اڄوڪو ڏينهن 19 جنوري تاريخ جي دري مان

'جنوري' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏19 جنوري 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄوڪي ڏينهن 19 جنوري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

    جنم ڏينهن:

    19 جنوري 1736ع تي سيٽم انجڻ جو مؤجد جيمز واٽ جو جنم ڏينھن آهي.
    19 جنوري 1809ع تي آمريڪي مصنف ريڊ گرامين يو جو جنم ڏينھن آهي.
    19 جنوري 1924ع ناليواري ليکڪ تعليمدان ۽ شاعر ڊاڪٽر اياز قادري جو جنم ڏينهن آهي.
    19 جنوري 1935ع تي مشھور شاعر مبين پنائي جو اصل نالو عبدالمبين ولد محمد حسن جمالي بدين ضلعي جي پني ڳوٺ ۾ ڄائو.​
    19 جنوري 1936ع تي سھڻو شاعر محمد ابراهيم ”راحم“ صديقي ڳوٺ دودي سنهڙيءَ ۾ جنم ورتو.
    19 جنوري 1937ع سياستدان رسول بخش انڙ جو جنم ڏينهن آهي.
    19 جنوري 1939ع صحافي غلام رسول ميمڻ (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي.
    19 جنوري 1951ع صحافي حڪيم رحمت الله (دادو) جو جنم ڏينهن آهي.
    19 جنوري 1973ع شاعر انور منصور مڱريو جو جنم ڏينهن آهي.
    19 جنوري 1988ع شاعر وفا غلام علي اڄڻ جو جنم ڏينهن آهي.
    19 جنوري 1990ع شاعر غلام مرتضى شيخ (سوڀوديرو) جو جنم ڏينهن آهي.

    وڇوڙو:

    19 جنوري 1951ع مذهبي اسڪالر مولانا نبي بخش جي وفات ٿي.
    19 جنوري 1996ع فلمي اداڪار سڌير جي وفات ٿي.
    19 جنوري 2003ع اڳوڻي وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي پهرين گهرواري شيرين امير بيگم ڀٽو جي وفات ٿي.
    19 جنوري 2013ع گلوڪاره مهناز بيگم جي وفات ٿي.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏19 جنوري 2015
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    نامياري گلوڪاره مهناز لاڏاڻو ڪري وئي۔

    ملڪ جي ناليواري گلوڪاره مهناز بيگم علاج لاءِ آمريڪا نيندي بحرين ۾ لاڏاڻو ڪري وئي، مهناز ڪجهه وقت کان بيمار هئي، کيس علاج لاءِ آمريڪا نيو پئي ويو ته جهاز ۾ سندس طبيعت خراب ٿي وئي ۽ دل جي دوري سبب کيس بحرين ۾ اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو، جتي هن دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو، سندس عمر 55 سال هئي. مهناز 1959 ۾ جنم ورتو ۽ ننڍپڻ ۾ ئي ڳائڻ شروع ڪيائين. سندس نغمن جي ڪري ڪيتريون ئي فلمون سپر هٽ به ثابت ٿيون. هن ڪيترائي غزل به ڳايا جيڪي مشهور ٿيا. هن اردو، سنڌي ۽ پنجابي ۾ به ڳايو۔ سندس لاڏاڻي تي لاهور ۾ شوبز جون سموريون سرگرميون ۽ شوٽنگون معطل ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. صدر آصف علي زرداري، سڌ سماءُ واري وفاقي وزير قمر زمان ڪائره ۽ ٻين سندس لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي،

    سنڌي ۽ اردو فلمن جي مشهور ڳائڻي مهناز لاڏاڻو ڪري وئي

    ڪراچي (رپورٽ: مصطفيٰ ملاح) سنڌي فلمن کان پلي بيڪ سنگر طور فني سفر جي شروعات ڪندڙ ريڊيو، ٽي وي ۽ فلم جي ليجنڊ گلوڪاره مهناز بيگم بحرين ۾ 55 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري وئي، سندس تدفين ڪراچي ۾ ڪئي ويندي، مهناز بيگم وڏي عرصي کان گڙدن، بلڊ پريشر، شگر جهڙين بيمارين ۾ مبتلا هئي، هر ڀيري آمريڪا مان علاج ڪرائيدي هئي، جتي سندس ڀائر پڻ رهن ٿا، ڪالهه بيماري سبب آمريڪا وڃي رهي هئي ته سفر دوران هن جي طبعيت بگڙجي وئي، هن کي بحرين جي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، جتي هن دم ڌڻي حوالي ڪيو، 30 سال فن کي ڏيندڙ گلوڪاره مهناز بيگم باقاعده موسيقي جي سکيا استاد نظر حسين، پنڊت، غلام قادر، نياز احمد، لعل محمد اقبال کان ورتي ، هن کي ريڊيو پاڪستان تي حشمت حسين جعفري، پي ٽي وي تي عبدالڪريم بلوچ متعارف ڪرايو، پي ٽي وي تي هن پروگرام ”نغمه راز“ ۽ پهرئين فلم پهچان، تيرا پيار ميري جيون ڪي سنگ رهي گا، ڳائي فلمي دنيا ۾ قدم رکيو، هن تقريبن فلم، ٽي وي ۽ ريڊيو لاءِ 2500 کان وڌيڪ گيت ڳايا هئا، هن وڌ کان وڌ مرحوم راڳي مهدي حسن سان گڏجي ڊوئيٽ گيت ڳايا، مهناز بيگم غزل، ٺمري ۽ خيال ڳائڻ جي ماهر هوندي هئي، گلوڪاره مهناز کي اهو به اعزاز حاصل آهي ته پاڻ گلوڪاره نورجهان بيگم جي پهرئين شاگردياڻي هئي، هن جون مشهور فلمون جن ۾ پلي بيڪ سنگر طور ڳايو، انهن ۾ آئينه، زندگي، بندش، پهچان، شرارت، ميرا نام پالي خان ۽ ٻيون شامل آهن، پاڪستان ٽيليويزن تي پهريون ڀيرو ڳائڻ تي هن کي هزار رپين جو چيڪ مليو هو، ريڊيو پاڪستان تي 3 هزار، فلم جو هن کي 5 هزار جو پهريون چيڪ مليو هو، هن اردو، سنڌي، پنجابي، سرائيڪي سميت ڪيترين ئي زبانن ۾ گيت ڳائي مڃتا ماڻي، گلوڪاره مهناز ان دور ۾ ڳائڻ شروع ڪيو، جڏهن گلوڪاره نورجهان ۽ مالا بيگم جو عروج هو، گلوڪاره مهناز ٻه ڀيرا پرائيڊ آف پرفارمنس، پي ٽي وي ايوارڊ، نگار ايوارڊ، بولان ايوارڊ، گريجوئيٽ ايوارڊ ۽ ٻيا ڪيترائي سرڪاري ۽ غير سرڪاري ايوارڊ ماڻيا، گلوڪاره مهناز گذريل سال 2012ع ۾ نومبر جي مهيني ۾ آمريڪا جي اسپتال ۾ 14 ڏينهن ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رهي، بعد ۾ سندس صحت بهتر ٿيڻ کانپوءِ 13 ڊسمبر 2012ع تي واپس ڪراچي پهتي هئي، جتان بحرين وئي هئي. مهناز بيگم وڏو عرصو بيمار رهڻ ۽ سرڪار طرفان سار نه لهڻ تي مايوسي جو شڪار ٿي وئي هئي، هن 2 سال پهريان ڳائڻ ڇڏي ڏنو هو پر ان سان گڏ ملڪ به ڇڏڻ جو فيصلو ڪري چڪي هئي، هوءَ آمريڪا ۾ ڀائرن وٽ وڃي رهي هئي، جڏهن به بيمار ٿيندي هئي ته سرڪار کي پنهنجي بيماري ٻڌائڻ بنا آمريڪا وڃي انتظاميا پاران مفت ۾ علاج ڪرائيندي هئي، جڏهن ته هن پنهنجي بيماري جو ڪڏهن به سرڪار کان علاج ڪرائڻ جو مطالبو ڪو نه ڪيو هو. ميڊيا رپورٽس موجب مهناز بيگم ڪراچي کان آمريڪا تائين ڪنيز فاطمه رضا مهناز جي نالي سان سفر ڪري رهي هئي، مرحُم گلوڪار مهناز بحرين جي هوائي اڏي مناما تي لهندي ئي ڪري بيهوش ٿي وئي، جنهن بعد جهاز انتظاميا طرفان کيس طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪرايو ويو، جنهن بعد جهاز انتظاميا مرحومه مهناز جي پاسپورٽ جو معائنو ڪري بحرين ۾ پاڪستاني سفير سان رابطو ڪيو، جنهن تي سفير پهچي ويو ته مرحومه گلوڪاره جي سڃاڻپ نه ڪري سگهيو ته جهاز انتظاميا مهناز جي موبائل فون ذريعي سندس وارثن سان فون تي رابطو ڪيو، جنهن بعد ئي اها مڪمل ڄاڻ ملي ته جهاز مان ڪري بيهوش ٿي ويل عورت مهناز بيگم آهي، ميڊيا رپورٽن موجب جهاز انتظاميا جو چوڻ هو ته مرحومه مهناز بيگم جهاز ۾ اڪيلي سر سفر ڪري رهي هئي.


    مهناز 5 ڀائرن ۾ اڪيلي ڀيڻ هئي، ماءُ سان گڏجي نعت ۽ مرثيه به پڙهيا

    ڪراچي: گلوڪاره مهناز 1958ع ۾ ڪراچي جي اختر وصي علي جي گهر ۾ اک کولي جيڪو ريڊيو پاڪستان تي ملازم هوندوهو، مهناز جو والد عربي، فارسي ۽ اردو زبانن تي عبور رکندو هو ۽ ماهر خطاط به هو، ۽ گڏوگڏ پاڪستان جي قومي تراني ۾ سندس آواز به شامل آهي، مهناز جي والده ڪجن بيگم نعتون ۽ مرثيه پڙهندي هئي ۽ مهناز هن سان گڏ هوندي هئي, مهناز به شروع ۾ نعتون ۽ مرثيه پڙهندي هئي، هن پرائمري تعليم بهادر يار جنگ اسڪول جيل روڊ ڪراچي ۾ ميٽرڪ مسلم گرلز اسڪول ناظم آباد 2 نمبر ۽ گريجوئيشن سٽي ڪاليج ڪراچي مان ڪئي، پهريون ڀيرو هن ريڊيو پاڪستان تي بزم طلبه جي مقابلي ۾ حصو ورتو، ان کانپوءِ ڪاليج طرفان ”ڪل پاڪستان مقابلا موسيقي“ ۾ حصو ورتو ۽ هن ڪاليج کي ايوارڊ مليو، گلوڪاره مهناز پنجن ڀائرن جي اڪيلي ڀيڻ هئي ۽ سندس هڪ ڀاءُ اڳ ئي فوت ٿي چڪو هو.

    مهناز فني سفر جي شروعات سنڌي فلم” رت جا رشتا“
    سان ڪئي، ڪيترائي مشهور سنڌي گيت ڳايا

    ڪراچي : گلوڪاره مهناز ڪيترن ئي فلمن سان گڏ سنڌي فلمن ۾ پڻ آواز جو جادو جڳايو، انهن سنڌي فلمن ۾ ”ڌرتي دل وارن جي“ ۾ گيت ”چور چور“ فلم ”رت جا رشتا“ ، گيت” هاءِ منهنجي رنگ رتولي جواني“ فلم ”دوستن جو پيار“ گيت ”چاندي بدن منهنجو“ ۽ ٻيون فلمون شامل آهن، جڏهن ته ڪي ٽي اين تان هن جو ڳايل شاهه لطيف جو ڪلام” ميرا هار سينگار ميرا حسن جمال ساجن هي“ پڻ نشر ٿيندو رهندو آهي، جڏهن ته سنڌي فلم” ڌرتي دل وارن جي“ جا سڀ گيت گلوڪاره مهناز جا ڳايل آهن، هن پهريون ڀيرو سنڌي فلم ”رت جا رشتا“ ۾ ڳائڻ کان شروعات ڪئي هئي، جنهن جو موسيقار فيروزالدين ۽ غلام علي هئا.

     
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    [​IMG]
    [​IMG]

    سائين در محمد صاحب ۽ سليمان وساڻ صاحب جي هي محنت به قابل تعريف آهي، در محمد صاحب اسان جي سنڌي ٻولي جو هڪ بهترين جاکوڙي عالم اديب آهي، جنهن جي سوانح تي ته اسان جو دوست محترم سليمان وساڻ صاحب ڪم ڪري چڪو آهي، جيڪا هيٺ پيش ڪجي ٿي،

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ سنڌ جي هڪ علمي، ادبي شخصيت۔محمد سليمان وساڻ
    سنڌ جي ناليواري، ليکڪ، محقق، تاريخدان، شاعر، ڪهاڻيڪار، ڊرامه نگار، مترجم، ڪالم نگار ۽ تعليمدان ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ کي سندس جنم ڏينهن تي واڌايون پيش ڪجن ٿيون.

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جو جنم 25 مئي 1945 ع تي خير محمد آريجا تعلقو ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو۔ پاڻ 1971 ۾ بي ايڊ، 1972 ۾ ايم اي سنڌي ادب ۾، ۽ 1979ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ”ڪراچي جو سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي ترقيءَ ۾ حصو “ جي عنوان تي اپي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ وڌيڪ تفصيل پڙهڻ لاء هت ڪلڪ ڪندا۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو