سنڌي ٻولي قومي ٻولي (غزل) نثاراحمدناز

'نثار احمد ناز' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏5 فيبروري 2013۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    دوستو سنڌي ٻولي کي قومي ٻولِي قرار ڏيارڻ واري سنڌي ادبي سنگت پاران پرامن احتجاجي تحريڪ جاري آهي اسان سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام وارا به سنڌي ادبي سنگت جي انهي جدوجهد ۾
    ساٿ ساٿ آهيون اسان ڪنهن به ڳالهائڻ واري ٻوليءَ جي خلاف ڪونه آهيون اسان جو سنڌي ٻولي قومي ٻولي وارو مطالبو محبتن وارو آهي جيڪڏهن پنجابي ٻولي ڳالهائڻ وار1 پنجابي ٻوليءَ کي پوري مُلڪ جي قومي ٻولي قرار ڏيارڻ چاهين ، بلوچستان وارا اسان جا بلوچ ڀائر بلوچي ٻوليءَ کي پوري مُلڪ جي قومي ٻولي قرار ڏيارڻ چاهين ۽ جيڪڏهن پختون خواهه وارا پنهنجي پشتون ٻوليءَ کي پوري مُلڪ جي قومي ٻولي قرار ڏيارڻ چاهين اسان کي ڪو به اعتراض ڪونه هوندو اهڙي طرح اسان جي جيجل سنڌ جي سنڌي ٻوليءَ کي پوري مُلڪ جي قومي ٻولي قرار ڏيارڻ ۾ اسان سنڌ جا سنڌي به حق بجانب هونداسين. اسان جي پاڙيسري مُلڪ هندوستان ۾ 15 ٻوليون پوري انڊيا جون قومي ٻوليون آهن انهن ۾ سنڌي ٻولي به پوري هندوستان جي قومي ٻولي قرار ڏنل آهي ، اسان جا حُڪمران صفا خود غرض آهن اسان جي هن محبتي مطالبي ۾ ته ڪا لين دين به ڪونهي جيئن هُنن سنڌ ۾ ٻٽي نظام آڻڻ لاءِ رڳو لين دين ڪئي ۽ بجاءِ ڪجهه حاصل ڪرڻ جي رڳو دين ئي دين ڪئي لين ۾ انهن کي رڳو زلت ۽ خواري حاصل ٿِي هتي ته رڳو هڪڙي قرارداد پيش ڪرڻي آهي نتيجي ۾ مُلڪ جو چارئي قومون پنهنجي ٻولين کي مُلڪ جوقومي ٻوليون قرار ڏيڻ تي خوش ٿي وينديون هن ۾ ڪو حرٍج به ڪونهي ته خرچ به ڪونهي ان هوندي به اسان جا حُڪمران ٻوڙا ۽ گونگا ٿيو اسان جي هن محبتي مطالبي تي غور ئي ڪونه ٿا ڪن، نه ڪن نه پر اسان پنهنجي سنڌي قوم کان قطئي مايوس ڪونه آهيون اسان جا سنڌي ڀائر ۽ ڀينرون سُتل ضرور آهن پر اڃا مُئا ڪونه آهن هڪ نه هڪ ڏينهن هو اگهور ننڊ مان جاڳندا ضرور سنڌي ٻولي قومي ٻولي واري حق کي گهرندا ڪونه پر ضرور ڦري وٺندا۔
    . انهي ڪنهن پس منظر ۾ هن ٽي درجي واري شاعر نثار ناز هي هڪ غزل سرجيو آهي ، فني لحاظ کان ٿي سگهي ٿو ڪٿي ڪٿي ون ٽو ڪا فور ڪري هن غزل کي پورو ڪيو هُجيم باقي فڪري لحاظ کان توهان کي هي غزل ڪيئن لڳو توهان جي واڌو ڪاٽو راين جو شدت سان منتظر رهندس
    [​IMG]
    جيئي سنڌ جيئي سنڌي ٻولي ، سنڌ سلامت ساٿ سلامت
    غزل
    نثاراحمدناز
    سئولِي ڳالهه اسانجِي سئولِي
    سنڌي ٻولي قومي ٻولِي
    رنگ ائين ٿا سنڌ جا برسن
    رنگ برنگِي ڄڻ ڪا هولِي !
    سون سريڪو سنڌو سائين،
    چاندِي چاندِي جنهن جِي ڇولِي !
    سوڍا سنڌ جا شالَ جِئين تُون،
    خُوب دُعا ڏس ما جِي لولِي !
    سوچ ۾ سنڌڙِي ، لوچ ۾ سنڌڙِي
    وائِي ٻي ته نه ٻولِي ٻولِي !
    ”ناز“ وِشال سمورِي سنڌ جِي
    خالِي مُور نه ٿِيَڻِي جهولِي !
    سئولِي ڳالهه اسان جِي سئولِي
    سنڌي ٻولِي قومِي ٻولي۔۔۔!
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو