1. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو فورم جتي اوهان رُڪن بڻجي ڪري سگهو ٿا گهڻو ڪُجهه!
    •    مُفت ۾ رُڪن بڻجي روزوانو سوين رُڪنن پاران ايندڙ موضوع پڙهڻ ۽ انهن راءِ ڏيڻ
    •    سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ايندڙ انقلابي پروجيڪٽس جو فائدو وٺڻ
    •   سنڌي لکڻ جي لاءِ هر مسئلي ۽ هر مُشڪل جو حل
    •   ذاتي ۽ عام رواجي ڪم ڪارن جي ڪنهن به مسئلي جو حل پُڇڻا نه مُنجهڻا يقيني طور ملڻ
    •   ڪتابن جي هڪ وڏي ذخيري مان لطف اندوز ٿيڻ
    •   ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه جيڪو هن فورم کي سنڌي جو هڪ بي مثال فورم بڻائي ٿو

    رجسٽريشن جو عمل، انتهائي تيز، سادو ۽ بلڪل مفت آهي، سو هتي ڪلڪ ڪري اڄ ئي ساٿ ۾ شامل ٿيو!
    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQs ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
  2. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي توهان کي ڀليڪار!
    •    مُفت ۾ رُڪنيت ڪيئن حاصل ڪجي؟
    •    جيڪڏهن پاسورڊ وسري وڃي ته کاتو ڪيئن بحال ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي موضوع ڪيئن موڪلجي يا موضوع ۾ جواب ڪيئن موڪلجي؟
    •   موضوع سان گڏ تصوير ڪيئن اپلوڊ ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي ڪتاب ڪيئن موڪلجي؟
    •   سنڌسلامت سان لاڳاپيل اهڙن ٻين کوڙ سارن سوالن جا جواب

    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQsهتي ڪلڪ ڪري ڏِسو ۽ سنڌسلامت سٿ جا ساٿِي بڻجو.

سونهن لڌي رستماڻي

'سنڌياڻي' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏15 جنوري 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    629
    ورتل پسنديدگيون:
    1,760
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    243
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    سنڌ ۽ سنڌي قوم جي بهتريءَ لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ نياڻي
    سونهن لڌي رستماڻي
    1735 اٽيچمينٽ ڏسو 1734 اٽيچمينٽ ڏسو
    سونهن لڌي رستماڻي جو جنم 30 آگسٽ 1992ع تي واهي پانڌيءَ جي ڳوٺ غيبي خان رستماڻي ۾ ٿيو، پرائمري تعليم مهراڻ يونيورسٽي پبلڪ اسڪول ڄامشوري، ميٽرڪ روشن تارا اسڪول سچل ڳوٺ ڪراچي، انٽر گلشن ڊگري ڪاليج ڪراچي، جڏهن ته انڊر گريجوئيٽ ايڪسچينج جي اسڪالرشپ تي پينسيلوينيا جي ڪلرين يونيورسٽي جو پنڌ ڪيو، سندس پيءُ ڊاڪٽر ڪرم رستماڻي ۽ امڙ زاهده پري سونهن رستماڻي کي مرڳو هڪ پٽ جيان پاليو پر هن سان گڏوگڏ هن جي تربيت به ڪجهه اهڙي انداز سان ڪئي آهي جو اڄ هوءَ ننڍي عمر جي نوجوان (شاگردن) جي ڀيٽ ۾ ملڪي سياست، علمي، ادبي ۽ سماجي حالتن جو تمام گهري نظر سان مطالعو ۽ مشاهدو ڪري ٿي، هو مرڳو عملي طرح سماجي سرگرميون جاري رکي ٿي پر ان سان گڏوگڏ مشاهداتي طور تي انهن کي پروڙي ان جي حل ۽ حاصلات لاءِ قلم جو سهارو وٺي مختلف اخبارن توڙي رسالن ۾ مضمون وغيره به لکندي رهي ٿي. سونهن لڌي رستماڻي ذهين شاگردياڻين مان هڪ آهي، جنهن جي وجود ۾ سنڌ ۽ سنڌي قوم لاءِ دل ڌڙڪي ٿي، اهڙين نياڻين کي جيڪڏهن اڳتي آندو وڃي ته هو ملڪ ۽ عوام لاءِ تمام گهڻو ڪجهه ڪري سگهن ٿيون، هن جي والدين ته پنهنجو فرض هن نياڻي کي پڙهائي دنيا ڏيکاري پنهنجو فرض پورو ڪيو، باقي ارباب اقتدار ۽ ڪرتا ڌرتا هن نياڻي جي ڪيتري ۽ ڪهڙي سهائتا ڪن ٿا۽ هن کي ڪيترا وسيلا مهيا ڪن ٿا، ته جيئن هي پنهنجي سماجي ڪمن کي اڳتي وڌائي سگهي. هو جڏهن يو ايس اي مان واپس پهتي ته هن ذهين سنڌياڻي سان ڳالهه ٻولهه ٿي، جيڪا هن ريت آهي
    چيم:سونهن!توکي سڌريل ملڪن ۽ هتان جي ملڪ جي تعليمي نظام ۾ ڪهرو فرق ڏسڻ ۾ آيو؟
    چيائين: اسان وٽ تعليمي ادارن ۾ جيڪو پرتشدد سياسي رجحان ڪاهي پيو آهي، ان نه رڳو شاگردن جي ذهني تربيت توڙي استادن جي صلاحيتن کي به مونجهاري جو شڪار بڻائي ڇڏيو آهي يو ايس اي جي ڪلرين يونيورسٽي ۾ جيترا ڏينهن به مون گذاريا، تنهن دوران اتي ڪنهن به سياسي پارٽي يا تنظيم جو ڪو جهنڊو نظر نه آيو ۽ نه وري اسان جي مادر علمين وانگي اتي روزاني احتجاجي جلوس نظر ايندا آهن، اهڙي ڪا به سرگرمي اتي نظر نه آئي، جنهن ۾ ڪو پرتشدد واقعو پيش آيو هجي،
    چيم:سنڌ جي مادر علمي ادارن ۾ ڇا ڪرڻ گهرجي؟
    چيائين: سنڌ ۾ جيڪڏهن تعليمي نظام کي بهتر بڻائڻو آهي ته سڀ کان پهرين روين ۾ تبديلي آڻڻِي پوندي، ذهن مان جاگيرداريت جا جيوڙا ۽ جراثيم ڪڍڻا پوندا ۽ مادر علمي ادارن ۾ مئچوئر شاگرد کي نظرياتي سياست ڏانهن راغب ڪيو وڃي ته اتي تعليم جي ميدان ۾ انقلابي تبديليون اچي سگهن ٿيون،
    چيم:ڇا سنڌي نياڻيون تبديلي نه ٿيون آني سگهن؟
    چيائين: سنڌي نياڻين کي جيڪڏهن اعلى تعليم جا موقعا فراهم ڪيا وڃن ته ائون دعوى سان چوان ٿي ته سنڌ جي نئين نسل جون نياڻيون تمام گهڻو اڳتي نڪري سگهن ٿيون. چيم:سياسي ماحول کي توهان ڪيئن محسوس ڪيو آهي؟
    چيائين: سياست جيڪڏهن عوامي مسئلن جي حل لاءِ ڪئي وڃي ته سياست خدمت ڪرڻ جو بهترين پليٽ فارم آهي ۽ جيڪڏهن سياست کي رڳو اسان پنهنجي مفادن ۽ حاصلات جو محور بڻايون ته اهڙي سياست جو ڪو به ڪارج نه ٿو رهي ۽ ان سياست کان سماجي ڪم وڌيڪ اهميت رکن ٿا، جنهن سان گهٽ ۾ گهٽ مسڪين ۽ بي پهچ بڻيل سماج جي بهتر خدمت ٿي سگهي ٿي،
    چيم:پرڏيهه ۾ سنڌ بابت ڇا خيال آهي؟
    چيائين: جڏهن مون يو ايس اي جي ڪلرين يونيورسٽي ۾ سنڌي سماج جي حوالي سان هڪ ليڪچر ڏنو ته اتي موجود ڪجهه استادن ۽ شاگردن وڏي حيرانگي محسوس ڪندي مون کان سوال ڪيا، سنڌ ۽ پاڪستان جو تصور جيڪو اتي ماڻهن جي ذهن ۾ آهي، توهان ان کان تمام مختلف (ڏيکاري) پيش ڪري رهيون آهيو ته مون کين چيو ته ناانصافي اها آهي ته اسان وٽ ڪڏهن به عام ماڻهن کي مڃتا ناهي ملندي، جيڪڏهن عام حالتن ۽ عام ماڻهن جي بهتري لاءِ ڪم ڪيو وڃي ها ته اڄ صدين جي تاريخ رکندڙ ڌرتي ترقي ۽ تعمير ۾ سڀ کان اڳ ڀري هجي ها، پر تنهن هوندي به هر ماڻهو تمامبهتر نموني پنهنجي ڌرتي ۽ ثقافت جي حفاظت ڪري رهيو آهي،
    چيم:سنڌي نياڻي ٿي ڪري پرڏيهه ۾ پڙهڻ دوران تڪليفون ۽ سماجي محروميون ته پلئه پيون هونديون؟
    چيائين: منهنجي لاءِ اهو اعزاز آهي ته ڪراچي يونيورسٽي مان آئون پهرين سنڌياڻي آهيان، جنهن پنهنجي محنت سان اعلى تعليم لاءِ اسڪالرشپ ورتي ۽ شايد منهنجي امڙ ۽ والد جي تربيت ۽ دعائن جو ان ۾ عمل دخل به آهي، جن مون کي ان قابل بڻايو جو آئون هزارين شاگردن مان اڪيلي چونڊجي وئي هيس،
    چيم:ڀلا !يونيورسٽي جي ماحول مان مطمئن آهين؟
    چيائين: يونيورسٽين ۾ جيڪو هاڻ ماحول مچيو آهي، اهو ايندڙ وقت ۾ انتهائي خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو ۽ جيڪڏهن شاگردن اهو محسوس نه ڪيو ته مادر علميون صرف علم حاصل ڪرڻ لاءِ آهن نه ڪي عشق ۽ محبتن جون آماجگاهون، ته سنڌ جي تعليم تي وڏو اثر پوندو. محبتون مزاجي تسڪين لاءِ آهن پر درسگاهن ۾ رڳو علم حاصل ڪجي ته بهتر ٿيندو،
    چيم:سونهن سنڌ واسين کي ڪو سنديش ڏيندينءَ؟
    چيائين: ها ڇو نه! جيڪڏهن حالتون ۽ وقت مهربان ٿيو ته آئون پنهنجي سماجي ڪمن کي ترجيح ڏيندي هڪ اهڙي تنظيم جوڙڻ جي خواهش رکان ٿي، جنهن ۾ انتهائي پٺتي پيل علائقن جي نياڻين جي تعليم تي ڪم ڪيو ويندو،
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,381
    ورتل پسنديدگيون:
    26,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڊاڪٽر ڪرم رستماڻي هڪ جستجو ڀريو انسان آهي، هو سماجي ۽ سياسي سرگرمين ۾ گهڻو حصو وٺندو رهيو آهي۔ سندس نياڻي سونهن لڌي تي اسان سنڌين کي ناز آهي۔ مونکي هن تي ان ڪري به ناز آهي جو سگا سچل ڳوٺ جي روشن تارا اسڪول مان ميٽرڪ ڪندڙ هي سنڌي نياڻي پنهنجي قابليت سبب اسان جو مان مٿاهون ڪيو آهي۔

    سندس مستقبل جي ڪاميابين لاء دعاگو آهيون ۽ اها اميد ته سندس نقش قدم تي هلندي ٻيون سنڌي نياڻيون به پنهنجي قابليت ۽ بهادري ذريعي پنهنجو پاڻ مڃرائينديون۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. رزاق عاصي

    رزاق عاصي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 مئي 2013
    تحريرون:
    8
    ورتل پسنديدگيون:
    31
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سونهن لڌي رستماڻي سنڌ جي سرويچ نياڻي
    شال هن جو خواب ساڀيا ٿئي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. گل بيگ مغيري بلوچ

    گل بيگ مغيري بلوچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 جون 2013
    تحريرون:
    8
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    نواب شاهه سنڌ
    ڊاڪٽر ڪرم علي مون سان گڏ ڊي سي هائي اسڪول نواب شاه مان مئترڪ پاس ڪئي. پر ان کان پو اڃا تائين ملاقات نه ٿي سًگهي، سندس نياڻي جي ڪاميابي تي واڌايون پيش ڪريون ٿا.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو