برائوزر ڊيولپمينٽ طرف سنڌ سلامت جي اضافي وک... حاضر آهي گوگل ڪروم برائوزر جو پهريون سنڌي ٿيم..

'سنڌ سلامت پروجيڪٽ' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏19 فيبروري 2013۔

?

توهان کي سنڌ سلامت طرفان پهريون ”سنڌسلامت ڪروم ٿيم“ ڪيئن لڳو...؟

  1. شاندار

    46 ووٽ
    97.9%
  2. بهتر

    1 ووٽ
    2.1%
  3. مناسب

    0 ووٽ
    0.0%
  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    سنڌ سلامت هميشه ڪوشش ۾ رڌل رهي آهي ته سنڌي ٻولي، سنڌي ثقافت ۽ سنڌيت جي پرچارڪ کي ٽيڪنالجي جي بهتر استعمال سان عام ڪجي۔۔ ان سلسلي ۾ انٽرنيٽ استعمال ڪندڙن جي سوچ، دلچسپي ۽ لاڙي کي نظر ۾ رکندي مختلف پروجيڪٽس کي لانچ ڪيو ويندو رهيو آهي۔۔۔
    ان سلسلي کي اڳتي وڌائيندي هن دفعي سنڌ سلامت جي سالگره 15 اپريل کان اڳ ئي هڪ نئين ۽ منفرد پروجيڪٽ ”برائوزرس ڊيولپمنيٽ“ طرف وک کڻڻ جي خيال کي عمل ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۔۔۔
    ٿيم گوگل ڪروم پنهنجي کوڙ سارين خوبين جهڙوڪ بلٽ ان فليش پليئر، بلٽ ان پي ڊي ايف ريڊر، تيز رفتاري، بهترين پرائيوسي، سينچورائيز ۽ بهترين نيٽ سرچنگ ٽولز شامل هجڻ سان گڏو گڏ گوگل ذريعي لاگ ان ٿي پنهنجا بوڪ مارڪس، برائوزر سيٽنگس ۽ انسٽال ٿيل ايڪسٽينشنس کي ضايع ٿيڻ کان بچائي پڻ سگهجي ٿو۔۔۔ پنهنجي انهن قيمتي سيٽنگس کي ڪنهن به وقت ڪنهن به ڪمپيوٽر جي ڪروم برائوزر تي اپلائي پڻ ڪري سگهجي ٿو۔۔۔ اهو ئي سبب آهي جو هي برائوزر انٽرنيٽ استعمال ڪندڙن جو پسنديده برائوزر آهي۔۔
    گوگل ڪروم جي خوبين ۽ استعمال ڪندڙن جي پسند کي نظر ۾ رکندي سنڌ سلامت طرفان پهريون سنڌي ٿيم پڻ هن برائوزر لاءِ تيار ڪرڻ جو سوچيو ويو ۽ ڏسندي ڏسندي ڪجهه ڏينهن جي محنتن رنگ لاتو ۔۔۔۔ ته پوءِ حاضر آهي سنڌي ثقافت کي خوبصورت رنگن سان متعارف ڪرائندڙ پهريون سنڌي ڪروم ٿيم۔۔۔
    سنڌ سلامت ڪروم ٿيم
    [​IMG]
    • هن ٿيم ۾ هوئن ته گهڻن ۽ گهرن رنگن بجاء صرف ٽن رنگن سان چٽڪاري ڪئي وئي آهي پر سنڌ سلامت جي موجوده اسٽائيل کي سامهون رکندي سائي رنگ کي بهترين مزاج ۾ آندو ويو آهي۔۔۔
    • پهرين ٿيم ۾ سنڌي ماڳ ۽ مڪانن کي فوڪس ڪيو ويو آهي۔۔۔ ۽ اهو ئي مقصد سامهون رکيو ويو آهي ۔۔ پر تصويرن کي امبينڊ ڪندي ان ڳالهه جو خاص خيال رکيو ويو آهي ته ٿيم جي سائيز ۾ ڪنهن قسم جو غير معمولي اضافو نه ٿئي۔۔۔
    • سنڌ سلامت ڪروم ٿيم هوئن ته ڪروم جي پراڻن ورشنس تي پڻ ڪم ڪري رهيو آهي پر گوگل ڪروم جي جديد ورشن تي هن ٿيم جو نظارو انتهائي شاندار آهي۔۔۔
    • سنڌسلامت ڪروم ٿيم هوئن ته گهٽ ريزوليشن تي پڻ بهتر نظارو ڏيکاري ٿو پر جيتري بهتر ريزوليشن هوندي نظارو بهتر ٿيندو ويندو .. جڏهن ته 1680x1050 جي ريزوليشن تي هي وڌيڪ بهتر ۽ مڪمل طور فٽ نظر اچي ٿو۔۔
    • سنڌ سلامت ڪروم ٿيم جو هي 0۔1 ورجن آهي۔۔ ڪنهن غلطيء يا چڪ هجڻ جي صورت ۾ آگاهي ڏيندي ته جئين هن ورجن کي بهتر بڻائيندي اپڊيٽ ڪيو وڃي۔۔۔
    • سنڌي تاريخ جي پهرين گوگل ڪروم سنڌي ٿيم کي ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ گوگل اسٽور جي هن لنڪ جو ڦيرو ڀريو۔۔۔
    • سنڌ سلامت گوگل ڪروم ٿيم ٺاهڻ ۾ منهنجي مدد ڪندڙ محترم عمران درويش سومرو ۽ محترم رنجيت جو آ انتهائي مشڪور آهيان جن هر دفعي وانگر هن دفعي پڻ پنهنجو مڪمل تعاون پيش ڪيو۔۔۔
    اميد ته سنڌ سلامت طرفان پنهنجي سالگره کان اڳ جو تحفو سمجهندي هن سنڌي ثقافت کي اجاگر ڪندڙ ٿيم کي قبول ۽ پسند ڪيو ويندو ۔۔۔ توهان جا رايا، تبصرا ۽ خيال اسان جا حوصلا وڌائيندا ۽ ڪم کي وڌيڪ بهتر بنائڻ ۾ پڻ مددگار ثابت ٿيندا۔۔ ان ڪري جاري رکندا۔۔۔
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    شاندار انتهائي محنت طلب ڪم ٿيل آهي توهان سميت درويش ۽ رنجيت کي کوڙ ساتريون مبارڪون

    مان ان ٿيم کي گوگل ڪروم ۾ ايڊڪري ڇڏيو آهي

    بهترين ٿيم آهي ادا


    سنڌ سلامت فورم جي پڻ تما م دوستن کي مبارڪون هجن

    سدائين گڏ
     
  3. عتيق الرحمان

    عتيق الرحمان
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    361
    ورتل پسنديدگيون:
    1,270
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    سدائين امر رهندڙ هي ڪردار جيڪي بيلوث پنهجي وطن ۽ ٻولي جي خدمت ۾ پيش پيش آهن ،جس لهڻو منهجا ڀائرو اوهان جي محنت ۽ ڪاوش تا حيات قائم رهندي ،الله پاڪ اوهان جي مان شان ۾ واڌارو ڪري،اوهان سدا حيات آهيو،اوهان کي هن ناچيز پاران واڌايون هجن ،
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    سنڌ سلامت جو مهندار دوست رشيد سمون، هڪ ٻه ڏينهن اڳ ٽيم ويور ذريعي منهنجي ليپ ٽاپ ۾ گهڙي ويو ۽ مونکي ٻڌائڻ کان بنا ئي هي گوگل ڪروم ٿيم انسٽال ڪري ڇڏيائين ...

    منهنجي جڏهن ان ٿيم تي نظر پئي ته دل باغ بهار ٿي وئي ۽ مون رشيد جي محنت ۽ سندس مدد ڪندڙ ساٿين جي خدمتن کي داد ڏيڻ کان رهجي نه سگهيس ...

    ليپ ٽاپ تي هر هر گوگل ڪروم تي سنڌ سلامت ٿيم کولي ويٺي ڏٺم ۽ جيئن جيئن ڏسان تيئن تيئن سنڌ جا سهڻا رنگ ذهن ۾ تري ٿي آيا ...

    سنڌ سلامت انٽرنيٽ جي دنيا ۾ سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ۾ ڏينهن و رات جيڪي ڪاوشون ڪري رهي آهي سي ساراه جوڳيون آهن، انهن ڪاوشن سبب سنڌ سلامت انٽرنيٽ جي دنيا ۾ سنڌي ٻوليءَ جي سڀ کان وڏي اوطاق ٿي اڀري آئي آهي.

    مان پنهنجن سنڌ سلامت جي سڀني ساٿين ۽ رڪنن کي سندن محنتن تي واڌايون ڏيان ٿو .... ۽ ها آسمان اسانجي منزل آهي، سنڌي ٻوليء جو عروج اسانجو مقصد ...

    سنڌ ۽ سنڌيت جو بول بالا هجي
    سنڌ سلامت هميشه قائم هجي
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تمام سٺو ڪم ۔۔۔۔۔۔ رشيد جي اهائي خوبي آهي جو پنهنجي منهن ڪم ڪري اسان کي تڏهن ٻڌائيندو آهي جڏهن اهو صفا تيار ٿي ويندو آهي۔ سنڌ جي آثارن سان سجايل سهڻو ۽ دل کي ڇهندڙ ٿيم ۔۔۔ درويش ۽ رنجيت کي به واڌايون ۔۔۔۔

    [​IMG]
     
    11 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    تمام سٺي ڪوشش آ۔۔۔۔ برائوزر ۾بلڪل نواڻ ۽ پنهنجائپ اچي وئي آ۔۔۔:)
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. شاهين لطيف ، سنڌي ،

    شاهين لطيف ، سنڌي ،
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 جون 2012
    تحريرون:
    624
    ورتل پسنديدگيون:
    2,490
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپئير اايف ايم 93،3 لاڙڪاڻو
    ماڳ:
    ڳڙهي ياسين& لاڙڪاڻو
    سنڌ سلامت ،،،،،،،،،،،،،،
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ننڍي هوندي گهڻو ڪُجهه پڙهيو هو پر انهي مان عمل ٿورن ڳالهين تي ڪيو۔ تنهن مان هڪ هئي سوير سُمهه سوير اُٿ۔ پر ڪڏهن ڪنهن رستو ڀليل پکي جيان نيٽ جي آسمان تي جهوتون هڻندي ڦيرا کائيندي دير ٿي وڃي ٿي ته ذيشان رشيد ضرور ملي ويندو آهي فيس بُڪ تي۔ ۽ پوءِ جڏهن کائنس پُڇ ته ڇا پيا ڪريو؟ ته سندس هڪ ئي جواب هوندو آهي ۽ منهنجون سدائين جيان سؤ حيرتون۔ حيرتون اهي ته آخر هي به ته انسان آهي۔ ڪڏهن ته ايئن به چوي ته اڄ ٿڪي پيو آهيان۔ آرام ڪبو، ڪڏهن ايئن چوي ته ٻچڙن ۽ ٻچڙن واري جي ياد پئي ستائي ۽ ڪم نه ٿو پُڄي، ڪڏهن ايئن چوي ته بس ايئن ئي نيٽ گردي ۽ چيٽنگ پئي هلي۔ ۔ ۔ ۔ پر نه اهو رشيد ئي ڪهڙو جيڪو ائين چوي۔
    رشيد جو سدائين هڪ ئي جواب جيڪو پهريان تجويز ڪري ٻڌايل پروجيڪٽس جو تسلسل هُجي ٿو۔ ۔ ۔ ”فلاڻي پروجيڪٽ جي ڳالهه ڪئي هئم نه؟ انهي تي ڪم پيو هلي۔ ۔ ۔بس اجهو پورو ڪيم۔ ۔ رڳو هي مسئلو حل ٿئي۔“

    هن پروجيڪٽ بابت جيتوڻيڪ هُن کان وڌيڪ ڪير ڄاڻندو هوندو پر پهريون دفعو ٻڌايائين ته سمجهه ۾ نه آيو ته اهو اهم ڇو آهي؟ پر جڏهن ڪري ٻڌايائين ته خبر پئي ته برائوزرس ۾ سنڌي ٿيم جو پهريون قدم آهي ۽ پهريون قدم سفر جي آغاز جي نشاني آهي۔ هلڻ کان پوءِ منزل ته دير سوير ملڻي ئي آهي نه؟ سنڌي ٻولي جي ٿيل ڪمن ۾ هي رهيل هو جنهن جي پهرين وِک رشيد کنئي آهي۔

    توڙي جو رشيد منع ڪندو آهي پر آئون ضرور ٻڌائيندس ته اها ٿيم گوگل ڪروم جي ٿيم لسٽ ۾ آفيشلي ايڊ ڪرائڻ لاءِ ڊالرز جي صورت ۾ ڪُجهه ڏوڪڙ گهُربل هئا جيڪي رشيد پاڻ ادا ڪيا۔ سندس انهي سچائي ۽ جذبي کي سلام۔

    امين ارباب واري دعا ورجائيندس ”شل سونهن، سِڪ، سورهيائي، سچائي، سنڌ ۽ ساٿ سلامت رهي“
     
    18 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. سجاد علي سومرو

    سجاد علي سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏7 اپريل 2012
    تحريرون:
    237
    ورتل پسنديدگيون:
    371
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ماڳ:
    Shahdadkot
    ادا رشيد سمون ، ادا عمران درويش سومرو ۽ ادا رنجيت سميت سنڌ سلامت جي سڀني ساٿين کي دل جي گهرائين سان مبارڪباد پيش ڪيان ٿو۔۔۔
    ادا اسان کي هاڻ هي برائوزر گوگل ڪروم نه پر سنڌ سلامت ڪروم لڳي رهيو آهي ۔ منهنجون دعائون اوهان سان گڏُ آهن اميد ته ائين ئي اوهان سنڌ ۽ سنڌيت جي دل و جان سان خدمت ڪندا رهندا۔
    سنڌ سلامت​
    ساٿ سلامت​
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    واه واه تمام شاندار ٿيم اهي
    پر جيڪڏهن اسان جي سنڌي ٻولي ۾ ڪو برائوزر هجي ها ته واه واه ٿي وڃي ها
    سائين رشيد زنده آباد
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    سڄڻن جا ٿورا ڪهڙا ڳائي ڪهڙا ڳائجن،،، هي جيڪي ڪجهه به اڄ مان لکي رهيو آهيان جيڪي ڪجهه سکيو آهيان۔ سنڌ سلامت جي هجڻ سان ئي آهي۔ سنڌ سلامت جي هجڻ جي ڪري مان اڄ سنڌي ٻولي کي انٽر نيٽ تي لکي رهيو آهيان۔ هي سڀ ٿورا انهن ئي سڄڻڻ جا آهن جن هي اوطاق جوڙي آهي ۽ سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي نون نون تجربن سان پيش ڪري اسان جي علم ۾ اضافو ڪري رهيا آهن۔ اميد ته اڳتي به اڃا وڌيڪ محنت جا رنگ ڏسي سگهندا سين۔۔لکين واڌايون پيش ڪيون ٿا اوهان کي اهڙي ڪاوش تي۔
     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. مصور عالم

    مصور عالم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    572
    ورتل پسنديدگيون:
    679
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    چيف ايڊيٽر ڪيسوُٻاء مئگزين
    ماڳ:
    مٺي ٿرپارڪر
    بهترين ٿيم۔۔۔۔۔۔۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. WASEEM

    WASEEM
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 مئي 2010
    تحريرون:
    888
    ورتل پسنديدگيون:
    404
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    اي سي ٽيڪنيشن
    ماڳ:
    ڪراچي
    هي ٿو اچي...
    Chrome Web Store
    The app is currently unreachable.
     
  14. عبدالعزيز سمون

    عبدالعزيز سمون
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 جنوري 2012
    تحريرون:
    348
    ورتل پسنديدگيون:
    613
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    243
    سائين رشيد صاحب جس هجيو ، هي ٿيم ڏسي دل باغ بهار ٿي رهي آهي ۽ توهان لا بي انتها دعا گهرڻ لا دل چئي رهي آهي ، واقعي ۾ توهان هڪ ناياب هيرا آهيو
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    ليپ ٽاپ تي هر هر گوگل ڪروم تي سنڌ سلامت ٿيم کولي ويٺي ڏٺم ۽ جيئن جيئن ڏسان تيئن تيئن سنڌ جا سهڻا رنگ ذهن ۾ تري ٿي آيا ...
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  16. ممتاز حسن ڪيهر

    ممتاز حسن ڪيهر
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 جنوري 2012
    تحريرون:
    65
    ورتل پسنديدگيون:
    29
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    تمام لاجواب ٿيم
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  17. ImamBux

    ImamBux
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    95
    ورتل پسنديدگيون:
    210
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Employee
    ماڳ:
    Kotri, District Jamshoro
    زبردست تمام بهترين واه سائين واه
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  18. عبدالجبار شاھ راشدي

    عبدالجبار شاھ راشدي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 مارچ 2012
    تحريرون:
    128
    ورتل پسنديدگيون:
    301
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    پير جو ڳوٺ
    واھ واھ سائين زبردست
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  19. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    واه سائين واه، سنڌ سلامت جي پوري ٽيم هڪ بهترين ٽيم. لک قرب
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  20. ذوالفقار علي انڍڙ

    ذوالفقار علي انڍڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 جون 2011
    تحريرون:
    31
    ورتل پسنديدگيون:
    45
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    368
    ڌنڌو:
    فيڊرل گورنمنٽ ملازم
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد ڪراچي
    تمام سهڻو
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو