ڇا ميڊيا اڄ جي نوجوان کي تباه ڪري ڇڏيو آهي؟ ها ته ڪيئن؟ نه ته ڪيئن؟

'راءِ شماري' فورم ۾ مصور عالم طرفان آندل موضوعَ ‏9 فيبروري 2013۔

  1. مصور عالم

    مصور عالم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    572
    ورتل پسنديدگيون:
    679
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    چيف ايڊيٽر ڪيسوُٻاء مئگزين
    ماڳ:
    مٺي ٿرپارڪر
    دوستو هتي تمام گهڻا علمي ۽ ادبي دماغ سنڌ سلامت تي گڏ ڏسي، سوچيم ڇو نه توهان کان ڪجهه صلاح وٺجي۔
    ان موضوع تي منهنجي چٽاڀيٽي ٿيڻي آ۔ سوچيم اوهان ڪجهه معلومات وٺجي۔۔۔۔۔۔۔
    سڀ دوست ضرور جواب موڪلجو، جيڪي ڪجهه اوهان ڄاڻو ٿا، اسان تائين پهچايو۔۔۔۔۔۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    هر شي جا به پاسا آهن ۔۔جتي ميڊيا معاشرتي سڌاري جو انقلاب آندو آهي اتي پڻ ان جي تباهي جو سبب به بڻيو آهي۔۔ رهيو نوجوان نسل جو مسئلو ته جڏهن ميڊيا ايتري ترقي يافته نه به هئي تڏهن به ڪنهن نه ڪنهن ريت بگڙجندڙ ماڻهو بگڙي رهيو هو۔ اهو سمورو سلسلو تربيت تي دارومدار ڪري ٿو، جن نوجوانن کي جهڙي تربيت ملي آهي اهي اهڙو ئي عمل ڪندا۔ باقي ميڊيا اهڙو رستو آهي جنهن وسيلي ڪير بگڙڻ گهر ته بگڙجي سگهي ٿو، ڪير سڌرڻ گهري ته سڌري سگهي ٿو، اها پنهنجي پنهنجي ذهني اوسر آهي ته ان کي ڪهڙي پاسي کڻي وڃي ٿو۔ جئين هڪ مثال پيش ڪيان ٿو۔۔ اڪثر منهنجي گهر ۾ منهنجا ننڍا ڀائر ڪا به فلم ڏسي رهيا هوندا آهن ته منهنجو بابا سائين انهن کي اچي پڇندو آهي ته توهان جو اها سموري فلم ڏٺي آهي ان فلم مان توهان ڪهڙو سبق حاصل ڪيو؟؟ ڪهڙيون سٺيون شيون ان منجهان حاصل ڪيون؟ يا خالي گانا، جهمريون ڏسي وقت برباد ڪيو اٿو؟۔۔ ان تي ننڍا ڀائر ڪو به جوب ڏئي نه سگهندا آهن۔۔ته بابا سائين چوندو اٿن ته جڏهن ڪجهه سٺو حاصل به نه ڪيو اٿو ته پو بيڪار ۾ ويهي وقت ڇو ٿا وڃايو؟؟
    ان مٿئين مثال مان اوهان کي گهڻو ڪجهه سمجهه اچي ويو هوندو ته ميڊيا جتي بگاڙ جو سبب آهي ته اتي، سوچڻ ۽ سمجهڻ وارن لا بهتري جو سبب پڻ آهي۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اهو ته ازل کان ٿيندو اچي ته هر شيء جا ٻه پاسا ٿين هڪ مثبت ته ٻيو منفي، ڀلا اهو دور ٻڌايو جنهن ۾ ايئن نه ٿئي ؟ ميڊيا تي آيل فحش قسم جي مواد ۽ منفي روين سبب نوجوانن جي ڪردار تي فرق پوي ٿو ۽ هنن جون سرگرميون گهڻيون ناڪاري ٿين ٿيون۔ ان جي برعڪس جڏهن ڪو ميڊيا جي هاڪاري رپورٽن، ڄاڻ واري خبرن کي ڏسي ته اهي نوجوانن ۾ همت، حوصلو پيون پيدا ڪن۔

    هاڻي اهو اسان تي آهي ته اسان هر شيء کي ڪيئن ٿا استعما ڪيون، سڀ ڳالهه استعمال ۽ عمل جي آهي۔ اهو ميڊيا تي به آهي ته اهي پازيٽو شين کي سامهون آڻين ۽ نيگٽو ايپروچ کان پاسيرو ٿين۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. شعيب محمد

    شعيب محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2012
    تحريرون:
    170
    ورتل پسنديدگيون:
    338
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    353
    ڌنڌو:
    ليڪچرار
    ماڳ:
    سکر
    سائين ان ڳاله ۾ ڪو به شڪ ڪونه آهي ته هر ڳاله جا ٻه پاسا ٿيندا آهن مثبت به ۽ منفي به پر اهو ته اسان تي آهي ته اسان ڪهڙي پاسي وڃون ٿا مغرب ۾ جتي ميڊيا وڌ کان وڌ ڄاڻ ڏيڻ ۽ تعليم جو ذريعو آهي ته اهو انهن جي تعليمي ۽ معاشرتي پختگي جو تنيجو آهي اسان جي معاشري ۾ تعليم ۽ ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو فقدان آهي ان جي ڪري هتي نوجوان نسل ميڊيا کي گهڻي قدر تفريح جي لاء ئي استعمال ڪري پئي ان ۾ ميڊيا جو ڪو به قصور ڪو نه آهي ميڊيا ته صرف هڪ ذريعو آهي پر اسان کي مايوس ٿيڻ ڪونه کپي اسان پنهنجي ڪوشش جاري رکون ته جيئن وڌ کان وڌ اسان جا دوست ميڊيا کي سٺن مقصدن لاء ڪتب آڻن
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو