سنڌ سلامت تي سنڌي بلاگنگ جي شروعات ڪري دوستن کي سيکاريو ويو ته هو ڪهڙي طرح پنهنجي خيالن ۽ پنهنجي ڳالهين کي دنيا تائين پهچائين۔۔ ان سلسلي کي وڌائيندي توڙي جو پهرين سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ کي رليز ڪيو ويو آهي پر دوستن جو خيال موجب جيڪا بيهڪ ۽ فونٽن جي درستگي ۽ گڏ سنڌي ايڊيٽر جي خوبيون ”اميدون بلاگ“ جي آهي سا ٻئي هنڌ نه پئي ملي۔۔۔
دوستو، مون پنهنجي اميدون بلاگ کي مستقل بنيادن تي ڪونه جوڙيو هو نه وري منهنجو مقصد سٺو بلاگ جوڙي پنهنجي واه واه ڪرائڻ هو ۔۔ پر منهنجو بلاگ دراصل جواب آهي انهن دوستن لاءِ۔۔ جيڪي سمجهن ٿا ته کين ڪو تجربو ناهي بلاگ جوڙڻ جو۔۔۔ يا وري اهي سمجهن ٿا ته بلاگ خوبصورت نه ٿو ٺاهي سگهجي۔۔
ان ڪري ضرورت هئي ته ڪو اهڙو بلاگ جوڙي اپڊيٽ ۾ رکيو وڃي جنهن سان نه صرف دوستن کي بلاگ لکڻ جو شوق وڌي پر کين اهو بلاگ کي ڏسي ڪري جيڪي سوال ذهن ۾ اڀرن انهن جا جواب ڏئي سگهجن۔۔۔ اهو ئي سبب آهي جو دوستن جي اسرار تي اميدون بلاگ کي جاري رکيو اٿم۔۔۔
اڄ جڏهن منهنجي سالگره تي سنڌ سلامت ۽ فيس بوڪ جي دوستن پنهنجي بي پناهه خلوص جو اظهار ڪندي ميسيجز ۽ وشز مون کي ارپيون ته مون پڻ کين رڳو واپسي جي مهرباني ادا ڪرڻ بجاءِ کين پنهنجي بلاگ اميدون جي سنڌي ٽيمپليٽ ارپڻ جو فيصلو ڪيو۔۔۔ ته جيئن پنهنجي بلاگز کي نه رڳو پنهنجي خوبصورت لکڻين سان پر انهن کي دلڪش رنگ بخشي جازبِ نظر بنائين۔۔۔ ته پوءِ
هي ٽيمپليٽ دراصل ٽيناچن جي تيار ڪيل آهي جنهن ۾ سائي رنگ جي خوبصورت مزاج کي نظر ۾ رکندي سنڌي ترجمي ۾ تبديل ڪيو ويو آهي۔۔۔ هي ٽيمپليٽ پنهنجي اضافي خوبين سان اڳ ئي اميدون بلاگ جي زينت بڻيل آهي۔۔۔
هن جي خصوصيتن ۾ شامل آهن۔۔۔۔
موضوع سان منسلڪ زپ فائيل ڊائونلوڊ ڪريو۔۔ ۽ ايڪسٽريڪٽ ڪري ايڪس ايم ايل فائيل حاصل ڪريو۔۔۔
ڊيش بورڊ تي سائن ان ٿيڻ کان پوءِ پنهنجو بلاگ چونڊيو۔۔۔ ۽ کاٻي پاسي موجود انگريزي لفظ Template تي ڪلڪ ڪريو۔۔ هاڻي ساڄي پاسي موجود Backup / Restore لفظن تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔
هاڻي چاهيو ته پنهنجي موجوده ٽيمپليٽ جو بيڪ اپ وٺي رکو ۔۔ ان کانپوءِ برائوز بٽڻ تي ڪلڪ ڪري ايڪسٽريڪٽ ڪيل ايڪس ايم ايل فائيل جي لوڪيشن ڏيو ۽ اپلوڊ بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔
۽ ڪم مڪمل ٿيو۔۔۔
نوٽ:

- مڪمل بلاگ بشمول سموريون تحريرون ۽ تبصرا جو ساڄي کان کاٻي هجڻ۔۔
- سائين عبدالماجد ڀرڳڙي جي فونٽ ايم بي لطيفي جو ڊيفالٽ طور هجڻ۔۔۔
- تبصرن لاءِ سنڌ سلامت ايڊيٽر جو بلٽ ان رکڻ۔۔۔
- پيج لوڊ ٽائيم کي سامهون رکندي گوگل ماسٽر ليٽيسٽ پيج لوڊ ريڪوائرمينٽ۔۔
- خوبصورت انٽرفيس ۔۔ جيئن بلاگ تي ايندڙ ريڊر۔۔ وڌيڪ وقت گذاري سگهن۔۔۔
- ۽ سڀ کان اهم بلاگر نوٽيفڪيشن بار جنهن ذريعي توهان پنهنجي بلاگ تي آندل مواد يا ڪنهن ايندڙ ايونٽ جو اعلان پنهنجي بلاگ ريڊرس لاءِ ڪري سگهو۔۔۔
موضوع سان منسلڪ زپ فائيل ڊائونلوڊ ڪريو۔۔ ۽ ايڪسٽريڪٽ ڪري ايڪس ايم ايل فائيل حاصل ڪريو۔۔۔
ڊيش بورڊ تي سائن ان ٿيڻ کان پوءِ پنهنجو بلاگ چونڊيو۔۔۔ ۽ کاٻي پاسي موجود انگريزي لفظ Template تي ڪلڪ ڪريو۔۔ هاڻي ساڄي پاسي موجود Backup / Restore لفظن تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔
هاڻي چاهيو ته پنهنجي موجوده ٽيمپليٽ جو بيڪ اپ وٺي رکو ۔۔ ان کانپوءِ برائوز بٽڻ تي ڪلڪ ڪري ايڪسٽريڪٽ ڪيل ايڪس ايم ايل فائيل جي لوڪيشن ڏيو ۽ اپلوڊ بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔
۽ ڪم مڪمل ٿيو۔۔۔
نوٽ:
- ٽيمپليٽ کي 95 سيڪڙو سنڌي ۾ تبديل ڪيو ويو آهي۔۔ باقي 5 سيڪڙو اهو حصو آهي جتي انگريزي هجڻ ضروري آهي۔۔ ها البته البته توهان جي طرفان بلاگ تي سجايل وڊگيٽ جي سيٽنگ ۾ موجود لفظن کي سنڌي بڻائي سگهجي ٿو۔۔۔
- جن دوستن کي ٽيمپليٽ جا موجوده رنگ پسند نه اچن۔۔۔ اهي ٽيمپليٽ جي ڪسٽمائيزيشن سيڪشن منجهان تبديل ڪري سگهن ٿا۔۔۔
- ٽيمپليٽ جي پسنديدگي بابت پنهنجي راءِ ڊيمو صفحي تي ووٽ طور پڻ موڪلي سگهجي ٿي۔۔۔
- ٽيمپليٽ جي فوٽر ايريا ۾ (لنڪ ٿيل سنڌ سلامت ۽ ترجمو: رشيد سمون) کي اخلاقي تقاضو سمجهي چاهيو ته لڳايو نه ته پابندي نه آهي۔۔
Attachments
آخري ترميم: