ڪجهه ٻُڌو ڪجهه ٻُڌو ڪجهه ته مُنهنجي ٻُڌو۔۔

'نثار احمد ناز' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏2 ڊسمبر 2009۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    دوستو پنهنجي هڪ پرُاڻو نظم ڪجهه ٻُڌو ڪجهه ٻُڌو ڪجهه ته مُنهنجي ٻُڌو مان سڙان سنڌ پئي سينڌ کان اڄ سڌو توهان سان ونڊ پيو ڪريان ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ بس غريباڻي ڊيزائڻ ۽ انتهائي حقير شاعري آهي ، جيڪو سنگت جي سامهون آهي۔۔۔۔۔

    [​IMG]
    پيارا دوستو اهو ساڳيو نظم آڊيو گيت جي صورت ۾ توهان سان ونڊ پيو ڪريان، هي گيت ٽنڊو محمد خان شهر جي نوجوان ۽ سُريلي راڳي شاهد علي دائيداڻو سندس ئي ڪمپوز ڪيل ڌُن ۾ ڳايو آهي اميد ته پسند ايندو ۽ ان سلسلي ۾ توهان جي محبتي راين جو شدت سان انتظار رهندو۔۔۔​


    [MP3]http://www.fileden.com/files/2009/12/2/2672587/Kujh%20Budho.mp3[/MP3]​
     
  2. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    سائين اوهان جي شاعري تمام وڻندڙ ۽ ان کان وڌ ڊزائين پُرڪشش لڳي۔۔۔۔۔ ونڊ ڪرڻ جي مهرباني ۔۔۔۔۔ هڪڙي جاءِ تي هن حقير کي ٿورڙو شڪ آهي سو به معمولي آهي منهنجي خيال ۾ ڪمپوزنگ جو مسئلو آهي۔۔۔۔۔ وڌيڪ اوهان ئي بهتر ڄاڻو ٿا۔۔۔۔


    ڪِيڪ ڪيٽي بندر، جا ڪئي مون ٻڌي
    دُوڙ مهراڻ مان جا اڏي، مون ڏٺي

    اندازو اهو پيو لڳايان ته لفظ ”دُوڙ“ جي بجاءِ ”ڌُوڙ“ هجڻ کپي ها۔۔۔۔۔۔ يا وري اوهان ئي بهتر ٿا سمجهائي سگهو۔۔۔۔ بابلا غلطي جي معافي گهرندس۔۔۔۔ گستاخي جي معافي۔۔۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامتshal judy hujeen
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    لاجواب سائين

    بهترين شيئرنگ آهي
     
  4. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    پيارا ڀا٪٪٪٪ءُ زاهد مهرباني جو توهان کي شاعري ۽ ڊيزائن سُٺي لڳي، ادا غلطي جيڪا تو پوائينٽ آئوٽ ڪئي آهي سا برابر غلطي آهي، پوءِ تون ان کي پروف جي غلطي چئو ڪمپوزنگ جي غلطي چئو يا وري صورتخطي ءَ جي غلطي چئو درست لفظ ته واقعي ڌُوڙ آهي۔۔۔۔۔۔ پر هاڻي ڇا ٿو ٿي سگهي، انهيءَ فائل جو بيڪ اپ مون پاڻ وٽ محفوظ رکيو ئي ڪونهي، ادا سائين ڪوبه ماڻهو پرفيڪٽ ٿي نٿو سگهي، هن دنيا جو ماڻهو آهي ته ضرور غلطي ڪندو، باقي ڇاجي معافي ٿو گهرين يار غلطي منهنجي ۽ وري معافي به تون پيو گهرين۔۔۔۔۔۔۔۔۔ الله خوش رکئي۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    سهنا ناز؛
    مان سڙان سنڌ پئي ، سينڌ کان اڄ سڌو
    منهنجي ٻڌو

    دوست سنڌ جي پڪار کي پنهنجا لفظ ڏئي اوهان اسان سڀني محب وطن دوستن جي زبان ڳالهائي آهي ... ڌاريا هجن يا پنهنجا جي به سنڌ امڙ جي سينڌ کي ساڙن پيا تن جي نشاندهي ٿيل آهي ... واڪا ڪم پنهنجو ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو ...

    دوست اوهان اهڙي سهڻي ڪلام چوڻ تي کيرون لهڻيون ۽ انکان وڌيڪ اهو پڻ ضرور چوندس ته اڄ اوهانجي ان گيت سان جا تصوير آهي سا پڻ انتهائي ٽهڪندڙ آهي ...

    پالڻهار اوهانکي بري نظرن کان بچائي ... آمين
     
  6. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    پيارا نثار ابڙا توهان سڄڻن جون مهربانيون آهن جو منهنجي هر موڙ تي همت افزايون ڪيون آهن، سنڌ سلامت تي جيڪڏهن توهان جهڙا محبتي دوست نه هُجن ها ته منهنجي ڏات ۽ مان بي موت مارجي وڃان ها، ڪير مون جهڙي ٽي درجي واري معمولي شاعر کي سُڃاڻي به ڪونه ها اڄ رب سائين جي ڪروڙين مهربانين توهان سڀني دوستن جي دُعائن جي طفيل ساري دنيا جا پيارا سنڌي مونکي ڄاڻن ۽ سُڃاڻن ٿا هو مون سان پيار ٿا ڪن ، جن جو اندازو مان سندن موڪليل اي ميل، پي ايم ۽ موبائل ذريعي موڪليل پيغامن ذريعن لڳائي سگهان ٿو۔ پيارا نثار ابڙا منهنجو اهو ساڳيو نظم جيڪو آڊيو جي صورت ۾ آهي توهان سان انتهائي چاهتن سان سان ونڊ پيو ڪريان اميد ته هن نظم وارو رنگ توهان کي اڃان به دل ۾ کُپندڙ لڳندو۔۔۔ ۽ پيارو لڳندو۔۔۔۔ حق موجود سدا سلامت هُجو منهنجا من مُهڻا پيارا ڀاءُ۔۔۔۔۔۔۔۔

    [MP3]http://www.fileden.com/files/2009/12/2/2672587/Kujh%20Budho.mp3[/MP3]​
     
  7. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    السلام عليڪم محترم سائين نثار احمد صاحب تمام سهڻا ٻول آهن الله پاڪ توهانکي اڃان به وڌيڪ توفيق عطا فرمائي آمين سچ پڇو ته دل کي ڏاڍو سڪون مليو
    اوهانجو غلام فقير عبدالغني حسيني نقشبنديHaqMojood
     
  8. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    مٺا عبدالغني، جاني توهان ته منهنجي هينئن جا هار آهيو، پليز پنهنجي پاڻ کي غلام نه لکندا ڪريو، توهان ته منهنجا ننڍڙا ، ننڍڙا ، پيارا صفا جيءَ جيارا ادڙا آهيو، توهان کي هن نظم جا ٻول سهڻا لڳا، مطلب ته منهنجي هن حقير شاعري کي نئين معنى ملي ويئي........ توهان جي هن بي لوث همت افزائي جو انتهائي ٿورائتو ۽ شڪر گُذار آهيان.....
     
  9. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سائين اوهان دوستن کي مزي جي ڳالهه ٻڌايان ته سائين نثار ناز جن جي هي شاعري هن عاجز ۽ جناب سائين منير احمد پاٽائي مڪه وارا ۽ سائين عبدالغني صاحب قطر وارن سائين نثار جن جي ساٿ ۾ گڏجي ٻڌيسين اوهان حيران هوندا ته هڪ پاڪستان جي شهر موري ۾ هڪ مڪه پاڪ ۾ هڪ قطر ۾ هڪ ٽنڊو محمد خان ۾ انهن اها شاعري گڏجي ڪيئن ٻڌي ته ها دوستو اها حقيقت آهي جو هن سائنسي ۽ ٽيڪنالاجي جي دور ۾ فاصله ختم ٿي چڪا آهن ڪمپيوٽر پنهنجي ڪمال سان دنيا کي سوڙهو بنائي ڇڏيو آهي اسان سڀني skype سافٽوئير جي ذريعي ڪانفرنس ڪال ۾ سڀ شريڪ هئاسين ۽ سائين منير جن پنهنجي پياري آواز ۾ اسان کي سائين نثار جن جي هي شاعري پڙهي ٻڌائي ۽ اسان سڀني گڏجي ٻڌي۔
     
  10. سلطان

    سلطان
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2009
    تحريرون:
    165
    ورتل پسنديدگيون:
    79
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سائين نثار،
    اهڙي بيمثال تخليق توهان ايترو عرصو، پاڻ وٽ سنڀالي رکي ٪۽ سنگت سان ايتري دير ۾ شيئر ڪئي۔۔ سائين بقول توهان جي ته نظم پراڻو آهي پر سنڌ جا سُور ساڳيا ۽ تازا آهن، اها باهه به وڌندي پئي نظر اچي جنهن ۾ سنڌ سڙي پئي۔۔ توهان پنهنجو حق ادا ڪيو پيا، ڪو ڏينهن ته ضرور ايندو جڏهن، سڀ سنڌ واسي اها ڪِيڪ ضرور ٻڌندا۔

    ڏاند گهاڻي جيان اک نه کوپا وجهو
    ۽ ڪنن مان ڪپهه جا به ٻوڙا ڪڍو



    ادا شاهد علي کي بهترين ڪمپوزنگ ۽ گائڪي لاء اسان جي طرفان پيار ڀريو سلام پهچائيندا۔ اسان سندن کان وڌيڪ گيت ٻڌڻ جي اميد رکنداسين۔

    پروردگار توهان کي شادوآباد رکي۔

    ساٿ سلامت
     
  11. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    پيارا سُلطان تنهنجا قرب جو منهنجو هي پُراڻو نظم هر دور جو نظم لڳو، پيارا دير سان انهيءَ ڪري شيئر ڪيم ته اهو آڊيو گيت بار بار ونڊو ڪريڪ هُئڻ ڪري وڃائي وهي رهيو هُئس، ٻه ٽي ڏينهن پهرين ڪنهن دوست کي ان جي ڪاپي ڪري ڏني هُئم سو اتان وري به نظم جي ڪاپي ملي ويئي، سو توهان سان شيئر ڪيم، بهرحال هڪ دفعو ٻيهر توهان جي همت افزائي جو انتهائي ٿورائتو آهيان
     
  12. منصور سيتائي

    منصور سيتائي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 جون 2010
    تحريرون:
    15
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: ڪجهه ٻُڌو ڪجهه ٻُڌو ڪجهه ته مُنهنجي ٻُڌو۔۔

    ادا ناز اوهان جي شاعري اڄ فرصت ۾ ويهي پڙهيم،يقين ڪيو ته دل بهار بهار ٿي وئي،ڇو ته اوهان جي شاعري ۾ اڳي کان تمام گهڻي روانگي اچي وئي آهي،لفظن جي بيهڪ،استعارن جو استعمال،حرفِِِ تجنيسِِِِ،تشبيهون، قافيا رديف ۽ وزن بحر ۾ به هاڻي گهڻو خيال ٿا رکو۔ ادا شاعري مسلسل ڀوڳنائن جو نالو آهي۔ آشا اٿم ته ائين ئي مسلسل رواني سان لکندا رهندا ۽ سنڌي شاعري جو جهول موتين سان ڀريندا رهندا۔ آمين
     
  13. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ڪجهه ٻُڌو ڪجهه ٻُڌو ڪجهه ته مُنهنجي ٻُڌو۔۔

    سائين منصور اها منهنجي تمام گهڻي خوشنصيبي چئبي جو توهان منهنجي همت افزائي ڪئي، باقي استعارا، حرف تجنيس، تشبيهون، قافيا رديف۽ وزن بحر شاعري جي دنيا جا چمڪندڙ ستارا آهن، ڀوڳنائن جي سفر ۾ ۽ شاعري جي رڌم ۾ انهن اڻ ڏٺل ۽ اڻ ڇهيل چمڪندڙ ستارن کي پنهنجي جهولي ۾‌ گُلن جيان جيڪي کڻي هلندا آهن سي ئي توهان وانگر توهان جيان شاعر سڏبا آهن اسان ته اڃان صفا سيکڙاٽ آهيون ٽي درجي جا ڪم تر شاعر آهيون۔ توهان جي همت افزائين ۽‌ دعائن سان ڪوشش ضرور ڪندس ته سنڌي شاعري جي سلسلي کي نه صرف موتين سان پر هيرن جواهرن سان پڻ ڀريندو رهندس۔ توهان جي همت افزائين جو دل جي گهرائين سان ٿورائتو آهيان۔
     
  14. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: ڪجهه ٻُڌو ڪجهه ٻُڌو ڪجهه ته مُنهنجي ٻُڌو۔۔

    واھ سائين بهترين شيئر ڪرڻ جي مهرباني
     
  15. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڪجهه ٻُڌو ڪجهه ٻُڌو ڪجهه ته مُنهنجي ٻُڌو۔۔

    سائين نثار ناز!۔۔۔۔ سڀ کان پهرين ته معافيءَ‌جو طلبگار آهيان جو اوهان جي هن بهترين ونڊ تي مون مست جي نظر نه پئي۔۔۔ بس الائي جي ڪهڙي مستيءَ‌۾ هئس۔۔۔۔
    سائين مان سوچيان ٿو ته توهان جي شاعريءَ ۽ شاهد علي (ڪلام کي ڳائيندڙ)‌ جي تعريف ڪيئن ۽‌ ڪهڙي لفظن ۾ ڪيان، جهڙي شاعري ڪيل آهي (وطن سان حب جي، معاشري جي اندر ٿيندڙ گهٽ وڌاين ۽‌ ڏاڍ جي متعلق) هي ته اهڙي شاعري آهي جيڪا مان شوق سان پڙهندو ۽‌ ٻڌندو آهيان، ڪلام ۾ لفظن ۽ قافئي جو استعمال تمام بهترين انداز ۾ ٿيل آهي، ان کان پوءِ وري جهڙي نموني سان نوجوان شاهد علي ان ڪلام کي گائيڪي جي انداز ۾‌پيش ڪيو آهي، تعريف کان مٿانهون آهي، سنڌ سلامت اسٽوڊيو جي لاءِ توهان جون اهي ڪاوشون ته اسان مستن کي ڏاڍيون وڻنديون آهن، توهان کي گذارش آهي ته اهڙا ونڊ اڳتي به جاري رکو۔۔۔ ۔۔
     
  16. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ڪجهه ٻُڌو ڪجهه ٻُڌو ڪجهه ته مُنهنجي ٻُڌو۔۔

    ادا لاجواب آهي مهرباني.
     
  17. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ڪجهه ٻُڌو ڪجهه ٻُڌو ڪجهه ته مُنهنجي ٻُڌو۔۔

    پيارا مست زبردست ! مستن تي ڪا ميار ٺهندي ئي ڪانهي، تو هي ونڊ ان ڪري ڪونه ڏٺي هوندي جو پهرين تون ڄامشورائي هُئين هاڻي وري مست ٿِي ويو آهين، ڄامشورائي کان مست ٿيڻ واري مرحلي ۾‌ لازمي آهي ته ڪي شيون ڇڏبيون، ته وري ڪي شيون حاصل ڪبيون ، ان هوندي به منهنجي هن شاعري تي تنهنجا پازيٽو رايا آهن ، تنهنجي انهي همت افزائي ۽ حوصلا افزائي جو صدق دل سان ٿورائتو آهيان۔ مستن منهنجي هن ونڊ کي پاس ڪيو مطلب ته مان سڦل ٿِي ويس۔ لک لائق ادا۔
     
  18. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ڪجهه ٻُڌو ڪجهه ٻُڌو ڪجهه ته مُنهنجي ٻُڌو۔۔

    پيارا عاشق سولنگي! شال سدائين جُڙيو هُجين، اها ڳالهه منهنجي لا انتهائي اعزاز جي آهي ته منهنجي شاعري کي” مستن کان وٺي عاشقن “ اوڪي ڪيو آهي مطلب پسند ڪيو آهي۔ جنهن جو مان ٿورائتو آهيان لک لائق ادا عاشق سولنگي۔
     
  19. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ڪجهه ٻُڌو ڪجهه ٻُڌو ڪجهه ته مُنهنجي ٻُڌو۔۔

    مهرباني ادا رياض حُسين گلال جو توهان منهنجي هن غريباڻي شاعري کي لاجواب چيو۔
     
  20. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڪجهه ٻُڌو ڪجهه ٻُڌو ڪجهه ته مُنهنجي ٻُڌو۔۔

    سائين يقين ڪريو ته جيڏي مهل کان مان اوهان جو هي ڪلام ادا شاهد علي جي آواز ۾ ايتري بهترين ڪمپوزيشن سان گڏ ٻڌو آهي، رڳو چپن تي اهو ئي پيو جهونگاريان۔۔ ڪجهه ٻڌو، ڪجهه ٻڌو، ڪجهه ته منهنجي ٻڌو، مون واري مستياڻي ٿي چوي، شاديءَ‌کان وٺي ايڏيون ڳالهيون تنهنجيون ٻڌيون ۽‌ مڃيون آهن اڃان ڇا ٻڌان ۔۔؟ پوءِ‌وري لازمي مون کي سڄي ڳالهه ٻڌائي ترديد ٿي ڪرڻي پوي۔۔ مست چڱو سوگهو ٿيو آهي۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو