اڄوڪو ڏينهن 18 جنوري تاريخ جي دري مان

'جنوري' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏18 جنوري 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄوڪي ڏينهن 18 جنوري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

    جنم ڏينهن:

    18 جنوري 1904ع تي قادر الڪلام شاعر ۽ مشاعرن جو مور عبدالله خواب ولد علي بخش ڀٽي حيدرآباد ۾ ڄائو.​
    18 جنوري 1886ع سياستدان کيمچند امرت راءِ (حيدر آباد) جو جنم ڏينهن آهي.
    18 جنوري 1916ع اداڪار خوشي مولواڻي (سکر / هندستان) جو جنم ڏينهن آهي.
    18 جنوري 1940ع سياستدان سيد امير علي شاهه ڄاموٽ جو جنم ڏينهن آهي.
    18 جنوري 1944ع ليکڪ عزيز جعفراڻي جو جنم ڏينهن آهي.
    18 جنوري 1948ع صحافي ديانند ڪرپلاڻي (گهٽڪي) جو جنم ڏينهن آهي.
    18 جنوري 1949ع ليکڪ خليل مورياڻي (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي.
    18 جنوري 1952ع اداڪار پرڪاش اڀيچنداڻي (بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي.
    18 جنوري 1952ع سياستدان مير غلام الله خان ٽالپر جو جنم ڏينهن آهي.
    18 جنوري 1956ع تي ريڊيو پاڪستان جو معروف انائوسر نور محمد خاصخيلي ولد يار محمد خاصخيلي نوابشاهه شھر ۾ ڄائو.
    18 جنوري 1964ع ليکڪ الطاف باگراڻي جو جنم ڏينهن آهي.
    18 جنوري 1968ع تي نوجوان شاعر ۽ ڪالم نگار فياض مسافر بروهي اصل نالو فياض احمد بروهي، ولد نور محمد بروهي جي گهر لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو.
    18 جنوري 1983ع تي نوجوان ڪھاڻيڪار عبدالستار هليو ولد محمد مٺل ڳوٺ سومر هليو. قنبر علي خان ۾ پيدا ٿيو.

    وڇوڙو:
    18 جنوري 1881ع شاعر آخوند محمد قاسم هالائي جي وفات ٿي.
    18 جنوري 1936ع تي مشھور ناول نگار ۽ شاعر رڊيارڊ ڪپلنگ جو وڇوڙو ٿيو.
    18 جنوري 1955ع اردو جي ناليواري افسانه نگار سعات حسن منٽو جي وفات ٿي.
    18 جنوري 1960ع مذهبي اسڪالر مولانا الاهي بخش سومرو لاڏاڻو ڪري ويو.
    18 جنوري 1961ع ليکڪ حڪيم محمد صادق راڻيپوري وفات ويو.
    18 جنوري 1981ع تي راولپنڊي ۾ حڪيم محمد يوسف حسن جو وڇوڙو ٿيو.
    18 جنوري 2007ع اردو جي نامياري شاعر محسن ڀوپالي جو انتقال ٿيو.
    18 جنوري 2010ع ليکڪ ۽ محقق غلام رباني آگرو انتقال ڪري ويو.
    18 جنوري 2011ع ليکڪ، اديب ۽ شاعر منٺار سولنگي دل جي دوري پوڻ سبب انتقال ڪري ويو.
    18 جنوري 2019ع سنڌي ۽ اردو ڊرامن جو ناميارو اداڪار گلاب چانڊيو وڇڙي ويو.

    18 جنوري جا ڪجه واقعا

    18 جنوري 1873ع تي قبرص، برطانيہ جي حوالي ڪيو ويو.
    18 جنوري 1878ع تي جزيره هوائي، ڪپتان ڪڪ دريافت ڪيو.

    حواله:

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
    روزانه ڪاوش
    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
    وڪيپيڊيا
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏18 جنوري 2015
  2. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    [​IMG]
    [​IMG]

    سائين در محمد صاحب ۽ سليمان وساڻ صاحب جي هي محنت به قابل تعريف آهي، در محمد صاحب اسان جي سنڌي ٻولي جو هڪ بهترين جاکوڙي عالم اديب آهي، جنهن جي سوانح تي ته اسان جو دوست محترم سليمان وساڻ صاحب ڪم ڪري چڪو آهي، جيڪا هيٺ پيش ڪجي ٿي،

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ سنڌ جي هڪ علمي، ادبي شخصيت۔محمد سليمان وساڻ
    سنڌ جي ناليواري، ليکڪ، محقق، تاريخدان، شاعر، ڪهاڻيڪار، ڊرامه نگار، مترجم، ڪالم نگار ۽ تعليمدان ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ کي سندس جنم ڏينهن تي واڌايون پيش ڪجن ٿيون.

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جو جنم 25 مئي 1945 ع تي خير محمد آريجا تعلقو ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو۔ پاڻ 1971 ۾ بي ايڊ، 1972 ۾ ايم اي سنڌي ادب ۾، ۽ 1979ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ”ڪراچي جو سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي ترقيءَ ۾ حصو “ جي عنوان تي اپي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ وڌيڪ تفصيل پڙهڻ لاء هت ڪلڪ ڪندا۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو