عبادت

'سنڌ سلامت ٻارڙن جي دنيا' فورم ۾ غلام مصطفي ميمڻ طرفان آندل موضوعَ ‏31 جنوري 2013۔

  1. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    وڻ لڳائڻ عين عِبادت آهي ( معلومات سان ڀريل هڪ ڪهاڻي)
    سر رشيد ڪلاس ۾ داخل ٿيو،سڀ ٻار هن جي احترام ۾ اٿي بيهي رهيا ۽ هن کي عزت سان سلام ڪيو۔سر رشيد انهن جي سوال جو جواب ڏيندي هنن کي ويهڻ جو اشارو ڏنو، سليمان پڇهو،سر اڄ اسان کي اوهان ڪهڙي موضوع تي پڙهيندا؟ سر رشيد مسڪرائيند چيئو، وڻ پوکڻ عين عبادت آهي،اهو اڄ اسان جو موضوع هوندو۔
    سر رشيد جو شمار انهن استادن ۾ ٿيندو هو جيڪي پڙهڻ ۾ صرف ڪتابن واري پڙهائي تي منحصر نه ڪندا هئا پر طالب علمن ۾ علم جو شوق ۽ لگن پيدا ڪرڻ لاء وقت به وقت انهن ۾ قيمتي معلومات مختلف موضوعن تي ونڍ ڪندا هئا۔ انهي ڪري هو اسڪول ۾ هر شاگرد جوآئيڊيل ٽيچر هئا ۽ هر ٻار سر رشِد سان ڏاڍي محبت ڪندو هو۔
    سر رشيد مٿين موضوع جي حوالي سان فرمايو” اسانجي پياري نبي صلي الله عليه وسلم جن جو فرمان آهي ته وڻ لڳائڻ صدقه جاريه آهي ،“ يعنئ جيڪڏهن ڪير وڻ پوکيندو ته ان کي ان عمل جو ثواب ايستائين ملندو رهندو جيستائين اهو وڻ ٻين ماڻهن کي فائدو پهچائيندو۔ يعنئ يا ته ماڻهون ان جو ڦل ( فروٽ) کائين يا ان جي ٿڌي ڇانوء ۾ گرمي جا ڏينهن گذارين۔
    بظاهر ته هي نيڪي تمام ننڍي آهي پر ان جو ثواب تمام وڏو آهي۔ حقيقت ۾ وڻ اسان جي زندگي جي لاء تمام گهڻا ضروري آهن ۔ اهئي اسانجي آب ؤ هواء جي توازن کي برقرار رکڻ ۾ اسان جي مدد ڪندا آهن۔آڪسيجن فراهم ڪندا آهن۔ ان جي پنن ۽ ٿڙ يعنئ جڙي ٻوٽيون مان انساني صحت جي لاء دوائون ٺاهيون وينديون آهن مطلب ته ان جا ايترا فائدا آهن جن جو شمار ڪرڻ ڏکيو آهي۔
    افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسان جي ملڪ ۾ وڏي تعداد ۾ وڻن جي ڪٽائي ڪئي ٿئي وڃي۔ جيڪڏهن اها صورت حال رهي ته اسان جي ملڪ ۾ جنگلات جي شديد قلت پيدا ٿئي ويندي۔ انهي ڪري چوندا آَهن ته ” وڻ لڳايو ، زندگي بچايو، وڻ لڳائڻ عين عبادت آهي“
    سليمان سر رشيد جون مٿيون ڳالهيون غور سان ٻڌي رهيو هو۔موڪل ۾ گهر ويو ۽ ماني کائڻ کانپوء سمهي پيو پر هن کي ننڍ نه آئي ۽ هر هر دماغ ۾ سر رشيد جون مٿيون ڳالهيون گردش ڪري رهيون هيون ۔ ۽ هو سوچي رهيو هو ته وڻ ڪٿي پوکجن؟هن کي ياد آيو ته اڄ کان ڪجه وقت اڳ ۾ هن جي گهر واري گهٽي ۾ ڪجه وڻ هئا جيڪي توجه نه ڏيڻ جي ڪري سکي ( سڪجي) ويا هئا، هاڻي بس ٿڻ ئي هئا۔
    شام جو سليمان پنهنجي والده کان ڪجه پيسئا ورتا ۽ پنهنجي دوست عرس سان گڏ وڃي نرسري مان ڪجه ٻوٽا وٺي آيو۔انهن ٻوٽن مان ڪجه هن گهر ۾ ڪونڍي ۾ لڳايا جڏهن ته ٻيا ٻوٽا گهٽي ۾ سڪل وڻن جي جاء تي پوکيا ۽ پوء هنن جي مناسب ديکه بهال ڪرڻ لڳوان سلسلي ۾ عرس به هن جي مدد ڪندو رهيو۔جڏهن ٻار انهن ٻوٽن کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪندا هئا ته سليمان انهن کي پيار سان منع ڪندي ٻوٽن ( وڻن) جي اهميت جي باري ۾ ٻڌائيندا هئا۔آهستي آهستي ٻين ٻارن کي به وڻن جي اهميت جو احساس ٿئي ويو۽ هو سليمان جي غير موجودگي ۾ ٻوٽن جو خيال رکڻ لڳا۔ ٻوٽا وڏا ٿيندا ويا ۽ آخر هڪ ڏينهن وڻن جي شڪل ۾ لهرائڻ لڳا ۔سليمان ۽ عرس جڏهن انهن وڻن جي ڇانوء ۾ ٻارن کي کيڏندي ۽ بزرگن کي آرام ڪندي ڏسندا هئا ته هنن کي روحاني خوشي ملندي هئي جنهن جو ڪو نعيم البدل نه هو۔
    ميٽرڪ سٺن نمبرن ۾ پاس ڪرڻ کانپوء سليمان شهر جي هڪ سٺي ڪاليج ۾ داخلاء ورتي ۽ ايندي ويندي انهن وڻن کي ڏسي خوش ٿئي ڪري سوچيندو هو ته سر رشيد سچ چوندو هو ته وڻ لڳائڻ عين عبادت آهي ۔

    بلال مصطفي ميمڻ جي طرفان هن اڱڻ جي سڀني ڀاتين جي خدمت ۾ نيازمندي وارو سلام ( السلام عليڪم)۽ پنهنجي انگريزي زبان واري آکاڻي جو سنڌي ترجمو پنهنجي والد جي معرفت هن اڱڻ جي ڪينئوس تي چٽڻ جي هڪ ڪاوش۔ شل پسند اچي۔
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماشآء الله تمام بهترين ڪوشش آهي وڻ الله تعالي جي نعمت آهن هن چمن جي زينت سان گڏ اسان جي ساهه کڻڻ لاء آڪسيجن پڻ مهيا ڪن ٿا۔
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    وڻ پوکڻ صدقه جاريه آهي ۔۔۔۔ ان حوالي سان اوهان جي صاحبزادي جي ڪهاڻي ۽ نيڪ خيال وڻيا ۔۔۔

    ڪجهه وقت اڳ سچل ڳوٺ جي مين روڊ سان ٻوٽا هڻڻ جي شروعات ڪئي هئي ۽ آفيس کان موٽندي مون به ٻه ٻوٽا لڳايا هئا۔ مشڪلون آيون، تڪليفون آيون ۽ دوستن تي ايف آء آر به ڪٽي، جنهن جو ڪيس اڃان هلي پيو ۔۔۔ پر اهي ٻوٽا هاڻي وڌي وڻ ٿي ويا آهن۔

    [​IMG]
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    408
    وڻ لڳايو مهم ، سنڌ سنواريو[​IMG]

    ابراهيم لاشاري (وارهه )

    چوندا آهن ته وڻ انسان جو هڪ بهترين دوست آهي ڇو جو هو پاڻ ته گرمي سردي سهن ٿا مڱر جهان جي جيوت ۽ جاندارن جي زندگي جو هڪ انمول سهارو بڻجي بيهن ٿا ،وڻ ۽ انسان هڪ ٻئي جي ضرورت پوري ڪرڻ واري دوستي جو ناتو بحال ڪن ٿا، سائنسدانن جو چوڻ آهي ته انسان کي هن سر سبز سنسارجي رهڻ لاءِ آڪسيجن گئس جي اشد ضرورت محسوس ٿئي ٿي جيڪا هو ساهه کڻڻ واري عمل ۾ استعمال ڪري ٿو ،هي ضرورت واري گئس پڻ وڻ (فوٽو سنٿيسز) جي عمل واسطي خارج ڪن ٿا جيڪا انسان نهايت سولي طريقي سان استعمال ڪري ٿو، وڻ جي انسان دوستي تي فخر ڪرڻ گهرجي، ڇو جو هڪ اندازي موجب هڪ وڻ چويهه ڪلاڪن( 24) منجهه اندازءِن 2کان 10 انسانن کي زنده رهڻ جي لاءِ آڪسيجڻ مهيا ڪرڻ ۾ مصروف رهي ٿو ، وڻ واقع انسانن لاءِ هڪ ڇپر ۽ ڇانو واري عمل ۾ هميشه انسان لاءِ قيمتي۽ همدرد دوست واري صفت رکن ٿا ، وڻ نه رڳو انسان دوست آهن ، مڱر هنن جي هجڻ سبب جهنگلي جيوت جو پڻ سهارو آهن جهنگلي جيوت وڻن منجهان نه رڳو کاڌ خوراڪ حاصل ڪري پاڻ زنده رهن ٿا پر وڻ انهن جي گهر واري به سهولت جو سبب پڻ آهن ڇو جو هو پنهنجي رهائش اختيار ڪري پنهنجي نسل کي واڌ ويجهه جي لاءِ آکيرو ٺاهي گرمي سردي ۾ پنهنجي ٻچن کي بچائڻ وارو فائدو پڻ وڻن مان حاصل ڪن ٿا جنهن جو ظاهري مثال سونهاري سنڌ جا دريائي ٻيلا آهن جيڪي پڻ (ڇهه لک ايڪڙن ) تي مشتمل آهن جتي انيڪ قسم جا جانور ۽ پکي جهڙوڪ ڦاڙها، تتر ، طوطا ، ڪٻوتر ، ڳيرا ،ڪانءَ ، جهرڪيون ، ۽ ٻيا کوڙ سارا جانور ۽ پکي رهائِيش اختيار ڪن ٿا ،هن جهان ۾ وڻ انسان جو هڪ گهڻين خوبين واري دوست جي صلاحيت رکي ٿو ، وڻ جو بناوت وارو حصو هر حساب سان صحت لاءِ نهايت ڪارائتو پڻ آهن ۽ ڪارآمد پڻ آهي وڻ انساني جيائپي لاءِ صحت جي واقع ضمانت پڻ آهن وڻ وبائي بيمارن کان انسان جي بچاءَ جو سبب پڻ آهن ، وڻ زمين جي سونهن ۽ زرخيزي کي پڻ وڌائين ٿا وڻ انسان توڙي حيوانن جيوت جي وجود جي بچاءَ جو ضامن پڻ آهن ، وڻ سامونڊي طوفان ۽ ٻوڏين کي روڪڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا ، وڻن جي پوکڻ جو بهترين سيزن (مند )انگريزي ڪئلينڊر جي عيسوي سال جو ٻيو نمبر مهينو فيبروري ٻڌايو وڃي ٿو هن دنيا جي گولي تي قائم ڪيترئين سڌريل ملڪن جا رهاڪو پنهنجو جنم ڏينهن تي (وڻ جو ٻوٽو ) لڳائي هڪ ٻئي کي سالگرهه مبارڪ پڻ چوندا آهن، پنهنجي هن سونهاري سنڌ جي ناليواري ليجنڊ اديب ، شاعر ، لطيف سائين جو پارکو، سياح مانواري ڏاهي اديب محترم انور پيرزادي صاحب مرحوم چوندو هو 5 ڪروڙ سنڌين جي آبادي واري صوبي سنڌ جو هر هڪ فرد هڪ هڪ وڻ جو ٻوٽو جنم ڏينهن پوکين ته پنهنجي سنڌ سرسبز ۽ جنت جو ٽڪرو بڻجي ويندي ، انهي ساڳي تسلسل کي قائم ڪندي انور پيرزادي جي ويجهي دوست ۽ منهنجي ادبي دنيا جي استاد ناليواري ڪهاڻيڪار ، بهترين شاعر پروفيسر سائين محمد علي پٺاڻ صاحب تازو لطيف سرڪار جي نگري (ڀٽ شاهه ) ۽ ڏوڪري منجهه ناليواري اديب طالب حسين چنو جي اوطاق اڱڻ تي 3فيبروري 2018ع سالگره ڏينهن وڻ جا ٻه ٻوٽا پوکي ملهائڻ جي رواج کي عام ڪرڻ جي روايت کي ورجايو آهي محمد علي پٺاڻ صاحب هر هڪ ساڃانده کي اپيل پڻ ڪئي آهي ته وڻ پوکيو سنڌ ڌرتي کي سرسبز بڻايو ،اهڙو ئي تازو هڪ بهترين قدم ڊويزنل فاريسٽ آفيسر قمبر شهداڪوٽ مانواري عمران علي ڌامراهو صاحب هڪ نهايت شاندار قدم کڻندي ضلعي قمبر شهداد ڪوٽ جي مين روڊ (انڊس هاءِ وي نصيرآباد کان پکو شهر تائين ) 15 هزار کان مٿي ٻوٽا لڳائي انهي سلوگن نعري سان پنهنجي ضلعي کي سرسبز بڻائڻ لاءِ جستجو ۾ مسلسل مصروف عمل پڻ آهي، هن ايماندار آفيسر ڪجهه ڏينهن پهريان ڊسٽرڪٽ ڪورٽ قمبر جي احاطي ۽ باغ ۾ 500 وڻن جا ٻوٽا ۽گورنمينٽ شاهه لطيف ڊگري بوائز ڪاليج قمبر ۾ ڪاليج جي باغ ۾ 250 وڻن جا ٻوٽا لڳرائي مانواري سيشن جج منومل کجيجا صاحب ۽ ناليواري تعليمي ماهر ڪاليج جي پرنسپل پروفيسر محمد فارق سومرو صاحب کان افتتاح ڪرايو انهي بهترين افتتاحي تقريب ۾ شاهه لطيف ڊگري ڪاليج قمبر جي سمورن پروفيسرس سيد امير حسين شاهه پروفيسر جاويد احمد ڀٽو، پروفيسر عبدالشڪور تنيو ، پروفيسرسيد حسن شاهه ، پروفيسر پرويز احمد ميڻو ، پروفيسر مجاهد حسين جاگراڻي ، پروفيسر شاهد ابڙو،پروفيسرظهير حسين جتوئي ، پرفيسر نظام الدين عباسي ، پروفيسر علي رضا مگسي ۽ پروفيسر محمد ابراهيم لاشاري کان سواءِ سوين ڪاليج جي شاگردن پڻ بهرو ورتو انهي شاندار وڻ لڳائڻ واري مهم ۾ فاريسٽ آفيسر عمران علي ڌامراهو صاحب ليڪچر پروگرام ڏنوجنهن ۾ وڻ جي اهميت ۽ افاديت جي باري ۾ شاندار ڄاڻ سان مصفيد ڪيو، تنهن بعد فاريسٽ آفيسر عمران علي ڌامراهو صاحب هر هڪ شاگرد کي گفٽ طور هڪ هڪ مختلف قسمن جي وڻن جا ٻوٽا تقسيم ڪيا ها واقع جيڪڏهن سڄي سنڌ جو ٻيلو کاتو ڊسٽرڪٽ قمبر جي فاريسٽ آفيسر عمران ڌامراهو جهڙو عملي قدم کڻن ته پنهنجي سنڌ سائي رنگن جي ٻوٽن جي ويس سان رنگجي ۽ ڍڪجي ويندي ،۽ پنهنجي ڌرتي واقع جنت جي ٽڪري جهڙو ڏيک پڻ ڏيندي، اهڙي طرح پنهنجي ملڪ پياري پاڪستان جي ٻين صوبن جي حصن تي جاگرافي طور نظر وجهبي ته( ڪي _ پي_ ڪي) جا علائقا وڻ جي سائي چادر سان ڍڪيل نظر اچن ٿا صوبي پنجاب ۽ بلوچستان جا ڪجهه علائقا انهي سونهن جو ڏيک پڻ ڏين ٿا ، جتي ٻيلو کاتو سدائين متحرڪ آهي مڱر سنڌ گورنمينٽ جو ٻيلو جنهگلي جيوت وارو کاتو اهم جوڳا اپاءَ وٺڻ ۾ هن وقت تائين اهڙي اهم ڪاميابي حاصل ناهي ڪري سگهيو ،ها جيڪڏهن اسين سڀ گڏجي چاهيون ٿا ته پنهنجي ڌرتي جنت جي ٽڪري جو ڏيک ڏئي ته اسين پنهنجي آس پاس شهر، ڳوٺ، اسڪول ،اوطاق ، گهرن جي آڏو ، روڊن جي ڪنارن سان وڻ لڳائي اسين ماحول جي آلودگي کي ختم ڪرڻ لاءِ اپاءَ وٺون جئين اسان جي ڌرتي سائي ۽ خوشحال نظر اچي، بس ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته وڌ کان وڌ وڻ پوکڻ گهرجن انهي لاءِ پنهنجي حڪومت کي اک پٽڻ گهرجي ۽ ٻيلي کاتي جي علمي کي تمام پابند بڻائڻو پوندو ته هو پنهنجي قومي فرض ۾ ڪابه ڪوتاهي نه ڪن پنهنجي وطن عزيز جي هر هڪ فرد کي گهرجي ته هو ٻيلي کاتي جي عملي سان تعاون ۽ سهڪار ڪن ته جئين پنهنجي ملڪ پياري پاڪستان ۾ وڌ کان وڌ وڻ لڳائڻ واري مهم ڪامياب ٿئي منهنجي رب سائين جي در تي دعا ته شال سنڌ سدائين وڻن جي چادر سان ڍڪيل رهي آمين ____________________________ڏسپتو محمد ابراهيم لاشاري
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو