قدر ڪونه پيو دل جي پٿر کي اسان ڪعبو سمجهيو دلبر جي در کي

'وڊيو گيت' فورم ۾ سجاد علي سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏23 جنوري 2013۔

  1. سجاد علي سومرو

    سجاد علي سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏7 اپريل 2012
    تحريرون:
    237
    ورتل پسنديدگيون:
    371
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ماڳ:
    Shahdadkot
    سنڌ ڌرتي جي هڪ ننڍري شهر شهدادڪوٽ جيعظيم شاعر استاد پيرل قمبر جي شاعري ۽ شهدادڪوٽ جي راڳي امير کرل جي آوز ۾ هي هڪ درد ڀريو ڪلام۔۔۔​
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. غلام رسول ويسو

    غلام رسول ويسو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 مارچ 2013
    تحريرون:
    120
    ورتل پسنديدگيون:
    103
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ادا وڊيو ته نٿي ملي
     
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    عوامي شاعراستادپيرل قنبر جومختصر تعارف۔
    [​IMG]



    : عوامي شاعراستادپيرل قنبر جو اصل نالو پير محمد سومرو هو. هن-امام- بخش سومري جي گهر ۾، 17 جولاءِ 1933ع تي ڳوٺ-بٺي- لڳ مبارڪ ڪلهوڙي، تعلقي ميرو خان ضلعي لاڙڪاڻي (هاڻي قنبر- شهدادڪوٽ) ۾ جنم ورتائين.
    ابتدائي-تعليم- ۽ فائينل (سنڌي) جو امتحان قنبر مان پاس ڪري، پرائمرياستاد ٿيو. پرائمري استاد جي حيثيت ۾ گاجي کهاوڙ، جانيءَ جي-بند-، ڳورڙ واهه،-بوهڙ- ۽ قنبر جي پرائمري اسڪولن ۾ پڙهائي ۽ 1978ع ۾ رٽائر ڪيائين.
    1950ع ۾ جڏهن قنبر ۾ پرائمري استاد هو، تڏهن مجازي عشق جي چوٽ کيس پير محمد مان پيرل قنبر بنائي، شاعر بنائي ڇڏيو. رٽائرمينٽ کان پوءِ قنبر کي خيرباد چئي شهدادڪوٽ ۾مستقل رهائش اختيار ڪيائين، پر قنبر سان ساڳيو نينهن جو ناتو قائمرکيائين. -ان- شهدادڪوٽ جي ڪنبوهه پاڙي ۾ سندس اوطاق تي صبح شام ادبي محفلون جاري رهنديون هيون. نوجوان ۽ نوان اديب، شاعر،راڳي ۽ موسيقار وٽس ادبي محفلون مچائيندا هئا. هي شاعر، ڪجهه نه ڪجهه ويٺولکندو هو. سنڌ جا ڪيترا شاعر گل، بيوس بشير، قمر الدين قمر، زبيده ميتلو،مينهل عباسي، قادن عباسي، ناشاد رشيد، محرم مستوئي، منظور مگسي، تاجل فقير ۽ٻيا سندس شاگرد هئا. استاد پيرل پنهنجي زندگيءَ ۾ ’بزم پيرل قنبرجو بنياد وڌو، جيڪا هن وقت-پيرل قنبر- ادبي سنگت‘ طور ڪم ڪري رهي آهي. استاد پيرل قنبر جي شاعريءَ جو رنگ ۽ ڍنگ پنهنجو هو. عوامي لهجي سبب مقبول ٿيو. سندس هيٺين ڪافي ڏاڍي مشهور ٿي: اديون ڙي ڀينر!، مون کي عشق انڌو ڪيو، ڪچو گهڙو نه ته ڪير کڻي! استاد پيرل سنڌيءَ کان سواءِ سرائيڪي،-اردو- ۽ هنديءَ ۾ به شاعري ڪئي. شاعريءَ جي سڀني صنفن تي لکيائين. هن سنڌي فلمنجهڙوڪ: سورٺ، هاري، پرائي زمين، سوڍا پٽ سنڌ جا، غيرت جو سوال وغيره جاگيت به لکيا. پيرل قنبر جا مخدوم طالب الموليٰ،-استاد بخاري-، گل حسن شاد، نور شاهين، عبدالله-انڙ-، دادن فقير ۽-احمد خان مدهوش- سان سٺا ناتا هئا، انهن شاعرن سان گڏ ڪيترن مشاعرن ۾ حصو ورتائين. 1960ع جي ڏهاڪي ۾ ”زياده-ان- اپايو، منتظر سارو زمانو آ“ طرح تي شعري مقابلي ۾ خيرپور ڊويزن (-ان- وقت لاڙڪاڻو ۽ سکر خيرپور ڊويزن ۾ شامل هئا) مان پهريون نمبر کنيائين ۽ کيس صدرايوب خان پاران لاهور ۾ گهرائي، گورنر مغربي پاڪستان جنرل محمد موسيٰ هٿان-انعام- طور 360 روپيا مليا،-ان- کانسواءِ ا ستاد پيرل قنبر کي تعريفي شعر لکڻ تياردنجي شاهه حسين کان سرٽيفڪيٽ، برطانيه جي راڻي ايلزبيٿ پاران تعريفي سرٽيفڪيٽ، شهنشاهه ايران رضا شاهه پهلويءَ پاران گولڊ ميڊل ۽ هڪ تعريفي سرٽيفڪيٽ ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي پاران انعام مليا. هن اسٽيج ڊراما، ڳجهارتون ۽ همرچا به لکيا. سندس ڪلام ريڊيو ۽ ٽي. وي تان به ڳاتو ويو آهي. سڄي عمر شادي نه ڪيائين. 24 ڊسمبر 1994ع تي وفات ڪيائين،ڪڙڪ مقام شهدادڪوٽ‘ ۾ دفن آهي. هر سال سندس شاگرد، سندس ورسي ڌام ڌوم سانملهائيندا آهن

    اُستاد پيرل قمبر جي چونڊ شاعري


    ڦاسڻ کان پوّءِ چوڻ جي فرصت نٿي ملي
    مون کي جيئڻ مرڻ جي اجازت نٿي ملي
    دنيا ڦري ڦري وري هت ٿو ڦري اچان
    ٻي هنڌ ڪٿي ڪا ڪعبي جي سورت نٿي ملي

    تو بُت جي بندگي ۾ جو محبوب آ مزو
    مون کي نظر ۾ ٻي ڪا عبادت نٿي ملي
    اي دل مان توکي چيري به ڪنهن وٽ کڻي هلان
    اڄ ڪلھ ته هڪ به قطري جي قيمت نٿي ملي

    مومل جو جتي محل ۽ سومل جو سحر آ
    ان ديس ۾ سسي ڪا سلامت نٿي ملي

    رب العزت هي تنهنجو ڀلا ڇاهي فيصلو
    دوزخ نٿو ملي ڪنهنکي جنت نٿي ملي

    گوڏن ۾ ڊرڀ ڄمي ويا داهون ڪري پيرل
    سائل کي اڃان سر جي سخاوت نٿي ملي
    ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    الله ته اهڙو ڏيندڙ آ نڪي دان کُٽي نڪي نان کُٽي
    سو سال حياتي انسان جي پر ان جو نه ٿو احسان کُٽي

    انسان کي آخر ڏئي ڏئي ڀي آخر ٿو مٺا انسان کُٽي
    مالڪ جي خزاني جو ليڪن صدين ۾ نٿو سامان کُٽي

    هن اهڙي پر جي پالڻ ۾ سردار کُٽي سلطان کُٽي
    پر ميزبان اهڙو آ مولا نٿو ماني سانگي مهمان کُٽي

    ڪو شاھ کُٽي پيئنار کُٽي ڪو داتا کُٽي دربان کُٽي
    ويا ونڊ ڪروڙ وليؤ وٺي نٿو قدرت ۾ قُرآن کُٽي

    حيدر نه لڙي ها جي حق لئي ڪاٿي ها ايڏو ڪفران کُٽي
    هڪ قلمي لئي ابوجهل جو ڏس ڪاٿي ٿو اچي ايمان کُٽي

    هٿ آهي شفا ڀي شافي جي لوچڻ ۾ ائين لُقمان کُٽي
    هن نفس نڀاڳي گندي جو نٿو گوڙ کُٽي گمسان کُٽي

    انسان جي کُٽي ٿي عمر پوي پر ان جو نٿو ارمان کُٽي
    ڪٿي ٿو پوي داناءُ کُٽي ڪٿ نقطو نٿو نادان کُٽي

    ٿو تير ڪمان مان نڪري کُٽي نظرن جو نٿو نشان کُٽي
    ميدان کُٽن ٿا ٻيا پيرل محبت جو نٿو ميدان کُٽي
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سجاد علي سومرو

    سجاد علي سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏7 اپريل 2012
    تحريرون:
    237
    ورتل پسنديدگيون:
    371
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ماڳ:
    Shahdadkot
    واه واه ادا تمام زبردست بحرحال آ ويڊيو کي وري رکڻ جي ڪوشش ڪيان ٿو پسند ڪرڻ لا مهرباني۔۔۔۔۔۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو