سهاري جون منتظر اکيون

'شل سنڌ ۽ سنڌو آباد رهي' فورم ۾ مسيح مگسي طرفان آندل موضوعَ ‏6 فيبروري 2013۔

  1. مسيح مگسي

    مسيح مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2012
    تحريرون:
    161
    ورتل پسنديدگيون:
    411
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    قمبر
    سهاري جون منتظر اکيون

    اسان جا روح صدين کان گهايل آهن، اهي منافقين، غربتن ۽ تذليلن جي چڪين ۾ اڻ کٽ ڏينهن کان پيڙجندا اچن پيا ۽ انهن کي هر لمحي اگهاڙن عذابن جي سزا ڏني وڃي ٿي، اسان جا روح بيشمار ايامن کان اذيتن جي نه کٽندڙ دوزخ ۾ سر عام سڙي رهيا آهن، اسان جي روحن ۾ 5 هزار سالن جا سڏڪا ۽ دانهون دٻيل آهن اسان جي روحن جي سيني ۾ محرومين ۽ مظلومين جون اڻ کٽ طويل ڪٿائون لڪيل آهن جن کي ڪڏهن ڪنهن ليئو پائي ڪري ناهي ڏٺو ، اسان جي روحن ۾ سوين خواهشن جا ڦاهو کاڌل لاش اڃان تائين پوسٽ مارٽم لاءِ دڳن ڏانهن واجهائي رهيا آهن، اسان جي روحن ۾ ڪيتريون ئي عصمت لٽيل خوشيون اڄ به ڪنهن رنڪل ڪماري ۽ نسيما لٻاڻي جيان انصاف ۽ اميد جون راهون تڪي رهيون آهن، باخدا اسان جا روح ڪنهن اڻ ڏٺي درد کان مسلسل تڪليفن ۽ آزارن ۾ آهن، اهي مڄاڻ ڪهڙي غلطي جي سزا ۾ عذابن جي صليب تي اڀا لٽڪيل آهن، اسان جا روح ازل کان ئي هر ڪنهن کي مدد لاءِ سڏي رهيا آهن ان ڪري خدارا هاڻي اسان جي روحن کي بچايو انهن کي عقوبت خانن مان ڪڍي قبرن ۾ دفن ڪري ڇڏيو انهن جي بي چين چيخن ۽ رڙين کي هميشه هميشه لاءِ بند ڪري انهن کي انهن جي گناهن جي سزا ڏئي خاموش ڪري ڇڏيو ۽ صدين کان ڀٽڪندڙ اسان جي روحن جي هڪ نئين تاريخ تحرير ڪريو، ها خدارا اسان جي روحن تي رحم ڪريو ! ها هاڻي اسان جي روحن کي بخشي ڇڏيو جيڪي انهن خطائون ڪيون ڇو جو اسان جا روح هاڻي وڌيڪ عذابن سهڻ جهڙا ناهن رهيا انهن ۾ جيئڻ جي خواهش ناهي رهي اهي خوشين جا گهرجائو ۽ سڪون جا تمنائي ناهن رهيا اهي ته بس هاڻي آزادي گهرن ٿا صدين تي مشتمل نه کٽندڙ عذابن کان، پوءِ آهي ڪوئي جيڪو اسان جي روحن کي بچائي، جيڪو اسان کي قبرن ۾ دفن ڪري ڇڏي، جيڪو اسان کي ايذائيندڙ عذاب کان اڳ اڳ ڊگهي ننڊ سمهاري ڇڏي، آهي ڪوئي جيڪو سڏڪن ۾ دٻيل اسان جي روحن کي راحت ڏياري، جيڪو پل پل صدين جا موت مرندڙ اسان جي بيقرار روحن کي قرار ڏياري اسان کي اسان جي دٻيل ساهن جي هٻڪارن کان ڏور ڪٿي ڪنهن موت جي اهڙي وادي ۾ پهچائي جتي ڪنهن به اذيت جو احساس باقي نه هجي، جتي ڪا به خواهش ڪر نه کڻندي هجي، جتي خوشين جي باري ۾ سوچڻ تي به پابندي هجي ڇو جو اذيتن ڀري تذليل واري هيءَ زندگي هاڻي اسان کان گذارڻ ناممڪن ٿي پئي آهي ......!!!؟؟؟
    ڄاڻان ٿو ته آئون هڪ اهڙي ديس جو هڪ اهڙو جوان آهيان جنهن ديس ۾ صدين کان اڻ کٽ خوشيون پاڻ ئي آپگهات ڪري هڪ اهڙي ديس ڏانهن هليو ويون آهن جنهن ديس ۾ مرڪن جو تصور ڪرڻ ئي عظيم گناهه سمجهيو ويندو آهي، مون کي اها به خبر آهي ته خوشين جي رسي وڃڻ باوجود هت ڪيتريون ئي اڻ ڇهيل ڪنواريون مرڪون اڃان تائين پنهنجي ماڳ جي ڳولا ۾ آهن پر نه ٿو ڄاڻان ته آئون ايترو غمزده ۽ ڏکويل ڇو آهيان پر اها خبر اٿم ته هت سمورا روح مون جيان ڏڪائيندڙ صدائون ڏئي رهيا آهن هو چاهيندي به خوشيءَ جا پڙاڏا نه ٿا ڪري سگهن ۽ نه چاهيندي به غمن جا نوحا ڳائي رهيا آهن جيڪي شايد ڪيترن ئي ڪنن جو پڙاڏو بڻجي رهيا هجن ۽ وري ڪيترن ئي ڪنن تائين انهن نوحن جو آواز نه ويندو هجي، بيشڪ اڄ وري بيشمار روحن جيان اڻ کٽ اکيون هڪ دفعو وري ڪنهن سهاري جون منتظر آهن پر شايد انهن اکين کي ڪڏهن ڪو سهاري پاڻ ڏانهن وڌندي نظر نه اچي ڇو جو اهي ئي اکيون جڏهن ڪنهن چوڪ ۽ بازار ۾ اٽي وٺڻ لاءِ لٺيون کائي رهيون هونديون آهن تڏهن به ڪوئي انهن جي واهر ناهي ڪندو ۽ اهي ائين ئي لٺيون ۽ ڌڪا کائيندي اٽي کي ڏسڻ لاءِ کليل هونديون آهن پر اٽو انهن کي ڪٿي به نظر ناهي ايندو ۽ هو پننهنجن هٿن سان هڪ دفعو وري پنهنجين اکين جا ڳوڙها پاڻ اگهڻ ۾ مصروف ٿي ويندا آهن ۽ آئون ان ويل اهو سوچيندو آهيان ته هي ديس ڪهڙو ديس آهي جتي رت ۾ وهنتل اکين کي بيشمار ڌڪن ۽ ٿاٻن کائڻ کان پوءِ به اٽي جو ٿيلهو نه ٿو ملي، ڪراڙن پٺن تي لٺين جي وسڪاري وسڻ کان پوءِ به انهن تي 5 ڪلو اٽو نه ٿو اچي، خبر ناهي هيءَ ڌرتي ڪهڙي ڌرتي آهي جتي اٽي لپ تي عظيم اکين اڳيان عظيم ماڻهن جي تذليل ٿي رهي آهي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته آخر هيءَ دنيا جي ڪهڙي ڪنڊ آهي جتي وچ بازارن ۽ وڏن وڏن ميدانن تي رڳو ڪڻڪ جي مٽيءَ تي سوين معصوم ٻارن، جهور پوڙهي مائرن، معزور پيئرن ۽ جواڻ نارين کي تماشي لاءِ گهرائي انهن تي لٺبازي ڪئي ويندي آهي انهن کي ڪڻڪ جي پائوڊر لاءِ ذليل ڪيو ويندو آهي شايد اقتدار ۾ ويٺل انهن ظالم بادشاهن اقبال جا هي لفظ ناهن پڙهيا
    اٺو ميري دنيا ڪي غريبون ڪو جگادو
    ڪاخ امرا ڪي دروديوار هلادو
    گرمائو غلامون ڪا لهو سوز يقين سي
    ڪخشڪ فرومايه ڪوشاهين سي لڙادو
    جس کيت سي دهقان ڪو ميسر نهين روزي،
    اس کيت ڪي هر گوشئه گندم ڪو جلادو
    ڪيون خالق ومخلوق مين حائل رهين پردي،
    پيران ڪليسا ڪو ڪليسا سي اٺادو
    مين ناخوش وبيزار هون مرمر ڪي سلون سي
    ميري لئي مٽي ڪا حرم اور بنادو
    هي خدا جا اهي لفظ آهن جن کي خدا اقبال جي قلم مان ڪڍي ڪري فرشتن کي چوي ٿو ته زمين مان پيدا ٿيل هر ان ڪڻڪ جي داڻي کي ساڙي ۽ ختم ڪري ڇڏيو جنهن مان انسانن کي فائدو نه ٿو رسي ڇو جو خدا نه ٿو چاهي ته سندس جي حڪم تي زمينن مان ڦٽندڙ ڪڻڪ جي داڻن لاءِ سندس جا ئي پيدا ڪيل غريب ۽ لاچار انسان لٺيون ۽ ڏنڊا کائين، خدا نه ٿو چاهي ته خالق ۽ مخلوق وچ ۾ پردو رهي ان ڪري هو فرشتن کي ننڊ مان جاڳائي چوي ٿو ته ڪليسائن، مندرن ۽ مسجدن ۾ ويٺل پيرن کي ٻاهر ڪڍي ڦٽو ڪريو جيڪي مخلوق کي اهو يقين ڏياريندا آهن ته اهي ئي انهن کي خالق سان ملائيندا، خدا نه ٿو چاهي ته هن جي عبادت لاءِ سنگ مر مر جي سرن سان مسجدون ۽ حرم تعمير ڪجن ۽ ان جي مخلوق بکي رهي، خدا جو قسم اسان لاءِ خدا پوري زمين کي مسجد بڻائي ڇڏيو آهي بس رڳو اسان کي جهڪڻو آهي، هن لاءِ اسان جا مسجدن ۽ جهوپڙين وارا سجدا هڪ جيتري اهميت رکن ٿا، هن لاءِ عبادتون ۽ سجدا ايتري اهميت نه ٿا رکن جيتري اهميت هن لاءِ انسانن جي بک رکي ٿي، هو نه ٿو چاهي ته هت ڪو به روح اٽي لاءِ ڀٽڪي، هن جي خدائي اهو نه ٿي چاهي ته هن دنيا ۾ ڪي اکيون ڪنهن سهاري جون منتظر هجن ۽ انهن جي مدد لاءِ ڪير به اڳتي نه اچي پر هو ته چاهي ٿو ته هت رام ۽ رحيم جو گهر هڪ ئي گهٽي ۾ هجي، هت هر روح هر عذاب کان محروم هجي پر افسوس جو ايوانن ۾ ويٺل نمائندا ۽ سماج ۾ آسائشن ڀري زندگي گذاريندڙ مون جهڙا ڪيترائي مغرور ماڻهو پوري قوم کي ڪڻڪ جي داڻن لاءِ ئي ذليل ڪري رهيا آهن ۽ ان جي باوجود به مون جهڙا نيوجنريشن سان واسطو رکندڙ جوان پنهنجي پريميڪائن ۽ دوستن ڏانهن بيشمار، خوبصورت ۽ مهانگا مهانگا تحفا موڪلڻ ۾ مصروف آهن، اسان لاءِ روڊن ۽ رستن تي رڳو اٽي لاءِ ذلالتون برداشت ڪندڙن جا ڳوڙها ۽ دانهون ان لاءِ بي معنيٰ ٿي ويا آهن جو اسين پنهنجي ( ٽين ايج ) واري پرلطف زندگي ۾ ايترا ته وڃائجي ويا آهيون جو اسان کي ڪڻڪ جي ڏاري مان تيار ٿيندڙ ماني جي ملهه جي ئي خبر ناهي رهي، جواني ۽ فيشن ايبل زندگي گذارڻ ۾ اسان کي اهو احساس ئي ناهي رهيو ته اسين جيڪي ڳڀا پنهنجي پيٽ اندر اوتيون ٿا اهي اسان جا گهر وارا ڪيترين تڪليفن کان پوءِ اسان لاءِ حاصل ڪندا آهن، سچ ته اهو آهي ته پنهنجي گهروارن کي ايترين تڪليفن مان گذارڻ وارا اسين نوجوان ئي آهيون انهن کي اٽي جي ٿيلهي لاءِ انتظارن جي نه کٽندڙ صليبن تي ابتا لٽڪائڻ وارا ڏوهي به اسان ئي آهيون، انهن جي بکايل ۽ پوڙهين حسرتن کي حڪومتي عملدارن جي لٺين کان رتورت ڪرائڻ ۾ به اسين نئين جنريشن وارا سردار ۽ رئيس ملوث آهيون سچ ته اهو آهي ته اسين ئي اڃان تائين هڪ اهڙي ابدي ننڊ ۾ ستل آهيون جيڪا اسان جي گهر وارن جيي خوشين کي لانگ بوٽن هيٺان چيپاٽي انهن خواهشن ۽ حسرتن جو انڪائونٽر ڪري رهي آهي، جنهن جي ايف آءِ آر اسان جي مرڪن ۽ خوشين تي داخل ڪئي ويندي...!!!؟؟
    اهو سچ آهي ته اسان جون خوشيون ۽ مرڪون بي ڏوهي آهن، انهن ڪنهن جو انڪائونٽر ناهي ڪيو ۽ نه ئي وري
    اسان ڏوهي آهيون آئون ڄاڻان ٿو ته اسان سڀن ڪو به گناهه ناهي ڪيو اها اسان جي غلطي ناهي ته اسان جي ڌرتي تي هزارين بي سهارا ماڻهو چند مرڪن ۽ خوشين خاطر اسان جهڙن جون راهون نهاري رهيا آهن پر مون کي خبر آهي ته اها اسان جي بي حسي ۽ حيوانيت ئي آهي جو اسان جي چئوگرد اسان جا پنهنجا ئي وقت هٿان خاموش تماشائي ان ڪري ئي بڻيل آهن جو انهن وٽ ڪاغذ جا ٽڪڙا ناهن، اها ڪاغذن جي ٽڪڙن جي کوٽ ئي آهي جنهن سنڌ ڌرتي جي عظيم ماڻهن کي روڊن تي اٽي خريدڻ لاءِ لٺيون ۽ ڏنڊا کارايا ۽ اها اسان جي بي حسي ۽ حيوانيت ئي آهي جنهن اسان جي معاشري ۾ ڦهليل ڀڃ ڊاهه ۽ ننڍڙين ننڍڙين خوشين کي ڳوڙهن ۾ بدلائي ڇڏيو آهي، بيشڪ اسان اجرين اميدن جيان بي ڏوهي آهيون پر اهو اسان جو گناهه ئي ته آهي جو اسين هڪ اهڙي ڌرتي ۾ پيدا ٿياسين جتي سنڌ جي روشن ۽ پراميد پرهه جهڙا ڪيترائي روشن ۽ معصوم چهرا صدين کان خوشين جي لمحن کي سيليبريٽ ڪرڻ لاءِ اسان جهڙن اماوس رات جي ڪارن چهرن ڏانهن واجهائيندا رهيا آهن ۽ اسان جون اکيون ڪڏهن به انهن جي دٻيل مرڪن ۾ انهن جي لڪيل بيشمار دردن ۽ محرومين کي ناهن پڙهي سگهنديون، اسان جي هٿن جون آڱريون ڪڏهن به انهن لاءِ ڪنهن ڪاغذ ٽڪڙي تي ڪي آٿت جهڙا غير معمولي لفظ لکي ناهن سگهيون، نه ڄاڻ ڇو سالن کان پاڻ وٽ ائين ٿيندو اچي پيو جو اسان جا دڳ گلابي ديدن سان سينگاريل هجن ٿا پر انهن تي اسان جون ديدون نه ٿيون پون اسين پنهنجين ڪجهه معمولي خوشين ۾ گم ٿي بيشمار محرومين ۽ اڌورين خواهشن واران چهرن کي وساري ويهي رهندا آهيون، اسان وٽ اهو الميو رهيو آهي ته اسان مان ڪڏهن ڪنهن مڊل ڪلاس جي ماڻهو هيٺاهين ڪلاس واري کي پنهنجي خوشين ۾ ڀاڱي ڀائيوار ناهي ڪيو ان کي ٻين دوستن جيان پنهنجي وجود جو اٽوٽ حصو ناهي سمجهيو ۽ نه ئي اسان مان ڪنهن انهن سهارن جي منتظر وجودن کي اهو احساس ڏياريو آهي ته هو غمن ۽ محرومين جي ڪنهن به موقعي تي اڪيلا ناهن ، پر اسين سڀ هميشه کان انهن جي محرومين ۽ ڏکن کي معمول جيان نظر انداز ڪري پنهنجي پنهنجي دنيا جي بيشمار مصروفيتن ۾ گم ٿي ويندا آهيون ۽ سهارن جون منتظر ڪيتريون ئي اکيون مدتن تائين اسان جي راهن ۾ ديدون وڇائي کليل رهن ٿيون پر اسان مان ڪير به انهن جي سهائتا لاءِ انهن ڏانهن وڌي ناهي ويندو، سچ ته اهو آهي ته هاڻي هن ڌرتي تي ڪنهن پريميڪا يا دوست ڏانهن تحفا موڪلڻ واريون رسمون به مون جهڙن نوجوانن جو مشغلو ناهن رهيون ۽ ڪنهن پريميڪا ۽ دوست جون اکيون به انهن جون منتظر ناهن رهيون ڇو جو جنهن ديس ۾ اٽي تي ئي جنگيون لڳنديون هجن اتي اکيون ڪنهن سرخ گلابن ۾ سجايل تحفن ۽ پريم پترن جون منتظر ناهن هونديون پر اتي اکين کي ڳڀي جي ڳولا هوندي آهي ۽ شايد سنڌ جي ڪروڙين اکين کي اها به خبر ناهي ته جنهن جنگ عظيم جو دنيا جا تجزيه نگار ۽ مڃيل ڏاها اڄ تائين انڪشاف ڪندا اچن پيا اها صوماليه کان پوءِ سنڌ ۾ کائڻ پيئڻ جي شين تي لڳي چڪي آهي، روڊن ۽ بازارن ۾ مردن، عورتن ۽ ٻارن جي قطارن تي لٺين جو وسڪارو اهو ٻڌائي رهيو آهي ته دنيا جي ٽين جنگ عظيم جيڪا کاڌ خوراڪ جي شين تي لڳڻي هئي ان جي شروعات سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن مان ٿي چڪي آهي .....!!!؟؟؟
    جيتوڻيڪ هت اٽي جي نالي تي ماڻهن جي تذليل جو سلسلو هلندڙ آهي ۽ بيشمار ڪراڙن پٺن تي حڪومتي لٺين جا وسڪارا جاري آهن پر پوءِ به اکين اٽي جون راهون نهارڻ بند ناهن ڪيون اهڙي ئي نموني جيتوڻيڪ نئين جنريشن سميت هر هڪ ماڻهو کان احساس ذميواري سميت انسانيت وارا ناتا نڀائڻ واريون عادتون به نڪري چڪيون آهن پر پوءِ به ڪيتريون ئي اکيون ان آس تي سهارن جون منتظر آهن ته ڪٿان نه ڪٿان ڪنهن نه ڪنهن عمر جو ڪو نه ڪو ماڻهو انهن جا اوجاڳا اچي ختم ڪندو، لاڙڪاڻي جي اسپتال ۾ 8 مهينن جو ٻار کاڌ خوراڪ جي گهٽتائي سبب فوت ٿي ويو پر مون کي اها به پڪ آهي ته جتي اهڙن ئي معصوم ٻارن جون اکيون ماني ڳڀي جي راهه تڪي رهيون هونديون اتي انهن جون اکيون ٻن لمحن جي محبت ۽ سهائتا لاءِ ِ به واٽون نهاري رهيون هونديون، اها ڪا نئين خبر ناهي ته روهڙي جي سلميٰ جي جسم تي تيزاب هاري ان جي دل ۾ محبتن خلاف نفرتن جي مهم هلائي محبتن کي رسوا ڪيو ويو پر پوءِ به اڻ ڳڻين ڪنوارين اکين جون ديدون هڪ اهڙي ڪارڊ جون واٽون ڏسي رهيون آهن جنهن ۾ محبتن جا احساس هجن، جنهن ۾ پنهنجائپ جي انتها هجي، جوانو! هن ڌرتي تي اها ڪا نئين حيران ڪندڙ خبر ناهي ته حيدرآباد جو گريجوئيٽ پاس نوجوان پنهنجن ٻن ٻارن ۽ خوبصورت زال سميت پاڻي ۾ کنڊ ملائي سڪل ماني کائي جيون جا پل گهاري رهيو آَهي پر اهڙا واقعا هن ڌرتي تي هر ڏينهن جو رونما ٿيندا آهن پر پوءِ به اسان کي اهو وسارڻ نه گهرجي ته سنڌ جا اهڙا ڪيترائي نوجوان آهن جيڪي ِ دڳن ۾ ان ڪري ئي نيڻن کي وڇايون ويٺا آهن جو انهن کي پئسا ئي نه سهي پر ٻه چار سهارن جا لفظ گهرجن،
    ساٿيو! اها به ڪا اچرج ۾ وجهڻ جهڙي ڳالهه ناهي ته قاضي احمد جي رهواسين مهانگائي ۽ اٽي نه ملڻ خلاف پيٽ سان پٿر ٻڌي احتجاج ڪيو پر اهي قصا هاڻي هن ماڳ جو معمول بڻجي چڪا آهن پر اچرج ۾ وجهندڙ ڳالهه اها ٿيندي جڏهن اسين اهڙن پيٽ سان پٿر ٻڌي احتجاج ڪندڙن جي سار نه لهنداسين، مهربانو! اهو سچ آهي ته هت اسين سڀ پيٽ سان پٿر ٻڌي احتجاج ڪرڻ تي مجبور آهيون پر جيڪڏهن اسين سڀ پنهنجو سهارو پاڻ نه ٿينداسين ته ڀلا ڪير اسان جي سورن جو احساس ڪندو، ڪير اسان کي غمگين ڏسي ڳلي لائيندو، پيارئو ! غمن ۽ سورن جي هن ديس ۽ مند ۾ اسين سڀ ئي هڪ ٻئي جو سهارو ۽ ڀرجهلو ئي ته آهيون، اسين سڀ ئي هڪ ٻئي جا پريمي ۽ پريميڪائون ئي ته آهيون، اسان سڀن جون چاهتون ئي ته هڪ ٻئي لاءِ آهن، اسان سڀ ئي هڪ ٻئي کي سهاري ڏيڻ لاءِ ئي ته ڄميا آهيون، ها سرتيو ! اسين ئي ته هڪ وجود کان ٻي وجود جو سفر آهيون، اسان سان ئي سپنن کان وٺي ساڀيائن تائين جو سفر آهي ۽ اسان مان ئي ته سهارن جا سرسبز ۽ شاداب ٻنيون ٻارا ڦٽندا آهن جن ۾ پنهنجائپ جا گل هوندا آهن جن ۾ احساسن جي خوشبوءِ هوندي آهي۽ جن ۾ سهارن جو اهڙو فصل هوندو آهي جيڪو ڪڏهن به سستي اگهه تي بازاران ۾ ناهي وڪامبو، ها اچو ته سرتيون ۽ دوست گڏجي هڪ اهڙي فصل کي پوکيون جيڪو دنيا جي ڪنهن به منڊي ۾ وڃڻ کان پوءِ صدين جي تهذيب سيني ۾ رکندڙ سنڌ جي سڃاڻپ بڻجي ۽ هيءَ دنيا هڪ وري سنڌ سانئڻ جا گيت ڳائي .........!!؟؟
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. شاهين لطيف ، سنڌي ،

    شاهين لطيف ، سنڌي ،
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 جون 2012
    تحريرون:
    624
    ورتل پسنديدگيون:
    2,490
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپئير اايف ايم 93،3 لاڙڪاڻو
    ماڳ:
    ڳڙهي ياسين& لاڙڪاڻو
    ها اچو ته سرتيون ۽ دوست گڏجي هڪ اهڙي فصل کي پوکيون جيڪو دنيا جي ڪنهن به منڊي ۾ وڃڻ کان پوءِ صدين جي تهذيب سيني ۾ رکندڙ سنڌ جي سڃاڻپ بڻجي ۽ هيءَ دنيا هڪ وري سنڌ سانئڻ جا گيت
    ڳائي ..
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو