ٻول : منهنجا يار مٺا ...

'ٻول' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏11 فيبروري 2013۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ



    ساجن تنهنجي سڪ ۾ مان ته سڪان سارو ڏينهن،
    محبـــــت آهي مينهن، جيڪا روز وهايان نيڻـن مان.

    سڪ ســـــڃڻ ۽ ســــــــــور، ٽيـــــــئي اکر هـــــــڪڙا،
    اهو مڙوئي ڪوڙ، جــــي سڪ هجي ۽ سڄڻ نه ملي.

    منهـنجا يار مٺــا!، مونــکان ٿي نه پـــــري،
    منهنجي توکان سوا، گهڙي ڪانه سري،

    مونکي ڪهڙي خبر، ائين ٿيندو آ،
    ســـڄو ساهه سڄــــــــڻ ۾ هوندو آ،
    غــــم ايندو آ، لـــــهي وينـــــــدو آ،
    پر هــــــت ته رڳـــــو ٿي باهــه ٻري.

    جنهن ڏينهن ڏسڻ کان ٿيو آ جدا،
    رڳو جهــــوري آ، هڪ ڄاڻي خدا،
    پنهنــــجي جان ڪريان توتان فدا،
    ان ڳڻـــــتيءَ ۾ منهنجو انـدر ڳري.

    يا خـــــــدا! تـــــون ته جهــــان به پئــــــــــدا نـــه ڪــرين هـــــان،
    جي جهان به پئدا ڪيئـــي ته موت پئــــدا نـه ڪــرين هـــــان،
    جي مــــــوت به پئدا ڪيئـــــي ته دوزخ پئدا نه ڪرين هـــــان،
    جي دوزخ به پئــــــد اڪئيــــــي ته محبــت پئدا نه ڪرين هان،
    جي محبت به پئــــــدا ڪيئي ته مونــــکي پئدا نه ڪــرين هان،
    جي مونکي به پئدا ڪيئي ته منهنجو جاني پئدا نه ڪرين هان،
    جي جانــي به پئـــــدا ڪيئـــــي ته مونــکان جدا نه ڪرين هان.

    توســــان يار وئي منهنجـــــي دلــــــــڙي اڙي،
    گهاري ڪانه سگهان، مان هڪڙي گهڙي،
    تنهنـــــجي ســــــورن ۾ پئــــي جــــان ڳري،
    مل يـــــار، اچـــــــي اڄ پيــــــــــر ڀــــــــــري.

    غريب آهيان، وطن کان ڏور آهيــان،
    ڀلائـــــڻ ســـــان به نٿــــــو ڀلجــــــان،
    يار مان ماڻهون ڪو عجيب آهيان.




     
    16 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    هل ڙي لڳي ٿو باهه سوائي لڳي پئي آهي۔

    تمام خوبصورت غزل منهنجي پسند صنم ماروي جي آواز ان کي وڌيڪ خوبصورت بڻائي ڇڏيو ۔۔۔۔۔۔
    لاجواب
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    سائين ابڙا صاحب واهه جو ونڊ ڪئي اٿو۔ بس ٻڌڻ سان سرور اچي ويو۔جهڙي سهڻي شاعري اهڙو مٺو واري آواز۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    سائين لڳي ٿو هن ڀيري ڳالهه ڪُجهه گهڻي آهي۔ محبت جيئن پوءِ تيئن وڌ جو مثال اوهان کان وڌيڪ ٻيو ڪري هوندو۔ شل سُکيا هُجو۔ ۽ قربتون قائم رهن
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جنهن ڏينهن ڏسڻ کان ٿيو آ جدا،
    رڳو جهــــوري آ، هڪ ڄاڻي خدا،
    پنهنــــجي جان ڪريان توتان فدا،
    ان ڳڻـــــتيءَ ۾ منهنجو انـدر ڳري


    جهڙي شاعري، اهڙي ئي خوبصورت ڌن ۽ صنم ماروي جو مڌر آواز ۔۔۔ لڳي ٿو ڪم اڳتي وڌي ويو آهي ۽ رمضان کان اڳ ئي واپسي ٿيندي۔ اسان جون اوهان لاء دعائون۔
     
    عبيد ٿھيم، عرس پريو ۽ (deleted member) هيء پسند ڪيو آهي.
  6. sanaullah solangi

    sanaullah solangi
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 آڪٽوبر 2013
    تحريرون:
    31
    ورتل پسنديدگيون:
    34
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Los Angeles, California
    beautiful thank youTeaching my heart thanks bro
     
    عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي.
  7. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    سنڌسلامت جي “هڪجهڙا موضوع” واري ايڊآن جو ڪمال آ نه ته مُون هِن ڪلام کي ٻيهر ڪمپوز پئي ڪيو.

    سائين نثار 2013 ۾ اهو ڪمپوز ڪيو.. :) وڏي ڳالھ .. ڇاندار، جبردست، جنداباد.
     
    سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو