اڄوڪو ڏينهن 14 فيبروري تاريخ جي دريءَ مان

'فيبروري' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏14 فيبروري 2013۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    اڄوڪي ڏينهن 14 فيبروري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

    جنم ڏينهن:

    14 فيبروري 1483ع مغل بادشاهه ظهيرالدين بابر جي پيدائش ٿي.
    14 فيبروري 1886ع تي هالا سان تعلق رکندڙ بزرگ شاعر مخدوم غلام محمد ”مگهمم“ جنم ورتو۔
    14 فيبروري 1908ع تي سياستدان جعفر خان جمالي جنم ورتو۔
    14 فيبروري 1924ع تي ليکڪ قاضي غلام محمد قريشي (هالا) جنم ورتو۔
    14 فيبروري 1925ع گلوڪار رامچند نارو ڀڳت (لاڙڪاڻو / اجمير) جو جنم ڏينهن آهي۔
    14 فيبروري 1930ع صحافي سک لال پنجواڻي جو جنم ڏينهن آهي۔
    14 فيبروري 1933ع باليووڊ اداڪاره مڌو بالا جو جنم ڏينهن آهي۔
    14 فيبروري 1946ع تي سياستدان محمد خان گوپانگ (حيات گوپانگ) جنم ورتو۔
    14 فيبروري 1947ع تي رتوديرو سان تعلق رکندڙ شاعر سيد غضنفر راجه جنم ورتو۔
    14 فيبروري 1957ع تي ليکڪ مقبول احمد مارو جنم ورتو۔
    14 فيبروري 1960ع صحافي غلام مصطفى لاشاري (گاجي کهاوڙ) جو جنم ڏينهن آهي۔
    14 فيبروري 1961ع دادو سان واسطو رکندڙ ليکڪ اعظم چنڪو جنم ورتو۔
    14 فيبروري 1981ع ليکڪ اعجاز مهيسر جو جنم ڏينهن آهي۔

    وڇوڙو:

    14 فيبروري 1873ع صوفي درويش بيدل فقير وفات ڪئي .
    14 فيبروري 1934ع تي آزادي واري تحريڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ سياسي ليڊر ولي محمد حسن علي آفندي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو.
    14 فيبروري 1997ع ناليواري راڳي استاد محمد يوسف جو انتقال ٿيو.
    14 فيبروري 2005ع لبناني صدر رفيق الحريري بيروت ۾ هڪ بم ڌماڪي ۾ 22 ماڻهن سميت قتل ٿي ويو.
    14 فيبروري 2015ع شاعر ۽ ليکڪ قاضي مقصود گُل لاڏاڻو ڪري ويو.

    حواله:​

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
    روزانه ڪاوش
    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
    وڪيپيڊيا
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏22 فيبروري 2015
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    ماشا الله بهترين ڄاڻ

    لڳي ٿو هن موضوع جو ٽريڪ تبديل ٿي ويو آهي، سٺو ادا
     
  3. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ادا ٽريڪ ساڳيو آهي۔ بس عارضي طور ٿورو ٿاٻو آيو آهي۔
     
  4. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    خيال ڪري هل ٿاٻڙجندي متان ڪو ڌڪ نه لڳي پوئي
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    سيد حاڪم علي شاهه بخاري :

    سيد حاڪم علي شاهه بخاري، سنڌ جو ناليوارو محقق، تاريخدان ۽ آرڪيالاجسٽ، 15 فيبروري 1938ع تي ڳوٺ غلام چانڊيي تعلقي دادوءَ ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو سيد حاجن شاهه هو. مائٽن پهرين سندس نالو سيد علي اڪبر شاهه رکيو. پر اسڪول ۾ ويهارڻ وقت سندس نالو حاڪم علي شاهه رکيو ويو. ابتدائي تعليم غلام چانڊيي اسڪول مان حاصل ڪري 1950ع ۾ سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪيائين ۽ ساڳئي سال انگريزي تعليم لاءِ گورنمينٽ هاءِ اسڪول دادوءَ ۾ داخلا ورتائين، جتان 1957ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ميٽرڪ پاس ڪيائين. انهيءَ سال ڊرائنگ جو انٽر ميڊيٽ امتحان پاس ڪيائين ۽ ڊپٽي ڪمشنر دادوءَ جي دفتر ۾ ڪلارڪي مليس. 1962ع ۾ روينيو کاتي جي نوڪري ڇڏي ڏنائين ۽ 1964ع ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل هاءِ اسڪول جوهيءَ ۾ استاد مقرر ٿيو. ان وچ ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ وارن کيس اسڪالرشپ ڏئي پشاور يونيورسٽيءَ مان آرڪيالاجيءَ ۾ پوسٽ گريجوئيٽ ٿيڻ لاءِ منتخب ڪيو. سال 1968ع ۾ پشاور يونيورسٽيءَ مان آرڪيالاجيءَ ۾ ايم. اي پهرين پوزيشن سان پاس ڪيائين. سنڌ يونيورسٽيءَ وارن کيس نوڪري ڏيڻ کان انڪار ڪيو. ان ڪري آرڪيالاجي کاتي ۾ ملازمت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪيائين، جنهن جي نتيجي ۾ 1969ع ۾ سندس مقرري بحيثيت ’گيلري اسسٽنٽ‘ موهن جي دڙي تي ٿي. اهڙيءَ طرح آثار قديمه کاتي ۾ 29 سال ملازمت ڪري، 14 فيبروري 1998ع ۾ اوڻويهين گريڊ ۾ رٽائر ٿيو.

    سيد حاڪم علي شاهه کي ملازمت دوران مختلف وقتن تي اٽلي، جاپان ۽ برطانيه وڃڻ ۽ ڪجهه سکڻ جو موقعو مليو، کيس سنڌ، پنجاب، سرحد ۽ بلوچستان ۾ سير سفر ۽ تحقيق ڪرڻ جا انيڪ موقعا مليا. هن کي تعليم تربيت ۽ اضافي ڪورسن جي سلسلي ۾ درجن کان وڌيڪ اوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ مليا. بخاري صاحب کي ننڍپڻ کان ئي راڳ رنگ ۽ عوامي ڪچهرين سان دلچسپي هئي. راڳ جي علم کان پڻ واقف آهي ۽ گڏوگڏ فنونِ لطيفه سان به وابسته رهيو آهي. پاڻ ڪيترن ئي ڊرامن ۾ به ڪم ڪيو اٿس ۽ هن ڪجهه ڊراما پڻ لکيا آهن. ناميارو عوامي شاعر استاد بخاري سندس وڏو ڀاءُ هو.

    حاڪم علي شاهه آرڪيالاجي کاتي ۾ نوڪريءَ دوران هيٺين ماڳن تي کوٽائي ڪئي:

    1. اندان (Andan) سرحد صوبو، سال 681967ع

    2. پيرڪ (Pirak) بلوچستان صوبو، سال 701969

    3. هڪ مهيني لاءِ ڏاکڻين سنڌ جي ماڳن جي پڙتال، 1973ع

    4. جهڪر (Jhukar) جو دڙو (سنڌ)، سال 1973ع

    5. پيرڪ (Pirak) بلوچستان (ٻيءَ مند ۾)، 741973ع

    6. ذاتي طور سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ قديم ماڳن جي پڙتال.

    ان کان سواءِ سيد حاڪم علي شاهه ڪيترا تربيتي ڪورس به ڪيا آهن، جهڙوڪ:

    1. ”مهين جي دڙي جي ڀتين جو بچاءُ“ هڪ هفتي جو ڪورس، جيڪو يونيسڪو طرفان 1976ع ۾ ڪيائين.

    2. سيانو، اٽليءَ ۾ ٻن مهينن جو اطالوي ٻولي سکڻ جو ڪورس، ڊسمبر 1982ع کان جنوري 1983ع تائين.

    3. فلورنس اٽليءَ ۾، ”تاريخي عمارتن جي ٻيهر بحاليءَ“ جو ڪورس

    (5 مهينا)، 1984ع.

    4. ”ثقافتي ورثي جو بچاءُ“ جي عنوان سان ڏهن ڏينهن جو نيشنل ميوزيم ۾ يونيسڪو طرفان 1984ع ۾ ٿيل ورڪشاپ ۽ سيمينار (سرٽيفڪيٽ).

    5. ٻن هفتن لاءِ جپاني ميوزمن جو دورو، 1985ع.

    6. آفيسرن لاءِ سيڪيورٽي جوڪورس، اسلام آباد 1985ع. وغيره.

    7. ڏهن ڏينهن جو ”ثقافتي ورثي جي درستحاليءَ“ جي تربيت جو ايڊوانس ڪورس، 22 سيپٽمبر کان 5 ڊسمبر 1989ع، لاهور (سرٽيفڪيٽ)

    ان کان سواءِ بخاري صاحب هيٺين علمي ۽ سماجي عهدن تي ذميواريون نڀائي رهيو آهي:

    چيئرمين شهباز ايجوڪيشنل سوسائٽي، صدر دادو آرٽس ڪلب، استاد بخاري اڪيڊمي دادوءَ جو فائونڊر ميمبر، دادو شهري اتحاد جو ميمبر، لال شهباز ڪمپيوٽر اڪيڊمي دادوءَ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرس جو ميمبر، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي بورڊ آف گورنرس جو 2006ع کان ميمبر (اڄ تائين)، سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جي بيورو آف ٽرانسليشن ۽ پبليڪيشنز جي پينل جو ميمبر، بلاول انسٽيٽيوٽ آف هسٽاريڪل ريسرچ نوابشاهه جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر.

    سندس هيٺيون تصنيفون آهن: (1) Khirthar (English) ENI Pakistan Islamabad as Coauthor، (2) سنگيت سنسار (فرهنگ موسيقي شريڪ ليکڪ)، (3) سنڌ جي قديم آثارن جي ڊڪشنري (سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، 2008 شريڪ ليکڪ)، (4) آپ بيتيجگ بيتي (محمد حسين پنهور جي سوانح جو انگريزيءَ مان ترجمو)، (6) Kalhora Period Architecture

    (7) Sindh Archives 2006 Author.، (8) ڏيهي پرڏيهي ساز (شريڪ ليکڪ، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو)، (9) تعميرات جي لغت (شريڪ ليکڪ، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران ڇپائيءَ هيٺ)

    حاڪم علي شاهه بخاري هن وقت به تحقيق جي حوالي سان مختلف ماڳن جا دورا ڪندو رهي ٿو. کيس تازو سنڌ آرڪائيوز کاتي پاران حيدرآباد آفيس ۾ ’آرڪيالاجي شعبي‘ جو پروجيڪٽ ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو آهي. سندس مستقل رهائش دادوءَ جي ’غريب آباد‘ محلي ۾ آهي.

    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي ٿورن سان
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو