فيس بوڪ گراف سرچ... هاڻي ڳوليو جيڪو توهان چاهيو...

'فيس بوڪ' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏20 جنوري 2013۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    فيس بوڪ طرفان تازو ڳولا فيچرز کي وڌيڪ بهتر بنائڻ لاءِ Graph Search کي متعارف ڪرايو ويو آهي۔۔ هي نئون سرچ الاگرٿم فيس بوڪ استعمال ڪندڙن طرفان پوسٽ ڪيل سموري معلومات کي استعمال ڪندي نتيجا پيش ڪندو ۔۔۔
    توهان هن نئين سرچ فنڪشن ذريعي دوستن يا ٻين فيس بوڪ استعمال ڪندڙن جي باري ۾ معلومات آساني سان حاصل ڪري سگهندو۔۔ ان حوالي سان فيس بوڪ وارن مائڪروسافٽ سان هڪ معاهدو پڻ ڪيو آهي جنهن تحت جيڪڏهن توهان جي معلومات فيس بوڪ تي موجود نه ملي ته گراف سرچ ان کي Bing تي ڳولا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو۔۔۔
    جيڪڏهن توهان اهو ڳولڻ چاهيو ٿا ته توهان جا ڪهڙا دوست برگر کائڻ پسند ڪندا آهن۔۔۔ ته بس ڳولا ڪريو۔۔ فيس بوڪ جو هي الاگرٿم توهان جي دوستن طرفان اپلوڊ ڪيل سموري معلومات کي جانچيندو ۽ توهان جي ڳولا سان ملندڙ نتيجا پيش ڪندو۔۔۔ مثلن توهان جي انهن دوستن جن برگر جي تصوير اپلوڊ ڪئي هوندي يا ڪنهن ريسٽورينٽ چيڪ ان ڪيو هوندو ۔۔۔ فيس بوڪ اهي نتيجا توهان اڳيان پيش ڪندو۔۔
    ڪمپني جي طرفان گراف سرچ انجڻ جو فيچر اڃان فيس بوڪ استعمال ڪندڙن جي محدود رڪنن لاءِ رکيو ويو آهي۔۔ جيڪڏهن توهان معلوم ڪرڻو چاهيو ٿا ته توهان کي هي فيچر ڪڏهن پيش ڪيو ويندو ته هن لنڪ تي اچو۔۔۔ ۽ گرف سرچ بابت وڌيڪ معلومات لاءِ هيٺين وڊيو ڏسو۔۔

     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    هاڻي مان جلدي معلوم ڪري وٺندس ته علي علي ۽ عرس پريي کي ڇا ڇا پسند آهي!
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    هههه ادا طاهر مون کي رشيد پسند آهي اوهان سرڇ ڪري ڏسو ڀلي ههههه توهان کي جي سرچ ڪرڻي آهي ته عامر جي باري ۾ ڪري ڏسو هههه
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو