رحمان ملڪ، فئبروري – رتوڇاڻ ۽ سنڌ جو ورهاڱو

'راءِ شماري' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏29 جنوري 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    تجزيو
    ’’’’’’’’’’’’’’’’
    رحمان ملڪ، فئبروري رتوڇاڻ ۽ سنڌ جو ورهاڱو
    معصوم سنڌي

    وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ خطري جي گهنٽي وڄائيندي چيو آهي ته فئبروري ۾ ڪراچي شهر رت ۾ رڱجي ويندو، اهڙي تمام خطرناڪ قسم جي رتوڇاڻ جو خطرو آهي، ان ڪري سيڪيورٽي ادارا ۽ ايجنسيون متحرڪ ٿي وڃن.جڏهن ته حساس ادارن به سنڌ حڪومت کي رپورٽ پيش ڪندي خبردار ڪيو آهي ته ڪراچي ۾ ڪجهه ڏينهن اندر وڏي پئماني تي رتوڇاڻ جو خطرو آهي، رپورٽ ۾ سنڌ جي ٻيو نمبر وڏي سياسي پارٽي تي الزام هنيا ويا آهن ته اها پارٽي ڪراچي اندر خون ريزي ڪري سگهڻ جي موڊ ۾ آهي، صرف انتظار آهي ته پنجاب ۾ نئين صوبي جي اعلان جو، جيئن ئي ڀت جي ديڳ لهندي ته ڪراچي ۾ ممڻ مچايو ويندو ۽ صوبائيت جي بنياد تي يعني صوبي جي مطالبي سان ٽاٻڙڪو ڪري رتوڇاڻ ڪئي ويندي. حساس ادارن جي رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته سنڌ حڪومت ۾ شامل اتحادي پارٽيءَ وٽ انتهائي جديد هٿيار وڏي تعداد ۾ آهن، پوليس ۽ رينجرز انهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ ۽ صورتحال تي قابو پائڻ ۾ ناڪام آهي،جيڪڏهن ڪارروائي ٿئي به ٿي ته پوءِ ڪارروائي جي ڪمان ڪندڙ ماريا وڃن ٿا، ايئن ٿيو آهي ڪراچي آپريشن ۾ جن پوليس آفيسرن سربراهي ڪئي انهن کي ستين آسمان جو سير ڪرايو ويو ويجهڙائي ۾ ٿيل سرڪاري آفيسرن جو قتل به ان ”خاص ڪارروائي“ جي ڪڙي آهي.
    گهرو وزير رحمان ملڪ جي اڳواٽ آگاهي خطري جي گهنٽي ئي ته آهي، هن جي ان آگاهي مان مطلب اهو آهي ته فئبروري ۾ ڪراچي اندر جيڪو ڪوس ٿئي به ٿو ته حالتن جا ذميوار اسان نه هونداسين، اسان پنهنجي ذميواري ”آگاهي“ ڏئي پوري ڪئي ۽ اها ته سڀني کي خبر آهي ته جڏهن به رحمان ملڪ ان قسم جون ڳالهيون ڪندو آهي ته ان جي ڪجهه ڏينهن اندر ئي حالتون ان پاسي رخ ڪنديون آهن، هاڻ به ايئن ئي ٿيندو،
    فئبروري ۾ رتوڇاڻ جي رٿابندي ڀتي خوري جي حصي پتي تي نه پر صوبي جي بنياد تي ٿيندي، ان ڏس ۾ سياسي تجزيي نگارن جو چوڻ آهي ته ڇا به ٿئي پر حڪمران ۽ اتحادي پارٽيءَ جي مک ايجنڊا سنڌ جي ورهاست آهي.جيڪا هر حال ۾ ٿيڻي آهي. ڇاڪاڻ ته ڪجهه قوتون سنڌ جي ورهاست چاهين ٿيون، ان ڪري پنجاب جو ڪلهو استعمال ڪري پنهنجي ايجنڊا کي ڪامياب ڪرائڻ گهرن ٿيون ۽ ان ايجنڊا بابت تاثر وري هي ڏنو پيو وڃي ته نواز ليگ نوان صوبا ٺاهڻ جي خلاف آهي پر اصل ۾ ايئن ناهي،جيئن حڪنران جماعت صوبن جي معاملي تي پنهنجو موقف واضح ڪري ٿي.
    ڪجهه ڌرين جو اهو به خيال آهي ته جيڪڏهن پنجاب ۾ سرائيڪي ٻوليءَ جي بنياد تي ڌار صوبو ٺهيو ته پوءِ سنڌ ۾ به لساني بنياد تي الڳ صوبو ٺهندو، ان ڏس ۾ گذريل سال مهاجر صوبا تحريڪ جو ميدان تي اچڻ، مهاجر صوبي جو مطالبو ڪرڻ ۽ ڪراچي سميت سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ ڀتين تي چاڪنگ ڪرڻ ۽ سائين بورڊ لڳائڻ ان سڄي حڪمت عملي جو حصو ئي هئا. هاڻ به ايئن ئي ٿي سگهي ٿو. شايد ان سبب ڪري ئي ايم ڪيو ايم ڏکڻ پنجاب صوبي جي حمايت ڪندي اهو مطالبو پئي ڪري ته جيترو جلد ٿي سگهي صوبو ٺاهيو وڃي ۽ وڌيڪ صوبا پڻ ٺاهيا وڃن
    پر ٻي راءِ اِها به آهي ته ڏکڻ پنجاب يا بهاول پور صوبو سرائيڪي عوام جو تاريخي حق آهي پر عجيب ڳالهه اِها ٿي رهي آهي ته ڏکڻ پنجاب صوبي ۽ مُلڪ ۾ وڌيڪ صوبا ٺاهڻ واري مطالبي کي هڪ ئي تناظر ۾ پيش ڪيو ويو آهي، جيڪو غلط آهي. ان چڪر ۾ سرائيڪي عوام جو صوبي وارو مطالبو ڪمزور ٿي ويندو. ڇو ته اُن کي وڌيڪ صوبن جي نالي تي مُلڪ ٽوڙڻ جو نالو پهريان به ڏنو ويو ۽ هاڻ به ڏنو پيو وڃي ۽ سڀاڻي جيڪڏهن حالتون خراب ٿيون ته به اهو ئي نالو ڏنو ويندو.
    جيڪڏهن عالمي طاقتون ۽ حڪمران جماعت پنهنجي مفادن جي حصول لاءِ سرائيڪي عوام کي ڌار صوبو ٺاهي ڏيارين ٿيون ته پوءِ خود پنجاب ئي چوندو سنڌ ۾ به مهاجر صوبو ٺاهيو، ڇاڪاڻ ته ان ڏس ۾ پنجاب جو خادم اعليٰ شهباز شريف ٻه سال اڳ اها چوچڙي ٻاري چڪو آهي. جنهن جو نزلو گذريل سال مهاجر صوبا تحريڪ جي نالي تي ڪراچي ۾ ڪريو پر اها حقيقت آهي ته پنجاب کي ورهائڻ بعد ڪير به سنڌ جي ورهاست روڪي ڪو نه سگهندو، ان ڪري هي کيل تماشو اليڪشن کان اڳواٽ رٿيو ويو آهي.
    سو وفاقي گهرو وزير جو اهو چوڻ ته فئبروري ۾ ڪراچي جون حالتون بدتر ٿي وينديون، وڏي رتوڇاڻ ٿيندي“ مٿي ڄاڻايل ان سٽاءَ جو ئي پرتو ۽ مظهر آهن.

    (هي تجزياتي ليک مون 28 جنوري تي گهرو وزير رحمان ملڪ جي پريس بريفنگ بعد صورت حال کي نظر ۾ رکندي سومر ۽ اڱاري جي وڇ واري رات ۾ لکيو’’’’’’معصوم)
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سرائيڪي صوبي جي ڪنهن زماني ۾ تحريڪ اٿي هئي ۽ سائين جي ايم سيد به ان وقت ان تحريڪ ۽ سرائيڪي صوبي جو حامي هيو۔ پر هن وقت سرائيڪي صوبي ٺهڻ سان گهڻا سوال اٿيا آهن۔ هڪ ته اهو صوبو ٻين صوبن لاء لساني بنياد بنبو ۽ ٻيو ته وري به سمجهو ته پنجاب کي اوهان سينيٽ ۾ ٻيون 33 سيٽون ڏئي رهيا آهيو۔

    اسان ۽ اوهان ته سوچيون پيا پر اسان وارا سياستدان حلوا کائي پاڏا ٿي پيا آهن، انهن جي سوچ وري به ڏوڪڙ طرف ئي ويندي۔ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي خدشن کي ڪير به ٻڌڻ لاء تيار ناهي۔

    هڪ ٻي ڳالهه ۔۔۔ ته ڇا هنن اسيمبلين کي اهو حق آهي ته هو دستور ۾ ترميم ڪري سگهن ؟

    منهنجي خيال ۾ ان لاء دستور ساز اسيمبلي هجي جيڪا دستور تي ڪم ڪري ۽ پوء گهر ڀيڙي ٿئي ۔۔۔۔ پر يار هت ته نانيء ويڙهو ٺاهيو ويٺا آهن۔

    اوهان جا خدشا صحيح آهن۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو