اسلام ۾ قتل جا قسمون.

'قانوني صلاح مشوره' فورم ۾ صنم طرفان آندل موضوعَ ‏19 جنوري 2013۔

  1. صنم

    صنم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏26 مارچ 2011
    تحريرون:
    73
    ورتل پسنديدگيون:
    124
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    اسلام ۾ قتل جا قسم:_KIND OF MURDER IN ISLAM

    شريعت اسلام ۾ قتل جون ٻه قسمون آهن، هڪ قتل عمد ۽ ٻِيو قتل خطا۔ قتل عمد جي سزا قصاص آهي ۽ قتل خطا جي سلسلي ۾ ديت ( خون بهاء) مقررآهي۔ قتل جي حوالي سان هيٺيون حديثون قابل ذڪر آهن۔

    مرداس بن عروه رضي الله تعالي عنه جن ٻڌايو ته ”هڪ ماڻهون پنهنجي ڀاء کي تير هڻي قتل ڪيو۽ ڀڄي ويو۔ اسان ان کي سيدنا حضرت ابوبڪر وٽ موجود ڏٺو،هو انهن کي پياري نبي سائين، رسول الله صلي الله عليه وسلم جن وٽ وٺي ويا ته پاڻ سڳورن هن کان قصاص ورتو ( مجمع الزوائده6/291)

    پياري نبي سائين رحمت العالامين جن وارثن مان ڪجه جا قصاص معاف ڪرڻ ۽ ڪجه جا معاف نه ڪرڻ جو فيصلو ان طرح سان ڪيو، حضرت آماء عائشه رضِي الله تعالئ عنه فرمائين ٿيون ته رسول الله صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ته: قاتلن کي گهرجي ته هو قصاص جي معافي لاء مقتول جي ويجهي مان ويجهي سان رجوع ڪري جيتوڻيڪ اها عورت هجي۔( اهو ان صورت ۾ ٿيندو جنهن کي قتل ڪيو وڃي ان جي ورثاء ۾ مرد ۽ عورت ٻئي هجن ويجهو مائٽن ۾ ،چاهي اهو مرد هجي يا عورت،جنهن خون (قصاص) معاف ڪيو ۔ان جو معاف ڪرڻ جائز آهي،ڇو ته پاڻ سائيجن صلي الله عليه وسلم جن جو فرمان آهي،رڪيو! يعني قصاص وٺڻ کان روڪيو) (سنن ابوداود_4538)

    قتل خطا MURDER BY MISTAKE
    غزاه احد ۾ حضرت حذيفه بن يمان جي والد يمان کي مسلمانن جون تلوارون غلطي سان لڳيون ۽ نادانستگي ۾ هو قتل ٿئي ويا۔ رسول الله صلي الله عليه وسلم جن ان قتل جي ديت ( خون بهاء) ڏيڻ جو ارادو ڪيو پر حضرت حذيفه بن يمان رضِي الله عنه جن مسلمانن کي ديت معاف ڪئي ،يعنئ نه ورتي۔ ( حديث محمود بن لبيد_ مجمع الزوائد 6/289 )
    رسول الله صلي الله عليه وسلم جن فرمايو”مان ان شخص کي معاف نه ڪندس جنهن ديت وٺڻ کان پوء قتل ڪيو“ ( راوي : جابر بن عبدالله رضي الله عنه۔ سنن ڪبري بيهقي جلد 8 صحفو 54)
    حضرت ابن عباس رضي الله عنه جن کان روايت آهي ” هڪڙو ماڻهون حضور صلي الله عليه وسلم جن جي عهد (زماني) ۾ ڪنهن کي قتل ڪيو ته پاڻ سائيجن صلي الله عليه وسلم انهن جي لاء ٻاره هزار (درهم) ديت مقرر فرمائي۔ (راوي: ابن عباس رضي الله تعالئ عنه سنن کبري بيهقي، جلد 8 صحفو 78،۔ سنن نسائي 4803)
     
    12 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. خليل جبران

    خليل جبران
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 جنوري 2013
    تحريرون:
    39
    ورتل پسنديدگيون:
    156
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    تمام سٺي معلومات ڏني ويئي آهي۔ ان سلسلي کي زور شور سان جاري رکندا تاڪي اسانجهڙا به ڪجه پرائي سگهن۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    شرعي ۽ قانوني لحاظ کان قتل بابت بهترين معلومات ڪئي اٿو
    مهرباني
     
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    هڪ اسلامي قانون جي بهترين وضاحت، جاري رکندا۔۔۔
     
  5. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    سائين علم ۾ واڌارو پيو ٿئي۔ انتهائي ڪارائتي ڄاڻ۔۔۔
     
  6. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    محترمه صنم السلام عليڪم۔ ماشالله تمام محنت سان اوهان هي ليک لکيو آهي جنهن ۾ اسلام ۾ قتل جي قسمن جي وضاحت ۽ ان جي مناسبت سان پياري نبي سائين جن جون حديثون جوپڻ حوالو ڏنو اٿئو۔ توهانجي محنت تمام گهڻي ساراهڻ جي قابل آهي۔هميشه خوش رهو ۽ تمام سٺا معلومات سان لبريز ليک هت ونڍ ڪندا رهو۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو