• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ورڊ مان پي ڊي ايف ۾ ڪنورٽ ڪرڻ لاء ڪنهن سٺي سافٽويئر جي ضرورت آهي.

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
دوستو سلام

مون وٽ ڪافي سارا اهڙا ڪنورٽر هيا جن مان ورڊ مان پي ڊي ايف ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ ڪتاب اپلوڊ ڪندو رهيس۔ ڪجهه مانوارن دوستن ڪتاب ڪمپوز ڪري موڪليا آهن، پر مسئلو اهو ٿو اچي ته ڪوبه سافٽويئر صحيح طرح ڪنورٽ ڪونه پيو ڪري۔ ڪجهه ۾ فونٽس ٽٽن ٿا، ڪجهه ۾ سيٽنگ آئوٽ ٿي وڃي ٿي ۽ ڪجهه ڪتاب جا صرف پهريان ڏهه پنا ڪنورٽ ڪن ٿا ۽ ڪجهه ۾ وري آيتن وارا فونٽ درست نظر نه ٿا اچن۔

دوستن کي عرض آهي ته ڪو اپڊيٽيڊ پي ڊي ايف ڪنورٽر شيئر ڪن جيئن سولائي ٿي سگهي ۽ قيمتي ڪتاب دوستن سان ونڊ ڪري سگهجن۔
 
سائين! آءٌ پڻ انهن مونجهارن جي وڪڙن ۾ ڦاٿل هئم، کوڙ سارا سافٽ ويئر آزمايم، پر ڪاميابي نه ماڻي سگهيم۔ ڪجهه وقت اڳ مون کي 500 صفحن جو ڪتاب ڪراچيءَ مان ڇپائڻو هو، جنهن ۾ قرآن جون آيتون ۽ ٻي عربي پڻ هئي۔ پريس وارن جي ڊمانڊ هئي ته ان کي پي ڊي ايف ۾ ڪنورٽ ڪري ڏيو۔ ڏاڍي ڪوشش ڪيم، پر اعراب تبديل پئي ٿيا۔
ڀلو ٿئي ادا ابوزين جو، جنهن قيمتي مشورو ڏنو، جنهن کي اپنائڻ کان پوءِ ڪنورٽرن جي چڪرن مان جان آجي ٿي آهي۔ اوهان مائڪروسافٽ آفيس 2010 انسٽال ڪريو ۽ ان جا ٽول ڪٽس پڻ انسٽال ڪريو، ان ۾ جڏهن اوهان ڪنهن به فائل کي سيو ايز ڪرائيندا ته ان ۾ پي ڊي ايف جو آپشن موجود آهي، مجال آهي جو زير زبر هيڏانهن هوڏانهن ٿئي۔۔۔!
 
سجاد علي سومرو صاحب لک ٿورا

بهترين سافٽويئر موڪليو اٿو ۔۔۔ هاڻي ڪم بلڪل آسان ٿي ويو۔

اميد ته اهڙا ڪم وارا سافٽويئر سنڌ سلامت تي اپڊيٽ ڪندا رهندا۔
 
سائين آفيس 2007 ۾ اهو آپشن موجود آهي ، پو ڪنهن سافٽويئر جي ڪهڙي ضرورت

بلڪل ادا آفيس 2007 ۾ اهو آپشن موجود آهي، پر ان ۾ ڪنورٽ ڪندي قرآني آيتون يا عربي متن ٽُٽي رهيو هو۔
سائين اهو متن مون ڏي ميل ڪيو ته مان ڪوشش ڪري ڏسان پوءِ ان جو حل اوهان کي ٻڌايان۔
 
دوستو سلام

مون وٽ ڪافي سارا اهڙا ڪنورٽر هيا جن مان ورڊ مان پي ڊي ايف ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ ڪتاب اپلوڊ ڪندو رهيس۔ ڪجهه مانوارن دوستن ڪتاب ڪمپوز ڪري موڪليا آهن، پر مسئلو اهو ٿو اچي ته ڪوبه سافٽويئر صحيح طرح ڪنورٽ ڪونه پيو ڪري۔ ڪجهه ۾ فونٽس ٽٽن ٿا، ڪجهه ۾ سيٽنگ آئوٽ ٿي وڃي ٿي ۽ ڪجهه ڪتاب جا صرف پهريان ڏهه پنا ڪنورٽ ڪن ٿا ۽ ڪجهه ۾ وري آيتن وارا فونٽ درست نظر نه ٿا اچن۔

دوستن کي عرض آهي ته ڪو اپڊيٽيڊ پي ڊي ايف ڪنورٽر شيئر ڪن جيئن سولائي ٿي سگهي ۽ قيمتي ڪتاب دوستن سان ونڊ ڪري سگهجن۔
سائين سنڌ سلامت تي ڪتاب ڪئينن اپلوڊ ڪجن؟
 
توهان دوستن کي ٻڌائيندو هلان ته هي جيڪو سافٽويئر پرنٽ جي طريقيڪار سان دوست شيئر ڪيو آهي انهيءَ منجهه هڪ عدد مسعلو موجود آهي.، جيڪو ته توهان جي هر هڪ پيج جي آخر ۾ انهن جي ڪمپنيءَ جي ايڊورٽائيزمينٽ پئي ايندي رهندي.... جيڪا ڳالهه اڻوڻندڙ آهي...
جنهنجو انهن پاڻ بيان ڪيو آهي.. جي توهان انهيءَ اشتهارن کان بچڻ چاهيو ٿا ته پروفيشنل ورزن ضرور پرچيز ڪريو جيڪو مفت جو ته هوندو ڪون،،،​
(pdfMachine white is free to use. Features not in pdfMachine white may also be used for free, but a pdfMachine advertisement is generated at the bottom of each page.​
To prevent the advertisement on each page, you must purchase and register the software.​
آئون توهان کي هڪ عدد بهترين سولو حل ڏيندو پيو آهيان، جيڪو مان 4 سالن کان سمورين آفيس ورزن منجهه استعمال ڪندو آهيان، ۽ ڪڏهن به ڪو مسعلو ڪانه ٿيو اٿم، هن لنڪ تي ونڃي سافٽويئر ڊائونلوڊ ڪريو....
http://www.4shared.com/rar/nW1wFhO2/CutePDF_Writer.htm
۽ ساڳئي طريقي سان انسٽال ڪري استعمال ڪريو،، پرنٽ ڪرڻ جي آپشن منجهان،،،
مهرباني
 
توهان دوستن کي ٻڌائيندو هلان ته هي جيڪو سافٽويئر پرنٽ جي طريقيڪار سان دوست شيئر ڪيو آهي انهيءَ منجهه هڪ عدد مسعلو موجود آهي.، جيڪو ته توهان جي هر هڪ پيج جي آخر ۾ انهن جي ڪمپنيءَ جي ايڊورٽائيزمينٽ پئي ايندي رهندي.... جيڪا ڳالهه اڻوڻندڙ آهي...
جنهنجو انهن پاڻ بيان ڪيو آهي..
مهرباني
ادا مگر مون وٽ ته اهو مسئلو ڪونه آيو آهي
 
ادل مهربانيون ۔ منهنجو مسئلو حل ڪري ڇڏيوَ ۔۔۔ اميد آهي ته اهڙيون ٻيون به ٽپس اسان کي ٻڌائيندا رهندا۔
 
Back
Top