فيڪٽرين ۾ باهه واقعن جي ذميوارن کي سزا ملندي؟

'سنڌ جون وسنديون' فورم ۾ سهڻي پارس طرفان آندل موضوعَ ‏17 جنوري 2013۔

  1. سهڻي پارس

    سهڻي پارس
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏16 ڊسمبر 2012
    تحريرون:
    192
    ورتل پسنديدگيون:
    758
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    صحافي
    ماڳ:
    حيدرآباد
    سهڻي پارس
    ماڻهو جڏهن ساهه بچائڻ لاءِ چارئي طرف پنهنجا رستا بند ڏسندو آهي ته ڪيڏي نه عجيب صورتحال هوندي آهي ۽ جڏهن سوين ماڻهو باهه جي گهيري هيٺ هجن ۽ هو صرف جان بچائڻ لاءِ آتا هجن ته فيڪٽري مالڪن کي پنهنجو سامان بچائڻ جو اُلڪو هجي ته معاشرو اسان کي ڪهڙي راهه تي هلڻ جو گس ٿو ڏي.
    ڪراچيءَ جي بلديه ٽائون واري علائقي ۾ هڪ گارمينٽس فيڪٽري ۾ جڏهن باهه لڳي ته ماڻهن جون آهُون ۽ دانهون هيون، هرطرف ماڻهو پنهنجن پيارن کي پڪاري رهيا هئا، پر فيڪٽري مالڪ انسانيت جو درد سمجهڻ بجاءِ پنهنجي سامان جو فڪر ڪري رهيا هئا، ان وقت فيڪٽري اندر ڦاٿل ماڻهن مان 125 کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار ٿي چڪا هئا ۽ هر حساس ماڻهوءَ جا لڱ ڪانڊارجي ويا هئا، پر منافعي بخش واپارين کي ڪا ڪهل ئي نه پئي آئي. سنڌ جي تاريخ ۾ ڏسجي ته فيڪٽرين ۾ ٿيندڙ واقعن ۾ شايد هي پهريون واقعو آهي، جنهن ۾ ايتريون جانيون ضايع ٿيون هجن ۽ سوين پورهيتن کي موت جو کاڄ بنائيندڙ فيڪٽري جي بلڊنگ مڪمل طور ختم ٿي چڪي آهي ۽ اها ڪيڏي مهل به ڪرڻ جو خدشو آهي، جيڪڏهن ڪجهه دير تائين باهه لڳل هجي ها ته اها بلڊنگ ملبي جو ڍير به ٿي پئي سگهي، جنهن سان وڌيڪ نقصان ٿي پئي سگهيو، پر پوءِ به 24 ڪلاڪن جي باهه جي تپش بلڊنگ جا بنياد ڪمزور ڪري ڇڏيا آهن.
    جڏهن فيڪٽري کي باهه لڳي ته سوين ماڻهو اندر ڦاٿل هئا ۽ ريسڪيو عملدارن امدادي ڪمن ۾ دير ڪئي ته متاثر ماڻهن جي پيارن کان رهيو نه ٿيو ۽ هو پاڻ باهه اندر داخل ٿيڻ لاءِ تيار ٿي ويا، پر سيڪيورٽي وارن کين اندر نه ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته بيسمينٽ ۾ جيڪو پاڻي گڏ ٿيو، اهو تمام گهڻو گرم ٿي چڪو هو، جنهن ۾ داخل ٿي نه پئي سگهجو، ان ڪري ماڻهو اندر ڦاٿل هئا ۽ ريسڪيو عملدار ٻاهر بيٺل رهيا ۽ دير ٿيڻ ڪري 300 کان وڌيڪ جانيون سڙي ڪوئلا ٿي ويون. هاڻي جڏهن فيڪٽري اندر موت جو کاڄ بڻيل توڙي معذور بڻيل پورهيتن لاءِ فيڪٽري مالڪن ڪوبه رليف فراهم ناهي ڪيو، جنهن سان سندن پونئيرن جي ڪا مالي سهائتا ٿي سگهي هجي. ڇاڪاڻ ته گهر جو چلهو هلائيندڙ ئي نه رهن ته پوءِ انهيءَ گهر جي ڪهڙي صورتحال هوندي. اها ڳالهه ته هر ماڻهو ڀلي ڀت ڄاڻي سگهي ٿو، توڙي جو فيڪٽري جي سانحي جو ڪيس فيڪٽري مالڪن، ان جي پٽ ۽ نياڻين تي داخل ڪيو ويو آهي ۽ انتظاميه کي اهو به خطرو هو ته اهي سانحي کانپوءِ ٻاهرين ملڪ ڀڄي نه وڃن، انهيءَ ڪري سندن نالا اي سي ايل ۾ به شامل ڪيا ويا آهن ۽ جاچ شروع ڪئي وئي آهي. شروعاتي جاچ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته فيڪٽري جا 3 در بند هئا ۽ هڪ اڌ در کليل هو، جنهن ڪري پورهيت ٻاهر نڪري نه سگهيا.
    ان مان ثابت ٿئي ٿو ته ڪراچي جهڙي شهر ۾ به نجي جيلن وانگر پورهيت کي واڙي پورهيو ورتو ويندو آهي، اها ته وڌيڪ حيرت جهڙي ڳالهه آهي. بهرحال اهڙي دردناڪ واقعي تي جاچ لاءِ آءِ جي سنڌ پوليس ڊي آءِ جي جاچ منظور مغل جي سربراهي ۾ جاچ ٽيم جوڙي ورتي آهي، جيڪا جاچ ڪري رهي آهي، جاچ ٽيم فيڪٽري جو معائنو به ڪيو آهي. هوڏانهن سنڌ حڪومت به فيڪٽري باهه واقعي جي جاچ لاءِ جسٽس رٽائرڊ قربان علوي جي سربراهي ۾ جاچ ڪميشن جوڙي آهي، هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته اها جاچ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ واقعي جي ذميوارن کي سزا ڏئي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو يا فيڪٽري مالڪ پنهنجي اثر رسوخ سان پنهنجي مرضيءَ موجب جاچ رپورٽ پنهنجي حق ۾ ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا ۽ فوت ٿيل پورهيتن جو خون رائيگان ويندو! ڇاڪاڻ ته ماضيءَ ۾ ائين ٿيندو رهيو آهي ته ڪيترائي اهڙا واقعا ٿيندا آهن ۽ جاچ ڪاميٽيون به ٺهنديون آهن ۽ پوءِ وقت جي دز ۾ لٽجي ائين هڪ واقعي پٺيان ڪيترائي واقعا وقت جي رئيءَ ۾ لٽجي ويندا رهيا آهن، جن جو ڪوبه تدارڪ نه ٿيڻ حيرت ۽ مذمت جوڳو عمل آهي. هاڻي جڏهن فوت ٿيل ماڻهن جي وارثن جي اکين جا ڳوڙها ختم ٿي ويا آهن ۽ هو تڏو به کڻي چڪا آهن ته انتظاميه به اهو سمجهي چڪي آهي ته باهه جو تئو گهٽ ٿي ويو آهي، فائيلن ۾ جاچ جاري آهي، حقيقي طور تي جاچ ڪري پورهيتن جي ڦٽن تي مرهم رکي انهن کي رليف ڏيڻ جي ڪوشش نه پئي ڪئي وڃي. ڏٺو وڃي ته پوري ملڪ اندر ڪارخانن ۽ فيڪٽرين جي حالت خراب آهي، پر پوءِ به سرمائيدار طبقو گهٽ خرچ تي وڏو منافعو ڪمائڻ چاهي ٿو، جنهن سان نقصان هميشه پورهيتن جو ئي ٿيندو رهيو آهي، هاڻي حڪومت کي سمورن اهڙن زبون حال ڪارخانن ۽ فيڪٽرين خلاف آپريشن ڪرڻ گهرجي، جيئن ٻيو ڪو اهڙو واقعو پيش نه اچي سگهي.
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو