سنڌ سلامت فورم جو تعارف

'فورم جا قانون، قاعدا ۽ ضروري اعلان' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏25 اپريل 2009۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    محترم سنڌي سڄڻو اسلام عليڪم
    ياد رهي ته بر صغير ۾ سڀ کان پهريان الفابيٽ سنڌي ۾ بنائي وئي هئي اهو ئي سبب هيو جو جڏهن انگريزن هتي قبضو ڪيو ته سنڌي ٻولي کي ئي قومي ٻولي جو درجو ڏنو. پر اڳتي هلي ٻين ٻولين جي مقابلي ۾ سنڌي ٻولي اها ترقي حاصل نه ڪري سگهي نه وري ان کي اڳتي ڪرڻ ۾ ڪنهن سرڪاري اداري ڪا ڪوشش ڪئي. جڏهن ڪمپيوٽر ايجاد ٿيو ته ترقي جو هڪ نئون دور شروع ٿي ويو ۽ اڳتي هلي جڏهن انٽرنيٽ کي متعارف ڪرايو ويو ته جهڙوڪ انقلاب اچي ويو. انٽر نيٽ نه صرف رابطي جو تيز ترين ۽ سستو ذريعو بڻيو پر هن ذريعي هر قسم جي معلومات جي ڏي وٺ سيڪنڊن ۾ منتقل ٿيڻ لڳي. دنيا جي هر ڪمپني انٽرنيٽ ذريعي پنهنجي پروڊڪٽ کي هر عام ۽ خاص ماڻهون تائين پهچائڻ لاءِ انٽرنيٽ جو سهارو ورتو اهڙي طرح جڏهن هن ميدان ۾ رقم خرچ ٿيڻ لڳي ته روز روز نت نوان سافٽويئر ۽ هارڊ ويئر متعارف ٿيڻ شروع ٿيا.
    اڳتي هلي ان ڳالهه کي شدت سان محسوس ڪيو ويو ته مختلف ريجن جون ٻوليون مختلف هجڻ ڪري ڪمپيوٽر کي صرف انگريزي تائين محدود نه هجڻ گهرجي جنهن ڪري مختلف زبانن کي ڪمپيوٽر ڪوڊ جي شڪل ۾ آڻڻ لاءِ يونيڪوڊ آرگنائيزيشن جو بنياد وڌو ويو. جڏهن عربي ٻولي جو يونيڪوڊ متعارف ٿيو ته هڪ وڏو مسئلو ساڄي کان کاٻي لکڻ حل ٿي ويو ۽ جيئن ته سنڌي الفابيٽ بنيادي طور عربي مان ورتي وئي هئي ان ڪري سنڌي کي يونيڪوڊ سان ڳنڍڻ ممڪن ٿي پيو. ان سلسلي ۾ محترم عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب جن سنڌي زبان کي يونيڪوڊ سان ڳنڍي هڪ انقلابي قدم کنيو. جنهن کي اڳتي هلي MSN گروپ تان سنڌي ڪمپيوٽنگ جي پليٽ فارم تي جاري ڪيو ويو. سائين عبدالماجد ڀرڳڙي جن جي اهڙي انقلابي قدم سان سنڌي زبان کي انٽرنيٽ تائين پهچڻ آسان بڻجي ويو.
    هاڻي ضرورت هئي مختلف ويب سائيٽس ۽ سافٽويئر ٺاهڻ جي.
    ان سلسلي ۾ ڪافي سنڌي ساٿين خوبصورت خوبصورت سنڌي ويب سائيٽس ٺاهڻ شروع ڪيو. پر ان ڳالهه کي شدت سان محسوس ڪيو ويو ته بحث مباحثي لاءِ ۽ معلومات کي هڪ ٻئي سان ونڊڻ لاءِ اردو زبان وانگر سنڌي فورم جي به ابتدا ڪئي وڃي. ادا اڪبر لاکو phpbb کي سنڌي زبان ۾ ترجمون ڪري اهو ڪم به آسان ڪري ڇڏيو. اهڙي طرح پهرين سنڌي فورم جو آغاز ٿيو.
    پر ڳالهه اتي نه رڪي پروفيشنل سورس vbuilletin جي مقبوليت ايتري وڌڻ لڳي جو درجن جا درج اردو فورم ان سورس تي منتقل ٿيڻ لڳا ۽ جيئن ته وقت هڪ هنڌ نه ٿو بيهي ۽ هڪ منزل حاصل ڪرڻ کان پوءِ ٻي منزل جي لاءِ رستو آسان ٿي ٿو پئي ان ڪري اهڙي سنڌي فورم جي پڻ ضرورت محسوس ٿي جيڪو تيزي سان اڳتي وڌندڙ vbuilletin جهڙي طاقتور سورس تي مختلف زبانن جي فورمن جي صف ۾ سنڌي زبان جي نمائندگي ڪري سگهي.
    سنڌي زبان ۾ ٻي ننڍڙي ڪوشش ڪندي مون vbuilletin جو سنڌي ۾ ترجمو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. مختلف دوستن جي همت افزائي مهينن جي ڪم کي ڏينهن ۾ مڪمل ڪرڻ جو حوصلو ڏنو. ڪنهن به پروگرام کي سنڌي ۾ ترجمو ڪرڻ جو منهنجو هي پهريون تجربو آهي جنهن ڪري ڪوشش جي باوجود غلطيون لڪي نه سگهيون آهن. آخر ڪار تجرباتي طور vbuilletin جو سنڌي ترجمون مڪمل ڪري ورتو.
    پنهنجو هي ننڍو ڪارنامون جڏهن مون آئي ٽي جهان جي منتظم ظفر علي المعروف علي علي ۽ آئي ٽي هلچل جي منتظم عامر ضياء چارڻ المعروف پرنس جي اڳيان رکيو ته انهن سنڌي ٻولي کي vbuilletin جي پليٽ فارم تي آڻڻ لاءِ مون سان ڀرپور ساٿ ڏيڻ جي حامي ڀري. سنڌي لاءِ اوپن پيڊ جي مسئلي کي عامر ضياء چارڻ پنهنجي ذميواري تي کڻي ٻن ڏينهن ۾ پورو ڪري ورتو جنهن کي هڪ جامع صورت ۾ آڻي محترم علي علي جي ٿورن سان فورم کي لانچ ڪيو ويو. هن فورم جو نالو ٽنڊو محمد خان جي بهترين شاعر ۽ اديب محترم نثار احمد ناز ”سنڌ سلامت“ طور منظور ڪيو
    ان جي باوجود ته هي ڪم ڪافي محنت ۽ خرچ سان پورو ٿيو آهي پوءِ به ڪافي غلطيون رهجي ويون آهن. ان لاءِ مان ٿورائتو آهيان انهن دوستن جو جيڪي سنڌ سلامت فورم تي لڙي آيا ۽ مختلف غلطين جون نشاندهون، مشورا ۽ صلاحون ڏنيون جن تي عمل جاري آهي. سنڌ سلامت فورم تي ڀليڪار چوندي هر رڪن کي اها گذارش ڪندس ته هو پنهنجي مزيد قيمتي مشورن سان سنڌ سلامت فورم کي پنهنجا قيمتي لمحا ڏين ته جيئن محبتن جي هن ساٿ کي اڳتي کڻي هلجي.
    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ادا سائين اڪبر لاکو ته سنڌي زبان کي هٿي ڏيڻ واري عمل ۾ بجا طور هڪ وهائو تاري واري حيثيت رکي ٿو ان کان پوءِ تُنهنجو هي وي بليٽن وارو ڪم ڏسي دل بي اختيار توکي دُعائون ڏئي رهي آهي، ته هاڻي سنڌي جوڌن پنهنجون هن انتهائي تيز رفتار دور ۾ پنهنجي سنڌي ٻوليءَ کي دنيا جي سامهون روشناس ڪرڻ واريون ذميواريون محسوس ڪري ورتيون آهن. انشاالله اهو ڏينهن پري ناهي جو سموري دنيا جا سُهڻا ۽ محبت ڀريا سنڌي سٻاجهڙا هنن سنڌي فورمن جي ذريعي ٻڌي ۽ ايڪي واري مالا ۾ پوئجي پنهنجون مُرڪون هر ڪنهن سامهون وکيريندا نظر ايندا. بهرحال مون مسڪين جي طرفان سنڌ سلامت جي آن لائن ٿيڻ جون تمام گهڻيون گهڻيون مبارڪون قبول ڪندا. باقي اها توهان جي محبت آهي جو مون جهڙي ٽي نمبر واري شاعر کي اديب طور لکيو آهي. بهر حال الله سائين توهان سنڌ سلامت جي سمورن ساٿين کي نت نيون سو ڀون نصيب ڪري آمين ​
     
  3. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ

    سائين اها توهان جي ئي ته همت افزائي هئي جو سنڌ سلامت فورم وجود ۾ آيو ۽ توهان جي رهنمائي وسارڻ جهڙي نه آهي توهان تمام بهترين اديب آهيو سائين سچ پڇو ته اسان ڪي پاڻ تي ڪڏهن ڪڏهن فخر محسوس ٿيندو آهي ته اوهان جهڙي شخصيت جو دست شفقت اسان کي نصيب ٿيو آهي سنڌ سلامت فورم جي لاء ايتر محبت ۽ چاهت جي تمام گهڻي مهرناني سائين
     
  4. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    ادا، هن ناچيز کي ته فورم جي باري ۾ خبر ئي نه هوندي هئي ته فورم ڇا هوندو آهي ۽ ڪيئن ڪم ڪندو آهي، اها توهان ڀائرن جي ڀلائي آهي جو هن کي توهان اهڙي عظيم فورم جو ميمبر ڪيو آهي، ۽ ٻيو ته مون کي يقين آهي ته ايندڙ نسل لاءِ هي فورم هڪ مثال بڻجندو، ڇو جو هن فورم کي ماروئڙن جون دعائون آهن،۔ ادا رشيد، ادا علي علي، ادا نثار ناز جو هي ناچيز هڪ دفعو ٻيهر اهڙي فورم ٺاهڻ جو شڪريو ادا ٿو ڪري،
     
  5. اسدي

    اسدي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    44
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڀاءُ رشيد سمون
    واقعي توهان سچ ٿا چئو سنڌي زبان قديم آهي ڇوجو سڀ کان پهرين قرآن شريف جو ترجمو سنڌي ٻولي ۾ٿيو اهو سنڌي ٻولي لاءِ وڏي ۾ وڏو اعزاز آهي توهان جي هي محنت به سنڌي ٻولي خاطر ساراه جوڳي آهي ۔
     
  6. نثار منگي

    نثار منگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2009
    تحريرون:
    110
    ورتل پسنديدگيون:
    8
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سائين تمام بهترين شيئرنگ آهي
     
  7. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    منهنجي الله رب العزت کان دعا آهي ته هن فورم کي سدائين شاد و آباد رکي
     
  8. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سلامت فورم جو تعارف

    سائين سڄي سنگت کي مبارڪون هجن اهڙي عظيم ڪوشش رنگ لايو آهي
     
  9. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: سنڌ سلامت فورم جو تعارف

    سنڌ جو سفر ڪمپيوٽر جي دنيا ۾ جاري آهي ۽ وڏي طرقي ڪندو انشاالله
     
  10. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: سنڌ سلامت فورم جو تعارف

    سائين محترم عبدالرشيد صاحب جن جا اسان تمام گهڻا ٿورائتا اهيون جو انهن ايڏي محنت ڪري اسان لا‌پنهنجي ٻولي ۾ انمول موتين جي مالها ٺاهي ڏني آهي۔۔
    اسان سائين نثار ناز جن جا به ٿورائتا آهيون، جو انهن هي پيارو نالو ڏنو هن فورم کي۔۔۔۔
    سائين علي علي ۽ پرنس جا به ٿورائتا آهيون۔
    اسان جو کوڙ ساريون دعائون سندس سنڌ سلامت جي لا۔
     
  11. ربنوازبلوچ

    ربنوازبلوچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 نومبر 2010
    تحريرون:
    9
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    نوڪر
    ماڳ:
    ڪراچي گلشن اقبال
    جواب: سنڌ سلامت فورم جو تعارف

    ادا سولنگي صاحب ،
    وساڻ ڀاء ، مست نثار صاحب ، مطلب ته سنڌ سلامت جي سڄي سٿ جو ڪم لاجواب آهي
    اسان ته نوان ۽ ڪمن ڪارين سبب گهٽ پيا اچون پر اسان جون دعائون ۽ نيڪ تمنائون اوهان سڄڻن لاء آهن
    الله سائين توهان کي خوش رکي جو توهان اسان جي سونهن واري ۽ سگهاري زبان سنڌي جي ترقي لاء ڪوششون پيا ڪيو
    الله توهان کي ڪامياب ڪندو
    آمين
    ربنواز شر بلوچ ڪراچي
     
  12. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سنڌ سلامت فورم جو تعارف

    جي ادا بلڪل ....
     
  13. Rashid

    Rashid
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    24
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    جواب: سنڌ سلامت فورم جو تعارف

    سائين محترم عبدالرشيد صاحب اوهان هڪ اسان سنڌي ماڻهن لا۽ هڪ انمول تحفو ايجاد ڪيو
    آهي سنڌي ٻولي لاءِ وڏي ۾وڏو اعزاز آهي سائين مان سائين منير احمد صاحب جو ٿورائتو آهيان جنهن هن انمول فورم بابت آڳاه ڪيو
    مون ناچيز جو نالو راشد احمد چنا آهي مان اوهان سان حيدرآباد ڪوٽڙي شهر کان آهيان
     
  14. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سنڌ سلامت فورم جو تعارف

    ادا راشد اوهان کي سنڌ سلامت جي اڱڻ تي دل جي گهراين سان ڀليڪار ٿو چئجي۔۔
    اوهان کي گذارش آهي ته پنهنجو تفصيلي تعارف سنڌ سلامت جي ”تعارف“ سيڪشن ۾ هڪ نئين موضوع سان ‌ڪرايو۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو