اڄوڪي (23 جنوري 2013) جي مڊويڪ مئگزين، ڪاوش ۾ ڇپيل منهنجي ڪهاڻي۔ اڄ مون کي پنهنجي آفيس پاران آڊٽ لاءِ ٻي کاتي جي آفيس ۾ موڪليو ويو هو. هڪ شهر کا ٻي شهر وچ ۾ فاصلو گهٽ هُجڻ ڪري ايئر ٽڪيٽ بجاءِ ڊائيوو جي ٽڪيٽ پڪڙائي وئي هئي. موسم سٺي هجڻ ۽ رستي جي صحيح هُڻ ڪري اهو ٻه ڪلاڪ جو پنڌ ڊائيوو ۾ ڪرڻ ۾ ڪا به ڏُک نه هُيم. پاسي ۾ ويٺل نوجوان سفر جي شروع ۾ ئي ڪنن تي هيڊ فون لڳائي ميوزڪ ٻڌڻ شروع ڪئي ۽ ٿوري دير ۾ ٽچ ٽائيپ موبائيل ڪڍي فيس بوڪ کوليو. . . . . . ۽ منهنجي هن مهل تائين جي هن همسفر کي ڪيل پسنديدگي گهٽجي وئي. ڇو ته آئون خوش هئس ته هي نه ڳالهائيندو نه دسٽرب ڪندو ۽ خاموشي سان مويزڪ ٻڌندو هلندو پر هن اهو ڪم شروع ڪيو جيڪو مون سال اڳ ڇڏي ڏنو هو ۽ منهنجي زندگي لاءِ هڪ بدترين ياد طور محفوظ آهي. . . .ها دوستو آئون فيس بوڪ لاءِ ئي ٿو چوان. . . . .فيس بوڪ جيڪو اڄ منهنجي لاءِ ٻي کي استعمال ڪندي ڏسڻ به چِڙ بڻجي ويو آهي سو ئي هڪ سال اڳ منهنجو جنون هوندو هو، جڏنهن مون پنهنجو اڪائونٽ ڊي ايڪٽيويٽ نه ڪيو هو. . . . . جڏنهن منهنجو ڏينهن رات اسٽيٽس اپڊيٽ، دلسچپ پوسٽنگ ۽ چيٽنگ ئي مشغلا هوندا هئا. . . . .مون کان منهنجي اڻ پڙهي زال بيزار هوندي هئي. فيس بوڪ کي پنهنجي پهاڄ چوندي هئي. . . ڪو مون کي ڊسٽرب نه ڪري سو گهر ۾ واءِ فاءِ هڻائي پنهنجي ليپٽاپ تي سُڪون سان ڪم ڪندو هئس. منهنجو جوان پُٽ مون کي ڏِسي انهي ڪم ۾ هِري پيو هو. پر مٿس ڪڙي نظر رکندو هئس ته ڪٿي هو ڪو غلط استعمال ته نه پيو ڪري. . . منهنجي ڇوڪري به اڪثر ضد ڪندي هئي. ڪاوڙجي به پوندي هئي ته اهي شيون مون لاءِ ڇو بند آهن پر کيس سختي منع ٿيل هو ته انٽرنيٽ تي سواءِ پڙهائي جي ٻيو ڪو به استعمال نه ڪنديئين. اهو سڀ ڪرڻ ۾ آئون ڪامياب هئس پر هڪ ڏينهن آئون عجيب ڪشمڪش ۾ پئجي ويس. . . . ايئن نه هو ته انهي کان اڳ مون ڪڏنهن سهڻي صورت واري پروفائيل تصوير رکندڙ اڪائونٽ کي فرينڊ رڪويسٽ موڪلي هئي ۽ مون کي ايڪسيپٽنس نه ملي هئي. منهنجي ڪمال ڪاريگري اها به هوندي هئي جو جهَٽ ۾ فيڪ آئي ڊي پڪڙي وٺندو هئس. اهو ئي سبب هو جو مون سان ڪو ڌوڪو نه ٿيو. کوڙ مِليون. انهن مان ڪيترين ئي مون کي پنهنجا فون نمبر ڏنا . . . ڪيترين سان رات جو سُٺن ريسٽورينٽس تي ڪينڊل نائيٽ ڊنر ڪيم. پوءِ ڪُجهه منهنجي عُمر ڏسي مون سان پهرين ۽ آخري ملاقات ڪري هليون ويو. ڪيترين کي مون انهي لائق نه سمجهيو ته ساڻن رابطو رکجي، جو گهڻيون ته بُکن جو پاهه ۽ پئسي ڦُرڻ جي چڪر ۾ هُيون. ۽ هڪ ٻِن رابطو برقرار رکيو ۽ منهنجي خوب پئي هلي. انهي ڏينهن جڏنهن مون کي نوٽيفڪيشن آيو ته فرينڊ رڪويسٽ ايڪسيپٽيڊ ته آئون خوش ٿيس. جلدي ۾ سندس وال تي ڀيرو ڀريم. اڪائونٽ ڪو گهڻو پُراڻو نه هو. پوسٽنگ عام رواجي هئي. ننڍڙين خوبصورت گُڏين جو تصويرون. ڪجهه ڊزائين ٿيل اردو شاعري جي چونڊ. سو پڪ سُڃاتم ته اڪائونٽ ڇوڪرِي جو ئي آهي. هڪ خاطري ٻي به ڪندو هئس ته پروفائيل فوٽوز جو البم ڏسان ته هڪ ئي ڇوڪرِي جو تصويرون آهن يا اڪائونٽ فيڪ آهي؟ ڇو ته انٽرنيٽ تان کنيل ڪنهن تصوير کي پروفائيل پڪچر ٺاهي ڪوڙو اڪائونٽ ٺاهڻ ته ڪو مسئلو ئي ناهي نه. هتي ايئن به نه هو. ڪو چار پنج کن تصويرون هِڪ ئي چهري جو هُيون ۽ هُجن به پروفائيل فوٽو اسٽائيل ۾ ته معنى پڪ ٿي.اڃان سندس وال تي پئي ڦِريس ته هيٺ چيٽ باڪس ۾ سندس ميسيج آيو.“هاءِ” جواب ۾ ساڳيو لفظ لکيم. گڏ ڪولن ۽ بريڪٽ اوور ڏيئي مسڪراهٽ جي نشاني.“اوهان جي عُمر ڪيتري آهي؟” سندس شروع ۾ ئي اهو سوال منهنجي لاءِ غير متوقع هو. پر جواب ڏنم ته “پنجيتاليهه”.“اوهه! اوهان ته ننڍا ٿا لڳو. تصوير پُراڻي آهي ڇا؟؟؟؟؟؟” جلدي ۾ جواب ٽائيپ ڪرڻ لڳس.“نه نه اها تصوير ته اڃان ڪلهه ئي ڪڍي لڳائي اٿم. پر ٻُڌو نه اٿؤ ته اسان ڪيڏا به بي سُرا هُجون پر ايترا نه جيترا نادرا جي ڪارڊ تي ڏسڻ ۾ ٿا اچون. نه وري ايترا سُٺا جيترا فيس بوڪ جي پروفائيل پڪچر تي نظر ٿا اچون.” ۽ پوءِ هُن جي جواب ۾ لکجي آيو “هاهاهاهاهاها . . . .ايل او ايل . . . .سمائيليز جا کوڙ سارا بلنڪنگ بلنڪنگس. “اڇا ڀلا هاڻي اوهان به ٻڌايو نه؟ مرد ته عُمر ڪونه لِڪائين. اوهان به ٻُڌايو ته خبر پئي اوهان جي تصوير ڪڏنهن جي آهي”“جي ضرور. پر هِن مهل آئون يونيورسٽي ۾ آهيان. هتي آئون ليڪچرر طور ڪم ڪندي آهيان. ۽ هينئر ڪلاس وٺڻو اٿم. باءِ ٽي سي. سي يو نيڪسٽ ٽائيم.” جيستائين ڪُجهه لکان هوءَ آف لائين ٿي وئي هئي.ٻي ڏينهن تي به آفيس نه ويس. ساڳي ٽائيم تي هوءَ آنلائين هئي. پر اڄ سندس ڳالهيون ٻُڌي آئون حيران هئس. ڪلهه ۽ اڄ واري لکڻ جي اسٽائيل ۾ وڏو فرق هئس.“مسٽر منير! آئون اوهان کي چڱي طرح سڃاڻان. اوهان جي شادي 18 سالن جي عُمر ۾ ٿي ۽ اوهان پنهنجي شريڪِ حيات مان مطمئن ناهيو. اوهان کي هڪ پُٽ سرمد ۽ ڌي مُنِزه آهن. ٻئي گرئيجوئيشن ٿا ڪن. اوهان هڪ سرڪاري کاتي جا گوسڙو ۽ رِشوت خور آفيسر آهيو. پنهنجي گهر ۾ ٻارن تي سوشل نيٽ ورڪ جي سائيٽس استعمال ڪرڻ تي پابندي هڻي ويٺا آهيو. ۽ سمجهو ٿا ته جيئن اوهان ڪامياب آهيو تيئن سڀ والدين ڪامياب هوندا. پر ڪڏنهن اهو سوچيو اٿؤ ته جي سڀ والدين اهو ڪم ڪاميابي سان ڪن ٿا ته اوهان ڪيئن سوشل نيٽ ورڪ تي ڇوڪريون ڳولي ٿا وٺو؟ ڪٿي ايئن ته ناهي جو سوشل نيٽ ورڪ جو هتي ٺيٺ سنڌي ترجمي وارو ڪم ٿي رهيو آهي. يعني سماجي ڄار. جنهن ۾ هر ڪو ٻي کي بيوقوف ٿي پاڻ بي وقوف ٿي رهيو آهي؟ هڪ اهڙو ڄار جيڪو پاڻ ئي اُڻيون ٿا. سڀئي فاسون ٿا پر نظر صرف ٻيا ٿا اچن.” منهنجي نِرڙ تي پگهر هو. بار بار اشهد آڱُر ۽ آڱوٺي کي ملائي پنهنجي ڄاڙي تي پئي ڦيريم. ڪو جواب نه پئي سُجهيو. نيٺ ڳالهه وندرائڻ لاءِ لکيم.“اوهان پنهنجو تعارف ته اڄ به نه ڪرايو؟”“آئون سرمد آهيان بابا!” ۽ پوءِ هو آف لائين ٿي چُڪو هو. . . . . منهنجون سڀ چالاڪيون ڌريون رهجي ويون هُيون. منهنجا حواس خطا هئا. گهڙي گهڙي پاڻ کي ڪنڌ هيٺ ڪري سرمد اڳيان بيٺل جو تصور ڪري اندر اندر ئي ۾ ٻُڏي پئي وَيُس. خيال آيو ته گهٽ ۾ گهٽ اڄ ته هليو وڃان ڪيڏانهن. ڪنهن بهاني سان ڪُجهه ڏينهن گهر کان ٻاهر رهان. پر وري سوچيم ته آخر ڪيستائين؟؟ نيٺ ته سرمد جي سامهون اچڻو آهي. اُهو وقت هڪ عذاب ڏيندڙ بيقراري ۾ گذريو. پر سرمد آيو ته ڪُجهه به نه چيائين. هڪ ٻه دفعو سامهون ٿياسين ته به ڪُجهه نه چيائين. شُڪر ڪيم ته ڪيڏو سُٺو ڪيائين. مون کي سمجهائي ويو. آئينو به ڏيکاري ويو. ۽ هاڻي هرو ڀرو وڌيڪ شرمندو ڪرڻ جي موڊ ۾ به ناهي.انهي ڏينهن ٻيهر فيس بوڪ نه کوليو هئم. بلڪه ليپٽاپ جي ويجهو ئي نه ويو هئس. منهنجي زال اها ڳالهه هڪ ئي ڏينهن ۾ نوٽ ڪري خوشي جو اظهار ڪندي چيو هو “خير ته آهي. اڄ اهو ٽي وي ڪتاب (ليپٽاپ کي هو اڄ به ٽي وي ڪتاب چوندي آهي) کي ويجهو ئي نه ٿا وڃو؟” “بس ايئن ئي موڊ ناهي.”ٻي ڏينهن تائين مون کي سرمد جي ڳالهه جو اثر ختم ٿيندو لڳو هو. شايد وِسري به وڃي ها. ۽ آئون وڌيڪ احتياط ته سان اها شيطاني ٻيهر ڪرڻ لڳان ها. پر قسمت مون لاءِ ڪُجهه ٻيو ئي لکيو هو. ٻي ڏينهن ئي شام جو منهنجي ڌي مُنزه مون وٽ آئي ۽ چوڻ لڳي.“بابا اوهان حيران آهيو نه سرمد اوهان کي ڇو ڪُجهه نه چيو؟” هڪدفعو وري آئون پريشان. سرمد شايد هن کي به سڀ ڪُجهه ٻڌايو هو. سرمد لاءِ ڪلهه کان ڪيل مهرباني وارو خيال هڪ نئون رُخ وٺڻ لڳو.“هُن توکي به ٻڌايو ڇا؟”“نه هُن مون کي ڪجهه نه ٻڌايو نه ئي آئون ئي ٻڌائيندي مانس. ڇوته ڪلهه واري چيٽ هُن نه پر مون ئي يونيورسٽي مان ڪئي هئي. ان مهل سرمد جو نالو کنيم ته متان اوهان کي فيس نه ڪري سگهان پر اڄ چوڻ جي همت ٿي آهي. ۽ ها مون کي فيس بوڪ هلائيندي آهيان. آئون روز يونويرسٽي ۾ فيس بوڪ يوز ڪندي آهيان. مون کي معاف ڪجو پر مون اها گستاخي ڪئي ته اوهان جي غير موجودگي ۾ اوهان جي ليپٽاپ تي لاگ آن ٿيل اڪائونٽ تي وڃي چيٽ باڪس پڙهي ڏٺم. ۽ پوءِ اها آئي ڊي ٺاهي اهو سڀ ڪيم.” اهو چئي جو هلي وئي هئي.ان ڏينهن کان پوءِ نه مون کيس ڪُجهه چيو نه هُن. نه اڄ تائين اسان اهو ٻيهر ڊسڪس ڪيو آهي. بس اهو ڪيم جو هڪ سال کان پنهنجو فيس بوڪ اڪائونٽ ڊي ايڪٽيويٽ ڪري ڇڏيم. ۽ سڀ شيطانيون به. 1935 اٽيچمينٽ ڏسو
تمام سٺي ڪهاڻي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پر يار هتي ته اسان ان ڪوڙين آء ڊيز جي ڄار مان نڪري ئي ناهيون سگهيا ۽ اوهان جي ڪهاڻي ۽ ڪردارن ۾ ڪيل ڪجهه ڳالهيون الائي ڇو مونکي پنهنجون لڳي رهيون هيون ۔۔۔۔۔ تمام سٺو ۔۔۔۔۔۔ اميد ته لکڻ جو اهو سلسلو جاري رکندا۔
بهترين۔۔۔۔۔ واقعي ۾ اڄ اسان اهڙي حسين ڄار ۾ ڦاٿل آهيون جيڪو بّظاهر ته خوبصورت لڳي ٿو پر جي گهڻو وڪوڙي ويو ته ساهه به ٻوساٽجي ويندو۔۔!!