• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

جيون جهاڳ اُجهاڳ : محمد ٻارڻ

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين


سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن متعارف ڪرائڻ جو جيڪو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو ٽيهون ڪتاب جيون جهاڳ اُجهاڳ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي شاعريء جو ڪتاب سنڌ جي ڀلوڙ شاعر محمد ٻارڻ جي شاعريءَ تي مشتمل آهي.

اسين ٿورائتا آهيون سجاول جي دوست سارنگ حبيب چانڊيو صاحب جا جنهن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي ڏني. هي ڪتاب سنڌي ادبي سنگت پاران اڪيڊمي ادبيات پاڪستان اسلام آباد جي مالي تعاون سان شايع ڪري مارڪيٽ ۾ آندو ويو آهي.


وڏا مجرم ٿيا منصف، عدالت سوڳ ۾ آهي.
شريرن کي عزت اهميت، شرافت سوڳ ۾ آهي.
وڏا ڌاڙيل ۽ رهزن، ڏسو اڳواڻ اڄ آهن،
سزا جن کي ملڻ گهرجي، سي قاضي پاڻ اڄ آهن،
نه نبريا فيصلا اڪثر، تڏهن رت ڇاڻ اڄ آهن،
سچي ڪوڙي کي سمجهڻ تي، شناخت سوڳ ۾ آهي.








 
هڪ سونهن ٻي سچائي، پردن ۾ هوندي آهي۔
بي لوث ميٺ، محبت فردن ۾ هوندي آهي

خوبصورت شاعريء سان ڀرپور سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ هڪ سٺو اضافو
سليمان جي هر ڪاوش لاجواب
 
Back
Top