شهدادڪوٽ جي شهزادي

'سنڌياڻي' فورم ۾ واحد سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏9 فيبروري 2013۔

  1. واحد سومرو

    واحد سومرو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 فيبروري 2013
    تحريرون:
    13
    ورتل پسنديدگيون:
    50
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    واٽر اينڊ سيوريج بورڊ ۾ انجنيئر
    ماڳ:
    شهدادڪوٽ..................ڪراچي

    شهدادڪوٽ جي شهزادي
    الطاف شيخ



    پوني ۾ جن اهم اديبن ۽ شاعرن سان مليس وينا شرنگي به انهن مان هڪ آهي. وينا هند توڙي سنڌ جي هڪ مڃيل ليکڪا، سڄاڻ ۽ باڪردار عورت، سماج سڌارڪ ۽ سرحدن جي لڪير جي ٻنهي پاسي وڇڙيل دلين جي ميلاپ لاءِ هڪ پُل طور سڃاتي وڃي ٿي. هُوءَ هڪ ئي وقت شاعره، براڊڪاسٽر، ڪهاڻيڪار، مضمون نويس، مقالانگار ۽ ڪالمسٽ به آهي ته سيلاني ۽ سياح به. سندس ۲۰۰۲ع ۾ ڇپيل ”وايون وڻجارن جون“ نالي يورپ جو سفرنامو، خاص ڪري اسپين جو سفر جتي وينا جا ٻه ڀائر اشوڪ ڪمار ۽ ڪانتيش ڪمار رهن ٿا، پڙهندڙن کي بيحد پسند آيو. وينا جا مختلف سبجيڪٽن تي ڪيترائي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، جن مان ڪجهه هن ريت آهن:
    · ڪيئن وساريان ويڙهيچن (يادگيريون)
    · منهنجي پيشي جا گل و خار (مضمون)
    · پکا ۽ پنهوار ڏٺي مون ڏينهن ٿيا (سنڌ جو سفرنامو)
    · اڌ کليون اکيون (ڪهاڻيون)
    · زندگي هڪ ناٽڪ (سفرنامو)
    · واسنا جو واسينگ (ڪهاڻيون)
    · اجنتا جي مورت (شاعري)
    · ليهه لداخ (سفرنامو)
    · تون ڇپر تون ڇانءَ (مضمون)
    · منهنجا معصوم سڄڻ (مونولاگ)، ۽ ڪجهه ٻيا ڪتاب.
    وينا شرنگي اڙدو ۽ هندي ۾ به لکندي رهي ٿي. سندس ڪيتريون ئي ڪهاڻيون، مضمون ۽ شاعري لاهور جي اڙدو رسالي ماهِه نو ۾ ۽ دهليءَ جي رسالي قومي آواز ۾ ڇپبي رهي ٿي.
    وينا شرنگي ننڍي کنڊ جي ورهاڱي بعد ۱۶ فيبروري ۱۹۴۸ع تي پنهنجي اباڻي ڳوٺ شهدادڪوٽ ۾ مهراج گوپي ڪرشن شرنگيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. پاڻ بنيادي تعليم شهدادڪوٽ مان حاصل ڪيائين ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪيئين ۽ ان بعد ۱۹۷۱ع ڌاري انڊيا لڏي وئي، جتي هن جو چاچو شنڪرلعل ۽ وڏو ڀاءُ اميش چندر رهيا ٿي. پارٽيشن کان اڳهين وينا جو هي ڀاءُ اميش ۽ ٻيو اشوڪ، جيڪو اڄڪلهه اسپين جي گاديءَ واري شهر مئڊرڊ ۾ رهي ٿو، پنهنجي سؤٽ سڀاش سان گڏ ديرادون ۾ پڙهيا ٿي. اميش پهريائين دهلي ميونسپل آفيس ۾ ايڊمنسٽريٽو آفيسر ٿي رهيو ۽ آخر ۾ دهلي جي اسسٽنٽ ڪمشنر جي حيثيت ۾ رٽائرڊ ٿيو. اميش کي ٻه پٽ ڌروو (چارٽرڊ اڪائونٽنٽ) ۽ يڌشتر (MBA) آهن، جيڪي پڻ دهليءَ ۾ رهن ٿا.
    اشوڪ واپس اچي سنڌ يونيورسٽيءَ مان ۱۹۶۱ع ۾ جيولاجي ۾ گريجوئيشن ڪئي ۽ ان بعد ڪوئيٽا ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر جي حيثيت سان ڪجهه سال نوڪري ڪئي ۽ ۱۹۶۴ع ۾ استعيفيٰ ڏئي لنڊن هليو ويو، جتي چارٽرڊ اڪائونٽنٽ جي ڊگري حاصل ڪيائين ۽ ۱۹۷۰ع تائين اتي ئي رهيو پر پوءِ بزنيس سان دلچسپي هجڻ ڪري اسپين هليو ويو، جتي سندس اليڪٽرونڪس جو بزنيس آهي. سندس زال ماريا نالي اسپيني آهي. کين هڪ ٻار سوسنا نالي ڌيءَ آهي. اشوڪ سان وينا شرنگي جو ٽيون ڀاءُ ۽ وينا کان ٻه سال ننڍو ڪانتيش به اسپين ۾ رهي بزنيس ڪري ٿو. ڪانتيش به سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايڪانامڪس ۾ ايم. اي ڪئي ۽ ڪجهه سال پاپوليشن پلاننگ ۾ نوڪري به ڪئي، پر پوءِ ۱۹۷۴ع ۾ استعيفيٰ ڏئي ڀاءُ وٽ اسپين هليو آيو. انهن ئي ڏينهن ۾ منهنجو جهاز اسپين جي بندرگاهه بارسلونا ۾ ۽ جڳ مشهور اسپيني ٻيٽن ڪَناري آئلنڊس (Canary Islands) جي وڏي ٻيٽ ۽ بندرگاهه لاس پاماس ۾ ايندو رهيو ٿي، جتي جو احوال آءٌ پنهنجن شروعاتي سفرنامن ۾ ڪري چڪو آهيان، ته اسپين ۾ سنڌ جا ڪيترائي هندو بزنيس مين رهن ٿا ۽ هُو نه فقط ورهاڱي کان پوءِ هنن پٽن ڏي آيا، پر ان کان به اڌ صدي اڳ آيا، جن جي ستر واري ڏهاڪي ۾ ٽين جنريشن سان منهنجي ملاقات ٿيندي رهي ٿي. کيئناڻي جهڙن واپارين جا ته جبرالٽر ۾ به دڪان هئا، جيڪو پهرين اسپين جي قبضي ۾ هو، پر پوءِ هانگ ڪانگ وانگر هڪ وڏو عرصو انگريزن حوالي رهيو.
    وينا شرنگيءَ جو ڪزن سڀاش، جيڪو وينا جي ڀائرن سان گڏ ننڍپڻ ۾ ديرادون ۾ پڙهندو هو، اهو پوءِ انڊيا ۽ يورپ جي هڪ اهم شخصيت بڻيو. سڀاش انڊيا مان فلسفي ۾ ايم. اي. ڪرڻ بعد جرمن ٻوليءَ ۾ ماسٽرس ڪئي ۽ هو يورپ جي مختلف يونيورسٽين ۽ميڙاڪن ۾ هندو مَت جي فلسفي تي جرمن ۽ فرينچ ٻولين ۾ ليڪچر ڏيندو رهيو. يورپ ۾ رهي هن فرينچ زبان تي به دسترس حاصل ڪري ورتي هئي. انهن زبانن ۾ سڀاش جا ڪتاب به آهن... چون ٿا ته سڀاش جا آخري ڏينهن ڏاڍا ڏکايل گذريا. هن جو هڪ يورپي عورت سان عشق ٿي پيو، جنهن جو انت خير خوشيءَ بدران ناڪامي جي صورت ٿي ۽ سڀاش آهستي آهستي ڊپريشن ۽ تنهائيءَ جو شڪار ٿيندو ويو. کيس پوءِ دهلي وٺي آيا، جتي سال ۲۰۰۲ع ۾ سندس ديهانت ٿيو.
    سڀاش جو پيءُ يعني وينا جو چاچو شنڪر لعل شهدادڪوٽ ۾ ئي رهيو ۽ شهدادڪوٽ جو پهريون وڪيل هو. دراصل شهدادڪوٽ کي ٺاهڻ ۾ وينا شرنگيءَ جي پيءُ مهرا گوپي ڪرشن جو وڏو هٿ آهي. پاڻ شهدادڪوٽ جو پهريون گريجوئيٽ آهي. هن شهدادڪوٽ جي ميونسپالٽيءَ جو بنياد رکيو، جنهن جو پاڻ پهريون صدر ٿيو. سندس جنم به هن ئي شهر ۾ ۱۹۱۰ع ۾ ٿيو ۽ اها گهٽي نمبر ۹۹/۱۸۰۳ اڄ مهراج گوپي ڪرشن محلا جي نالي سان سڏجي ٿي. وينا جي ڏاڏي مهراج رامچند شرنگيءَ کي تعليم جو وڏو اونو هو. هن وينا جي پيءُ کي پرائمري تعليم شهدادڪوٽ مان ڏيارڻ سان گڏ پاڻ گهر ۾ وينا جي پيءُ کي گرمکي ۽ هندي لکڻ پڙهڻ سيکاري ۽ پوءِ کيس ۱۹۳۶ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ موڪليو.
    وينا جي پيءُ مهراج گوپي ڪرشن کي سياسي، سماجي ۽ تعليمي ڪمن سان وڏي دلچسپي هئي. هن مولانا محمد علي جوهر ۽ مولانا شوڪت علي جوهر جهڙن کي شهدادڪوٽ گهرايو. مهراج گوپي ڪرشن، سوڀي گيانچنداڻي سان گڏ Law پڙهيو. ۱۹۶۵ع واري جنگ دوران شيخ اياز، سوڀي گيانچنداڻيءَ سان گڏ ٽيون مهراج گوپي ڪرشن هيو، جيڪو به ٽي مهينا کن سکر جي سينٽرل جيل ۾ رهيو. مهراج جي زندگيءَ ۽ سندس سماجي خدمتن بابت احوال ميونسپل ايمپلائيز يونين لاڙڪاڻي طرفان ”لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو“ ۾ ڏنل آهي. هي ڪتاب ۸۰۰ کن صفحن جو آهي ۽ ۱۹۸۴ع ۾ ڇپيو آهي. ان کان علاوه ”شاداب شهدادڪوٽ“ ڪتاب ۾ به مهراج جي خدمتن جو احوال آهي، جيڪو لاڙڪاڻي جي ايڊيشنل سيشن جج اسلم شيخ جو لکيل آهي. تازو شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور مان سوشالاجي ۾ ايم. اي ڪندڙ شهداڪوٽ جي شيخ جاويد سنڌيءَ به پنهنجي ٿيسز ۾ مهراج گوپي ڪرشن ۽ ان جي فئملي بابت تفصيلي احوال لکيو آهي. ڊاڪٽر شيخ جاويد جي ٿيسز جو عنوان آهي:
    The Social, Administrative and literary services of Maharaj Gopi Krishan for Shahdadkot, Sindh.
    بهرحال ٻيون ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي، پر وينا جي والد مهراج گوپي ڪرشن جي تعليم لاءِ چاهت تعريف جوڳي آهي. اڄ جڏهن جتي ڪٿي ڪاليج يونيورسٽيون آهن ته به ڪيترائي شهرن جا ڇوڪرا به صحيح طرح علم خاطر تعليم نٿا حاصل ڪن. مهراج شهدادڪوٽ ۾ رهي ڪري نه فقط پنهنجن پٽن کي پر نياڻين کي به تعليم جي زيور سان آراسته ڪيو. وينا جي باقي ٻن ڀينرن پروميلا ۽ شاليني به شهدادڪوٽ مان ئي گريجوئيشن ڪئي ۽ اهي ٻئي دهليءَ ۾ پنهنجن مڙسن سان گڏ رهن ٿيون. شهدادڪوٽ ۾ اڄڪلهه وينا جا فقط ٻه ڀائر رميش لعل ۽ راجيندر رهن ٿا. ٻئيLaw جا گريجوئيٽ آهن. راجيندر سان منهنجي هن مضمون لکڻ دوران ڪراچيءَ ۾ ملاقات ٿي. هن ٻڌايو ته هن جي زال سيما انڊيا جي شهر جبلپور جي آهي ۽ کين ٻه ڌيئون واسودا ۽ ڊڪشا آهن. واسودا دهلي يونيورسٽيءَ مان هوٽل مئنيجمينٽ ۾ گريجوئيشن ڪئي ۽ اڄڪلهه دبئيءَ ۾ نوڪري ڪري ٿي، جتي سندس ننڍي ڀيڻ ڊڪشا امريڪن يونيورسٽيءَ مانInterior Decoration ۾ گريجوئيشن ڪري رهي آهي.
    رميش شهدادڪوٽ ۾ زمينداري، بزنيس ۽ وڪالت ڪري ٿو ۽ اتي جي هندو پنچائت جو صدر به آهي. سندس زال ارواشي ۽ راج (راجنيدر) جي زال سيما ٻئي ڀينرون پڻ آهن. رميش کي سدارٿ ۽ ڪپل نالي ٻه پٽ آهن. ڪجهه سال اڳ اغوا جو بدنصيب واقعو رميش جي پٽ ڪپل سان ٿيو هو. هُو ڪراچي جي سٽي اسڪول ۾ پڙهيو ٿي، جتان هن کي ڳوٺ جا ئي ڇوڪرا اغوا ڪري ويا هئا، جن وٽ هُو چار مهينا کن يرغمال رهيو. هن واقعي جو ڏک هندو توڙي مسلمان برادري ۾ هڪجهڙو محسوس ڪيو ويو. ڪپل اڄڪلهه دهليءَ ۾ پڙهي رهيو آهي.
    وينا شرنگيءَ جي ناناڻي آڪهه به پڙهيل ڳڙهيل هئي. سندس ماءُ ستي ديوي ڪراچيءَ جي مشهور جيٽلي فئمليءَ مان هئي. وينا جو مامو واسديو جيٽلي ورهاڱي وقت سکر ۾، ايڊيشنل سيشن جج هو ۽ وڏو مامو چندرسين جيٽلي ڪراچيءَ جي سياست ۾ تمام گهڻو active رهيو. سندس ڪلاس ميٽ مشهور تعليمدان بي. ڪي. شيخ (جيڪو هندوءَ مان مسلمان ٿيو هو) پڻ هوندو هو. يوسف هارون، محمود هارون، حاتم علوي ۽ گبول صاحب سندس سياسي ساٿي هئي. ڪراچيءَ جي اولڊ ٽائون جي هڪ گهٽي ’گنگاڌر لين‘، وينا شرنگيءَ جي پڙ ناني (يعني سندس ناني سهج رام جيٽلي جي پتا) جي نالي سان اڄ تائين قائم آهي.
    وينا شرنگيءَ جي ماءُ ستي ديويءَ نه فقط گهر جي ڪمن ڪارين کي منهن ڏنو ۽ ٻارن کي پڙهايو، پر لوڪل سياست ۾ به حصو ورتو. پاڻ عورتن جي حقن ۽ ملڪ جي آزاديءَ لاءِ جاکوڙيندڙ عورتن جي تحريڪ ’ناري منڊلي‘ جي هيڊ هئي ۽ سماجي ۽ سياسي مسئلن جي حل ڪرڻ ۾ حصو ورتو ٿي. پاڻ انگريزن جي خلاف تحريڪ Quit India (انڊيا ڇڏيو) واري تحريڪ ۾ به ڀرپور حصو ورتو. سمجهو ته ستي ديوي پنهنجي وقت جي ٻي عطيه دائود، امر سنڌو يا عرفانا ملاح هئي
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. مصور عالم

    مصور عالم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    572
    ورتل پسنديدگيون:
    679
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    چيف ايڊيٽر ڪيسوُٻاء مئگزين
    ماڳ:
    مٺي ٿرپارڪر

هن صفحي کي مشهور ڪريو