مُسڪُراهٽون وکيري ... دليون کٽيو..

'سنڌ جون سرتيون' فورم ۾ سهڻي پارس طرفان آندل موضوعَ ‏26 جنوري 2013۔

  1. سهڻي پارس

    سهڻي پارس
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏16 ڊسمبر 2012
    تحريرون:
    192
    ورتل پسنديدگيون:
    758
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    صحافي
    ماڳ:
    حيدرآباد
    چوندا آهن ته مُسڪُراهٽ روح جا دروازا کولي ڇڏيندي آهي.روح جو رِشتو ذهن سان،ذهن جو دِماغ سان ٿيندو آهي.زال خوبصورت اُها ئي سمجهي ويندي آهي جيڪا مُڙس جي دِل ۾خوشيون وِکيري۽ دِل جي سڪُون جو بائث بڻجڻ جي صلاحيت رکندي هُجي.توهان جي اگر ڪِنهن مُسڪُرائيندڙ چهري کي ڏِسوته توهان جي چهري تي ازخود مُسڪُراهٽ اچي ويندي.اُن مُسڪُرائيندڙ چهري کي ڏِسي۽ اُن جون خوشگوار ڳالهيون ٻُڌي توهان جي دِل ۾ به خوشيءَ جو جذبو پيدا ٿيندو.۽ توهان اهڙي ماڻهوءَ جي ويجهو رهڻ پسند ڪندو.پر جي اگر ڪو اهڙو چهرو جِنهن جي مُنهن تي هر وقت ٻارنهن پيا وڄندا مُسڪُراهٽ جو پري پري تائين ڪو نالو نِشان ئي نه هوندو،۽ ڳالهائڻ وقت اُن جي چهري تي عجيب وغريب ۽ اڻ وڻندڙ تاثر هونداته توهان جي اندر ۾ هِڪ اڻ وڻندڙ احساس پيدا ٿيندو ۽ تمام جلد توهان اُن ماڻهوءَ مان اُڪتائجي ويندا۽ اُن کان پري رهڻ جي ڪوشش ڪندا.هِڪ فرانسيسي اديب”روڪتي“ لکيو آهي ته”دِل سڀ کان وڌيڪ اُن وقت خوش هوندي آهي جڏهن ڪو کِلندڙ ،مُسڪُرائيندڙ انسان توهان جي ويجهو هُجي“.اڄ کان اٺاويهه سوء سال اڳ ۾ هِڪ مقدس ڪتاب جي ذريعي هِڪ قول اسان تائين پهتو”دِل جي خوشي ۽ سڪُون هِڪ بهترين دوا وانگر اسان کي فائدو پهچائي ٿي“انڪري هميشه مُسڪُرائيندا رهو .اِن سان سڀ کان پهريون فائدو توهان کي اِهو ٿيندو جو توهان جو چهرو پُرڪَشش لڳندو،ٻيو فائدو اِهو ٿيندو جو توهان مان ڪو بور نه ٿيندو،ٽيون فائدو اِهو ٿيندو جو توهان جا تعلقات مضبوط ٿيندا چاهي اُهي دوستيءَ جا هُجن ،گهريلو هُجن،يا دنياداريءَ جا هُجن،۽ هِڪ وڏو ۽ اهم فائدو اِهو ٿيندو جو توهان جي زندگيءَ ۾ مُسڪُراهٽ سان توهان جا ۽ توهان سان گڏ جيڪي ماڻهو هوندا اُنهن جا گذريل لمحا بهترين ۽ طويل وقت تائين برقرار رهي سگهندا.پاڻ به مُسڪُرائيندا رهو ۽ پنهنجي آس پاس جي ماڻهن ۾ به ڪوشش ڪري مُسڪُراهٽون وکيريو.توهان کي دِلي ،دِماغي ۽ روحاني سُڪون مِلندو….
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    مون ڪنهن کي غلطي سان دعا ڏني ته ۔۔۔”سدائين مسڪرائيندا رهو۔۔۔“
    معافي وٺي جان بچائي جو۔۔۔ دعا ڏيندڙ ثابت ڪري ڇڏيو ته اها دعا نه پر بد دعا آهي۔۔۔ جي هر وقت مسڪرائبو رهبو ته ماڻهون ته چريو سمجهندا۔۔۔:)
    پر توهان جي لکيل خوبصورت جملن ۽ وضاحتن جي جي پهريان ڄاڻ هجي ها۔۔ ته ڳالهه معافي تائين بلڪل نه اچي۔۔۔ :D
    توهان بلڪل سچ لکيو ته ۔۔۔ مسڪراهٽ جي قوت انتهائي اُتم ۽ اعلى آهي۔۔ ان سان دنيا کي تبديل ڪرڻ سان گڏ۔۔۔ ڪاميابيون پڻ حاصل ڪري سگهجن ٿيون۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سهڻي پارس

    سهڻي پارس
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏16 ڊسمبر 2012
    تحريرون:
    192
    ورتل پسنديدگيون:
    758
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    صحافي
    ماڳ:
    حيدرآباد
    ابا! بِلڪُل مُسڪُراهٽ سان ٻين جو ته فائدو آهي پر انسان جا پنهنجا به ڪئي فائدا آهن ۔جيڪي مون ڄاڻايا آهن۔
     
  4. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جي مسڪرائڻ جا گهڻا ئي فايدا آهين پر ڪڏنهن ڪڏنهن ماڻهون چرين جون ڳالهيون ٻڌي به مسڪرائي ڏيندا آهين ۔ ان سان سياڻا ته سياڻا پر چرين جي لبن تي به مسڪراهٽ اچي ويندي آهي تمام بهترين فايدا اوهان بيان ڪيا اسان جي دعا ته شال هميشه مسڪرائيندا رهو ۔۔۔
     
  5. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    ادا رشيد ڀليا آهيو ادا مسڪرائڻ وارن کي ڪو به چريو ناهي چوندو بلڪي کلڻ وارن کي اهو به توهان وانگر 9ههههههه ڪري وات فاڙي کلڻ ) وارن کي ماڻهون پاڳل چوندا آهين هههههههه مسڪرائيندا رهو اهو به صدقي جاريه آهي اوهان کي پاڳلن کان علاوه ڪوبه پاڳل نه چوندو
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    اوهانجو مسڪرائيندڙ چهرو ڏسي، پنهنجي منهن تي به مرڪ اچي وئي ۔۔۔ ڳالهيون سڀ ڪارائتيون ۔۔۔ ڪوشش ڪنداسون ته مشڪ منهن تي هميشه رهي ۔۔۔!!!

    هونءَ به اها به دليري چئبي جو اندر ۾ سئو فڪر هجن ۽ منهن تي مرڪ ۔۔۔ بلڪ ڪن ماڻهن جي ڏکائتي هجڻ جي نشاني ئي اها هوندي آهي جو سندن منهن تي مرڪ هوندي آهي ۔۔۔ جيئن هو گانو ٻڌو هوندوَ ۔۔۔

    تون جو ايترو مسڪرائين پيو، ڇا ڏک آ جنهن کي لڪائين پيو۔

    سدا سلامت رهو ۔۔۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اوهان جي مٿين تحرير ڪالهه تعمير سنڌ اخبار ۾ به ڇپيل ملي ۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو