راهِه فَرار آسان طَريقو (غزل) نثاراحمدناز

'نثار احمد ناز' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏24 جنوري 2013۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ڪنهن مونکان سوال پڇيو ته جيڪي ٻين کي زنده رهڻ جا خوش گُذارڻ جا دڳ ۽ رستا ڏسيندا آهن اهي جلدي ڇو دنيا کي ڇڏي هليا ويندا آهن؟ ۽ اهي سدائين ڏکن سان جهيڙيندي جهيڙيندي ڏُکن جي ور چڙهي ختم ڇو ٿي ويندا آهن ؟ مون کيس چيو ته اهو فلسفو جيڪڏهن مون ٽي درجي واري شاعر کي سمجهه ۾ اچي وڃي ها ته ڪڏهن کان پنهنجي پاڻ تان ٽي درجي واري شاعر جي ڇاپ لائي ڇڏيان ها، پر ايتري خبر اٿم ته جيڪي ٻين کي حوصلي، ۽ همت جا ڏس پتا ڏيندا آهن ۽ پاڻ فنا ٿي ويندا آهن ، اُهي جن کي حوصلو ڏيندا آهن انهن جي دل ۾ هميشهه هميشه محبتن سان ۽ چاهتن سان رهندا آهن .مان ڇا پيو چوان ڇا پيو سوچيان ڪا خبر ڪانه ٿي پوي ڇو جو ڪُنڌ ذهن آهيان صفا موڳو مٽر آهيان. يقينن هن شاعريءَ ۾ مايوسيءَ جو اظهار آهي . بي پُهچ ماڻهو آهيان دنيا سان پُڄي نه ٿو سگهان پوءِ پنهنجو اندر ائين اوڳاڇيو اٿم. ته
    غزل
    نثاراحمدناز
    راهِه فَرار آسان طريقو
    هاڻ لنگهي وٺ تُون ڀِي ليڪو
    آشا چِڪتا چُور آ جڳ جِي
    جام ڏُکن جو هر ڪنهن پيتو
    ڪُرسي خاطر سنڌ جو سودو
    ڪونه کپي ٿو نالائيقو ۔۔!
    قومون اُڀري ڪيئن ته سگهنديون
    جيسين پاوَر تُنهنجو ويٽو
    گُلڙن کي تُون ڀيلڻ وارا
    خُوب خزان جو تو وٽ ٺِيڪو
    دل سان کيڏي ٽوڙِين ويٺو
    هر هر ”ناز“ ڪري رانديڪو ۔۔!
    [​IMG]
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    دل سان کيڏي ٽوڙِين ويٺو
    هر هر ”ناز“ ڪري رانديڪو ۔۔!
    رڳو ڊيزائين ئي نه پر ۔۔۔ احساسن جي روح تائين وٺي ويندڙ لفظ۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    دل سان کيڏي ٽوڙِين ويٺو
    هر هر ”ناز“ ڪري رانديڪو ۔۔!
    تمام خوبصورت خيال ۔۔۔۔ پر اهو ئي سوال ته سنڌ سلامت به نثار ناز کان ڪري رهي آهي۔​
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جادوگر سائين جو انتهائي ٿورائتو آهيان۔ جو کيس اسان جي هن ٽُٽل ڦُٽل شاعري جا لفظ احساسن جي روح تائين وٺي ويندڙ لڳا۔ لک لائق ادا سائين۔
     
  5. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    مهرباني ادا محمد سليمان وساڻ، نثار ناز حاضر آهي وقت جي ڪٽهڙي کان وٺي سنڌ سلامت جي محبتي ڪٽهڙي تائين ۔۔۔۔ ۽ ڪنهنجي دل رانديڪو ٿئي پئي ڪير کيڏي پيو ۽ ڪير ناز آهي اهو هڪڙو سوال طلب ۽ جواب طلب واقعي موضع آهي ۔ ڏسان ٿو من ڪي دل سان کيڏي دل ٽوڙڻ وارا ناز جي سامهون اچن جو سنڌ سلامت کي مڪمل جواب ڏئي سگهجي۔ الله توکي سلامت رکي ادا
     
  6. MUHAMMAD ASIF BROHI

    MUHAMMAD ASIF BROHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 مارچ 2013
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    323
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    173
    ڌنڌو:
    زمينداري
    ماڳ:
    سرهاري،شهدادپور ضلع سانگهڙ
  7. عبدالرحمان مڱڻيجو

    عبدالرحمان مڱڻيجو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    40
    ورتل پسنديدگيون:
    33
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    سائين بهترين خوبصورت دردن ڀريو انداز آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو