اٽيچمينٽ بابت هڪ ضروري اعلان۔۔۔

'فورم جا قانون، قاعدا ۽ ضروري اعلان' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏4 ڊسمبر 2009۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    دوستو سنڌ سلامت فورم کي لانچ ٿيندي اڃان 8 مهينا ٿيا آهن۔۔۔ پر فورم تي روز بروز دوستن جي باقائدگي سان اچڻ ۽ پنهنجي لکڻين کي فورم جي زينت کي بنائڻ ڪري فورم جي ڊيٽا بيس کي سهيڙڻ ۾ ڪجهه دشواريون پيدا ٿي رهيون آهن۔۔۔
    سنڌ سلامت جي سالگره تي ڪوشش آهي ته فورم کي اپڊيٽ ڪري هڪ وڌيڪ نئين ۽ خوبصورت لباس سان آندو وڃي ان سلسلي ۾ ڊيٽابيس کي اهڙي نموني سنڀالڻو پوندو جو دوستن جي موڪليل مواد ضايع نه ٿئي۔۔۔ جنهن ڪري ڪجهه ناپسنديده قدم کڻڻا پئجي رهيا هئا۔۔۔ جنهن ۾ ڪجهه ڏينهن فورم کي بند رکڻ به هڪ آپشن هو۔۔۔ پر سمورن دوستن جي روزانو حاضري ۽ سنڌ سلامت سان محبت کي ڏسي اهڙي عمل کان ڪنارو ڪندي عارضي طور فائيلز ۽ فوٽوز ڳنڍڻ واري عمل کي عام رڪن لاءِ غير فعال ڪيو ويو آهي۔۔۔ جنهن لاءِ سنگت کان ڪجهه ڏينهن معزرت ٿي گهرجي۔۔۔
    انهي دوران انتظاميا جي ڪوشش هوندي ته اڳ ۾ موجود تصويرن ۽ ڳنڍيل فائيلز کي ترتيب ڏني وڃي جنهن کان پوءِ ان عمل کي ٻيهر فعال بڻايو وڃي۔۔۔۔
    تيسيتائين سموري ساٿ کي گذارش آهي ته پنهنجي لکڻين ۾ موجود تصويرن يا فائيلز کي ڪنهن ٻي سائيٽ تي اپلوڊ ڪري فورم تي لڳائين جنهن لاءِ هوئن ته ڪيتريون ئي سائيٽس موجود آهي پر تصويرن کي مفت ۾ اپلوڊ ڪرڻ لاءِ www.imageshack.us هڪ بهترين سائيٽ آهي جڏهن ته باقي فائيلز لاءِ کي اپلوڊ ڪري URL وصول ڪرڻ لاءِ www.fileden.com بهترين سائيٽ آهي۔۔۔ وڌيڪ سائيٽس لاءِ اميد آهي ته توهان کي ادا ڦلپوٽو ضرور آگاهه ڪندو۔۔۔
    باقي تصويرن کي اميج ڪوڊ سان اپلوڊ ڪرڻ ته توهان هوئن ئي ڄاڻندا هوندا ۔۔۔۔ جي ڪا وڌيڪ الجهن هجي ته هتي ڪلڪ ڪري هڪ دفعو ٻيهر معلوم ڪري وٺو۔۔۔
     
  2. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    ادا رشيد اهڙي نواڻ کان مطلع ڪري دوستن کي مزيد پريشاني کان بچائي ڇڏيوَ۔۔۔۔۔ مهرباني ادا
    اميد ته دوست اوهان جي ڳالهين تي عمل پيرا رهندا۔۔۔۔۔۔۔
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    السلام عليڪم ادا رشيد

    تمام بهترين خيال آهي توهان جو مان توهان سان متفق آهيان ته سائيٽ کي بند ٿيڻ نه گهرجي باقي جيڪي اٽيچمينٽ آهن انهن کي ڪنهن فولڊر ۾ منتقل ڪري پو۽ ئي سائيٽ کي اپ ڊيٽ ڪجي ان نموني سان ڪافي فائدو ٿيندو هڪ ته فورم اپ ڊيٽ ٿئي ويندي ۽ دوست به ٻين فورمن تي فائيل اپ لوڊ ڪرڻ سکي ويندا ۽ جيڪا سنڌ سلامت فورم جي سائيز آهي ان ۾ به ڪافي بچت ٿيندي .

    تمام بهترين آئيڊيا آهي ان تي تمام جلد عمل ٿيڻ گهرجي

    باقي فائيل اپلوڊ ڪرڻ لا۽ ته ڪافي سائيٽس آهن پر جنهن سائيٽ تي مان فائيل اپلوڊ ڪندو آهيان ان جو يوآر ايل سنگت سان شيئر ڪري رهيو آهيان اميد آهي ته سنگت ان مان لاڀ حاصل ڪندي

    http://photobucket.com/


    سدائين گڏ
     
  4. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سائين اطلاع ڏيڻ لاء اوهان جي مهرباني اسان به ٿوري ڪوشش ڪري ٻيئ هنڌ اپلوڊ ڪرڻ سکون پيا ليڪن انجو منهنجي خيال ۾ ڪڏهن ڪڏهن هڪ نقص نظر ايندو آهي جو سائيٽس اپڊيٽ ٿيڻ وقت اسان وارا ڏنل لنڪ غائب ٿي ويندا آهن اهوئ سبب آهي جو فورم تي ڪافي ٿريڊ آهن جن ۾ تصويرون غائب آهن بهرحال مجبوري ۾ سڀ ڪجهه قبول آهي سائين رشيد سهڻي جو هر ڪم اسان جي ئي فائدي لاء ته هوندو آهي ان ڪري اسان سائين سان هر ڳالهه ۾ متفق آهيون پر سائين کي اپيل آهي ته ڪم کي ٻنهي هٿن سان کنيو اچن ته سنگت تي سندن احسان ٿيندو۔
     
  5. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    اصل ۾ مفت ۾ ڪابه سائيٽ فائيلز اپلوڊ ڪرڻ لاءِ ڪجهه وقت ڏيندي آهي ۔۔۔ ها البته جيڪڏهن توهان ان سائيٽ تي رجسٽريشن ڪرائي فائيلز رکندو ته ان سائيٽ تي فائيل رهڻ جي عمر وڌندي۔۔۔ ان سلسلي ۾ ادا ڦلپوٽو فقير جي آندل لنڪ ڪارآمد ٿي لڳي۔۔۔۔
     
  6. ابو زين

    ابو زين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,364
    ورتل پسنديدگيون:
    264
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پليڪيشن
    ماڳ:
    سنڌ
    مان ڦوٽا اپ لوڊ ڪرڻ لاءِ اميج شيڪ استعمال ڪندو آهيان ۽ فائلن لاءِ فائل ڊن استعمال ڪندو آهيان. پر ڪجهه ڏينهن کان مون سان هڪڙو مسئلو در پيش آهي ته فائل ڊن تي جيڪي فائل آئون ون رار جي صورت ۾ اپ لوڊ ڪندو آهيان، انهن جا لنڪ مون وٽ ڪم نٿا ڪن ۽ منهنجو گهڻو ڊيٽا ون رار جي صورت ۾ اپ لوڊ ٿيل آهي.

    انهيءَ جو حل ڪنهن دوست وٽ هجي ته مهرباني ڪري....
     
  7. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    ادا توهان فوٽوبڪيٽ تي فائيل اپ لوڊ ڪندا ڪريو مون کي اميد ته اها ئي آهي ته ان ۾ توهان سان ڪو مسئلو پيش نه ايندو

    وڌيڪ وڏو آهين ادا

    سدائين گڏ :D
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو