اڄوڪو ڏينهن 16 فيبروري، تاريخ جي دري مان

'فيبروري' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏16 فيبروري 2013۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    اڄوڪي ڏينهن 16 فيبروري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

    جنم ڏينهن:

    16 فيبروري 1916ع تعليمي ماهر غلام رضا ڀٽو پيدا ٿيو.
    16 فيبروري 1920ع صحافي ۽ ايڊيٽر محمد عظيم مهر جو جنم ڏينهن آهي.
    16 فيبروري 1929ع موسيقار، گلوڪار ۽ شاعر ڪشنچند ”غافل“ (سکر / مدراس) جو جنم ڏينهن آهي.
    16 فيبروري 1929ع شاعر مرزا سلطان بيگ (حيدرآباد) جو جنم ڏينهن آهي.
    16 فيبروري 1934ع صحافي ۽ شاعر پروانو ڀٽي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    16 فيبروري 1934ع سگھڙ حسين بخش شر جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    16 فيبروري 1938ع شاعر قادر بخش ”قلندر“ جو جنم ڏينهن آهي.
    16 فيبروري 1941ع شاعر ”نواز“ عباسي جو جنم ڏينهن آهي.
    16 فيبروري 1948ع ليکڪ دوست علي ڀٽي جو جنم ڏينهن آهي.
    16 فيبروري 1948ع ليکڪ ۽ ريڊيو انائونسر وينا شرنگي (شهدادڪوٽ / دهلي) جو جنم ڏينهن آهي.
    16 فيبروري 1955ع اداڪاره راجني تيجاني (احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي.
    16 فيبروري 1984ع شاعر آسي بدر چنا جو جنم ڏينهن آهي.


    وڇوڙو:

    16 فيبروري 1914ع بزرگ پير هدايت الله شاهه راشدي لاڏاڻو ڪري ويو.
    16 فيبروري 1928ع فريڊم فائيٽر هرچند راءِ وشنداس ديهانت ڪري ويو.
    16 فيبروري 1938ع سياستدان ڀوڄ سنگهه پهلاجاڻي (سکر) ديهانت ڪري ويو.
    16 فيبروري 1965ع شاعر نور محمد شاهه ”نورل“ وفات ڪري ويو.
    16 فيبروري 1966ع صوفي شاعر سنت رگهومل چوهڙ مل ديهانت گذاري ويو.
    16 فيبروري 1988ع ناليوارو صحافي ۽ ليکڪ رشيد ڀٽي (سکر) لاڏاڻو ڪري ويو.
    16 فيبروري 1997ع جوهي سان تعلق رکندڙ شاعر راهي چنا گذاري ويو.
    16 فيبروري 2016ع ناميارو اديب ۽ سنڌي انسائيڪلوپيڊيا جو باني پروفسر فتح الله صديقي لاڏاڻو ڪري ويو.

    _______

    اڄوڪي ڏينهن 16 فيبروري جا ڪجهه اهم واقعا

    [​IMG]
    حواله:

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

    روزانه ڪاوش

    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

    وڪيپيڊيا

    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    _______
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏16 فيبروري 2014
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. شاهين لطيف ، سنڌي ،

    شاهين لطيف ، سنڌي ،
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 جون 2012
    تحريرون:
    624
    ورتل پسنديدگيون:
    2,490
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپئير اايف ايم 93،3 لاڙڪاڻو
    ماڳ:
    ڳڙهي ياسين& لاڙڪاڻو
    ڀلي ڳاله ڀلو ونڊ
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    غلام رضاڀٽو:


    مشهور استاد ۽ تعليم دان غلام رضا ڀٽو، 16 فيبروري 1916ع تي هالا شهر ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو نواز علي ڀٽو هو. پاڻ پاڪستان ٺهڻ کان اڳ تعليم کاتي ۾ ملازم ٿيو ۽ مختصر وقت لاءِ 23 جولاءِ 1935ع کان اينگلو ورنيڪيولر اسڪول هالا ۾ نائب ماستر جي حيثيت سان پنهنجو علمي ڪردار شروع ڪيائين. ملازمت سان گڏوگڏ اعليٰ تعليم به حاصل ڪندو رهيو. مسلم يونيورسٽي علي ڳڙهه مان بي. اي ۽ حڪومت سنڌ جي تربيتي اداري مان ايس. ٽي. سي جو سرٽيفڪيٽ حاصل ڪيائين. هڪ اپريل 1946ع ۾ کيس ترقي ڏئي ميونسپل هاءِ اسڪول هالا جو هيڊ ماستر مقرر ڪيو ويو. غلام رضا ڀُٽي کي ريڊ ڪراس تحريڪ ۾ خدمتون سر انجام ڏيڻ تي حڪومت مغربي پاڪستان جي طرفان، پنج فرسٽ ڪلاس ۽ ٻه سيڪنڊ ڪلاس سَندون پڻ عطا ٿيون.

    هن عالم شخص هڪ انگريزي ڪتاب جو ”اقتصادي انصاف“ جي عنوان سان ترجمو ڪيو هو، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايو ويو. هُن جي علامه آءِ.آءِ. قاضيءَ سان به ڪافي ويجهڙائپ هئي. وفات کان اڳ قاضي صاحب هڪ اهم خط غلام رضا ڀُٽي کي لکيو هو، جنهن جي تاريخي حيثيت آهي، اهو خط علي احمد بروهيءَ وٽ محفوظ هو. غلام رضا ڀٽو 21 اپريل 1986ع تي لاڏاڻو ڪري ويو. سندس فرزند نواز علي ڀٽو سنڌ يونيورسٽيءَ جو رجسٽرار رهيو جيڪو هاڻ رٽائرڊ آهي، ۽ ٻيا فرزند ڊاڪٽر انور ڀٽو، رياض ڀٽو ۽ ساجد ڀٽو مختلف شعبن سان لاڳاپيل آهن.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو