اڄوڪو ڏينهن 17 جنوري سنڌ جي عاشق سائين جي ايم سيد جو جنم ڏينهن آهي. جي ايم سيد جنهن سنڌ لاء پنهنجي زندگي وقف ڪري ڇڏي. سندس جنم ڏينهن جي مناسبت سان سنڌ پاران سندس ڊجيٽل ڪتاب پيش ڪجي ٿو.
سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن متعارف ڪرائڻ جو جيڪو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو پنجويهون ڪتاب سنڌ ڳالهائي ٿي اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. ياد رهي ته هي تاريخي ڪتاب اصل ۾ سائين جي ايم سيد جو پاڪستاني ڪورٽ لاء عدالتي بيان آهي جيڪو سنڌ ڪيس جي نالي سان انگريزيء ۾ به ڇپيو آهي. هي ڪتاب پڙهڻ کانپوء اهو احساس ٿو ٿئي ته پاڪستان جي ٺهڻ کان وٺي هن وقت تائين سنڌ سان ڪيڏا وڏا ڪلور ٿيندا رهيا آهن.
هن ڪتاب جي ڪمپوزنگ هڪ ڏکيو ڪم هيو ڇو ته ڪتاب ۾ موجود سنها فونٽ گهڻو پريشان ڪندا رهيا. مان ٿورائتو آهيان عبدالڪريم چانڊيي ۽ غلام قنمبر وساڻ جو، جيڪي ڪمپوزنگ ۽ پروف ريڊنگ ۾ ساٿ ڏيندا رهيا آهن. ٿورا پياري دوست ابو واصف جا جنهن ڪتاب جو ٽائيٽل پيج ڊزائن ڪري موڪليو. جيڪڏهن ڪٿي ڪي اڻايون يا پروف جو چڪون رهجي ويون هجن ته رهنمائي ڪجو.
اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.
____