سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن متعارف ڪرائڻ جو جيڪو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو ٽيٽيهون (33) ڪتابسنڌي ڊرامه جي تاريخ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب سنڌي ڊرامي بابت مختصر پر جامع تحقيق تي مشتمل پياري دوست ۽ سنڌ سلامت جي رڪن محترم آفتاب حسين کوهارو صاحب جي ٿيسسز آهي، جيڪا هن سنڌ يونيورسٽي جي ڊاڪٽر نور افروز خواجه جي رهنمائي ۾ تيار ڪئي آهي.
اسين ٿورائتا آهيون پنهنجي دوست آفتاب حسين کوهارو جا جنهن نه صرف هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي ڏني پر ان سان گڏ هي ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت به ڏني. اوهان سڀني دوستن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين ، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.