سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن متعارف ڪرائڻ جو جيڪو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو چوٽيهون (34) ڪتاب اچو ته نماز سکون حاضر آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ ابو الليث غلام محمد ميمڻ آهي جڏهن ته تصحيح فقيه السنڌ مولانا مفتي عبدالوهاب چاچڙ صاحب مدير “ماهوار شريعت” سکر جن ڪئي آهي. اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هي ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي. هتي ڪلڪ ڪري ڪتاب ڊائونلوڊ ڪيو __ .
لک قرب سائين جو اهڙو بهترين ڪتاب سنڌ سلامت تي ونڊ ڪيو ويو آهي۔۔ مان ٿورائتو آهيان اوهان جو ۽ انهن جو جن هي ڪتاب تخليق ڏنو ۽ سهيڙيو آهي۔ اميد آهي ته ڪيترائي ڀليل ۽ ڀٽڪيل هن ڪتاب مان لاڀ حاصل ڪري پنهنجي آخرت سنواريندا۔ آمين
سائين هڪ عرض آهي ته هي ڪتاب مونکي ڪتابي شڪل ۾ گهرجي، اميد ته مدد ڪندا۔ جيڪڏهن اوهان وٽ آهي ته به عنايت ڪندا ته لکين قرب ٿيندا۔
ادا مون وٽ ڪتابي شڪل ۾ ڪابه ڪاپي موجود ناهي۔ جيڪڏهن هجي ته اوهان کي ڏيون ها۔ پوء به مان سائين عبدالجبار شيخ صاحب جن کان پڇي ٻڌائيندس۔
نماز جي باري ۾ بهترين سوالن جا جواب ڏنل آهن تمام بهترين معلوماتي ڪتاب آهي جيڪو هر دوست کي پڙهڻ گهرجي۔ سليمان وساڻ جي هڪ ناياب ڪوشش
ادا هي ڪتاب مڪمل طور اوهان کي مولانا غلاممحمد ميمڻ صاحب جن وٽان ملي ويندو جنهن جي ايڊريس هن ريت آهي ابو الليث غلام محمد ميمڻ عربي ٽيچر گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول پريالو ضلع خير پور
ادا بهترين ڪتاب آهي.. ڪتاب ۾ ثنا درود شريف تشهد وغيره ۾ زير، زبر ، پيش وغيره به هجن ها ته پڙهڻ ۾ آساني ٿئي ها....