڙن سان ڀريل وين سان خوفناڪ حادثي جي نتيجي ۾ 17 شاگردن ۽ شاگردياڻين سميت 20 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، 20 مائرن جون جهوليون خالي ڪرڻ واري المناڪ سانحي تي سموري سنڌ ۾ سوڳ جي لهر ڇانيل آهي، حادثي جي 13 زخمين مان 7 ڄڻن کي نازڪ حالت ۾ ڪراچي منتقل ڪيو ويو، تفصيلن مطابق دولتپور جي برائيٽ فيوچر پبلڪ اسڪول جا شاگر ۽ شاگردياڻيون نوابشاهه جي ايڇ ايم خوجا آڊيٽوريم ۾ ضلعي سطح تي رٿيل ڪوئيز ڪامپيٽيشن ۾ حصو وٺڻ بعد هڪ وين ۾ واپس موٽي رهيا هئا ته قاضي احمد لنڪ روڊ تي روهڙي ڪئنال موڙ وٽ سامهون کان ايندڙ هڪ تيز رفتار انڌي ڊمپر وين کي چيڀاٽي ڇڏيو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي خوشين مان ٻهڪندڙ مستقبل جي معمارن ۾ موت جو
    [​IMG]
    راڪاس ڪاهي پيو، حادثي ۾ وين مڪمل طور تباهه ٿي وئي ۽ ٻارڙن توڙي استادن ۾ رڙيون ۽ ڪيهون پئجي ويون، وڏي انگ ۾ ٻارڙا ٿڏي تي فوت ٿي ويا، جڏهن ته ڪيترائي ٻارڙا زخمي ٿي پيا، واقعي جو اطلاع ملڻ تي علائقي ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهو ۽ پوليس پهچي وئي، جن فوتين جا لاش وين مان ٻاهر ڪڍيا ۽ زخمين کي فوري طور اسپتال آندو ويو، اکين ڏٺن شاهدن موجب روهڙي ڪئنال وٽ دولتپور جي برائيٽ فيوچر پبلڪ اسڪول جا ٻارڙا نوابشاهه کان واپس کڻي ويندڙ وين ۽ سامهون ايندڙ ڊمپر ۾ زوردار آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو، جنهن جو آواز پري پري تائين ٻڌڻ ۾ آيو، خوفناڪ حادثي جي نتيجي ۾ ذڪر ڪيل اسڪول جا 2 گلن جهڙا ٻارڙا، هڪ استاد، هڪ ماسترياڻي ۽ وين جو ڊرائيور اجل جو شڪار ٿي ويا، حادثي بعد ٻارڙن جا لاش توڙي زخمين کي وين کي ڪٽي ٻاهر ڪڍيو ويو، حادثي
    [​IMG]
    جو ٻڌي سوين شهري ۽ معصوم ٻارڙن جا وارث پي ايم يو اسپتال پهچي ويا، هر طرف ڏک جي لهر ڇانيل هئي، حادثي ۾ فوت ٿيل معصوم ٻارڙن ۽ زخمين کي فوري طور تي پي ايم يو اسپتال آندو ويو، اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي، ڊاڪٽرن کي توڙي موڪل تي ويل پيرا ميڊيڪل عملي کي گهران گهرايو ويو، واقعي جو ٻڌي چونڊيل نمائندن، انتظاميا توڙي معصوم ٻارڙن جا وارث اسپتال پهتا، جتي معصوم ٻارڙن جا والدين بيوسي مان اڀ ڏاريندڙ رڙيون ڪري روئيندا رهيا، هر طرف روڄ راڙو متل هو، اسپتال ۾ معصوم ٻارڙن جا لاش آڻڻ وقت جذباتي منظر ڏسڻ ۾ آيا، هر طرف قيامت برپا ٿي وئي، حادثي جي نتيجي ۾ اسڪول جا 10 ٻار اقراءَ شاهه، ارباز، فريضه هريم ڌيءَ حشمت داد، انيس، منصورالحق پٽ حبيب الحق آرائين، حمزه، عاطف، سعديه،
    [​IMG]
    حميرا، اسيس، وين ڊرائيور سچل ڪورائي ۽ استاد قاري بشير موقعي تي ئي فوت ٿي ويا، جڏهن ته ٻن ماسترياڻين سميت 18 ٻار شديد زخمي ٿي پيا، جن کي پي ايم يو اسپتال آندو ويو، جتي هڪ ماسترياڻي مس شرمين ڌيءَ الياس ۽ 8 ٻار اسرا شاهه، افق، فريحه ڌيءَ اڪرم خانزاده، نعمان، ياسين ۽ معظم پي ايم يو اسپتال نوابشاهه ۾ فوت ٿي ويا، جڏهن ته ٻين زخمين ۾ هيڊ ماسترياڻي ذڪيه خانزاده، عمران، ثنا، راحينه، ريحان، بينش، لاريب، رخسانه، مقدس، نظير ۽ اسامه جو پي ايم يو اسپتال نوابشاهه ۾ علاج جاري آهي، جتان 7 ٻارن عمران، ثنا، راحينه، بينش، لاريب، افنان ۽ ٻين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي جي آغا خان اسپتال موڪليو ويو، مستقبل جي معمارن سان پيش آيل خوفناڪ حادثي ۾ حسين خوابن جي موت تي جتي نوابشاهه، قاضي احمد ۽ دولتپور ۾ سراپا سوڳ برپا ٿي ويو پر اتي هن واقعي تي سموري سنڌ به سوڳوار بڻجي وئي.بشڪريه ڪاوش
     
  14. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    [​IMG]

    مممممممم​
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏16 جنوري 2014
  15. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
  16. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
  17. abdullah jarwar

    abdullah jarwar
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 نومبر 2013
    تحريرون:
    91
    ورتل پسنديدگيون:
    181
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Tando Allahyar
    ﺟﺴڪﺎﮢﻲ، ﻣﺤﻤﺪ ﻣﭡﻞ : ﻟﻴﮑڪ ﻣﺤﻤﺪ ﻣﭡﻞ
    ﺟﺴڪﺎﮢﻲﺀَ ﺟﻮ ﺟﻨﻢ، 15 ﺟﻨﻮﺭﻱ 1961ﻉ ۾ﮘﻮﭞ
    ٽﺌﻮﻧﺮ - ﺟﺴڪﺎﮢﻲ - ، ﺿﻠﻌﻲ ﺣﻴﺪﺭﺁﺑﺎﺩ ۾ ﭤﻴﻮ .
    ﺳﻨﮅ ﺯﺭﻋﻲ ﻳﻮﻧﻴﻮﺭﺳٽﻲ ٽﻨڊﻱ ﭴﺎﻡ ﻣﺎﻥ ﭘﻼﻧٽ
    ﭘﻴﭥﺎﻻﺟﻲﺀَ ۾ ﺍﻳﻢ . - ﺍﻳﺲ - . ﺳﻲ ڪﻴﺎﺋﻴﻦ، ﺍﺗﻲ ﺋﻲ
    1984 ﻉ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﮐُﻨﭝﻴﻦ ﺟﻲ ﻫﭥﺮﺍﺩﻭ ﭘﻮﮎ ﻣﺘﻌﺎﺭﻑ
    ڪﺮﺍﺋﮡ ﻭﺍﺭﻱ ﭘﻬﺮﺋﻴﻦ ﺗﺤﻘﻴﻘﺎﺗﻲ ﭘﺮﻭﺟﻴڪٽ ۾
    ﺭﻳﺴﺮﭺ ﺁﻓﻴﺴﺮ ﻣﻘﺮﺭ ﭤﻴﻮ، 1989 ﻉ ﮐﺎﻥ ﺑﺎﻏﺒﺎﻧﻲﺀَ
    ﻭﺍﺭﻱ ﺗﺤـﻘـﻴـﻘـﺎﺗـﻲ ﺍﺩﺍﺭﻱ ﻣـﻴـﺮﭘـﻮﺭﺧـﺎﺹ ۾
    ﺍﺳﺴٽﻨٽ ﭘﻼﻧٽ ﭘﻴﭥﺎﻻﺟﺴٽ ۽ 1994ﻉ ﮐﺎﻥ
    ﺯﺭﻋﻲ ﺗﺤﻘﻴﻘﺎﺗﻲ ﺍﺩﺍﺭﻱ ٽﻨڊﻱ ﭴﺎﻡ ۾ ﺍﺳﺴٽﻨٽ
    ﺭﻳﺴﺮﭺ ﺁﻓﻴﺴﺮ ﻃﻮﺭ ڪﻢ ڪﺮﻱ ﺭﻫﻴﻮ ﺁﻫﻲ . ﻫﻲﺀُ
    ﻫڪ ﻟﻴﮑڪ ﺟﻲ ﺣﻴﺜﻴﺖ ﺳﺎﻥ ﺯﺭﻋﻲ ﻣﻌﻠﻮﻣﺎﺗﻲ
    ﻣﻀﻤﻮﻥ ﺑﻪ ﻟﮑﻨﺪﻭ ﺭﻫﻲ ﭤﻮ، ﻫﻦ ﺟﺎ ﺯﺭﻋﻲ ۽ ﺍﺩﺑﻲ
    ﻣﻮﺿﻮﻋﻦ ﺗﻲ 100 ﮐﺎﻥ ﻭﮄﻳڪ ﻣﻀﻤﻮﻥ ﻣﺨﺘﻠﻒ
    ﺍﺧﺒﺎﺭﻥ ۽ ﺭﺳﺎﻟﻦ ۾ ﺷﺎﻳﻊ ﭤﻴﻞ ﺁﻫﻦ . ﻫﻲﺀُ ﻣﺎﻫﻮﺍﺭ
    ’ ﺟﺪﻳﺪ ﺯﺭﻋﻲ ﮐﻮﺟﻨﺎ ‘ ﺟﻮ - ﺍﻳڊﻳٽﺮ - ﺁﻫﻲ .
    ﺳﺎﺋﻴﻦ ﻣﭡﻞ ﺟﻮ ﻫﻲ ﻣﺨﺘﺼﺮ ﺗﻌﺎﺭﻑ ﺗﺎﺯﻭﺋﻲ
    ﺍﻧﺴﺎﺋﻴڪﻠﻮﭘﻴڊﻳﺎ ﺳﻨﮅﻳﺎﻧﺎ ۾ ﺷﺎﻣﻞ ڪﻴﻮ ﻭﻳﻮ ﺁﻫﻲ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو