دوستو ،،ايڊوب فوٽوشاپ ۾ سنڌي لکان ٿو ته اکر جدا جدا لکجن ٿا ، ان جو صحيح طريقو توهان دوستن کي خبر هجي ته مهرباني ڪري ٻڌائيندا .....؟؟
ادا ايڊوب ڦوٽو شاپ جي عام ورزن ۾ توهان سنڌي لکي نه ٿا سگهو ڇو ته اهو يونيڪوڊ ڪريڪٽرس کي سپورٽ نه ٿو ڪري ۽ عربي، فارسي، اردو ۽ سنڌي جهڙيون زبانون يونيڪوڊ ۾ اچن ٿيون۔۔۔ ايڊوب ڦوٽو شاپ جو هڪ الڳ ورزن عربي لکڻي جي لاءِ اچي ٿو جنهن کي مڊل ايسٽ ورزن چئبو آهي۔۔۔ توهان کي سنڌ سلامت جي ڊائون لوڊ سيڪشن ۾ ان جا کوڙ لنڪ ملي ويندا۔۔۔۔ مان ڪوشش ڪري توهان سان لنڪ شيئر ڪريان ٿو۔۔۔
ادا زاهد نظاماڻي صاحب السلام عليڪم! ايڊاب CS3 جو مڊل ايسٽ ورزن سنڌ سلامت جي سائيٽ تي ”سنڌي سکيا“ ۾ ”فوٽوشاپ“ ۾ ”هڪ سپني جي ساڀيان“ جي نالي سان لنڪ ڏنل آهن، مهرباني ڪري اُتان ڪاپي ڪريو. مڊل ايسٽ ورزن سنڌيءَ کي مڪمل طور تي سپورٽ ڪري ٿو.
ادا زاهد هي لنڪ زبردست آهي ماشآء الله سائين ابو واصف جن مهرباني فرمائي هي پورٽيبل ورجن شيئر ڪيو آهي الله کين خوش رکي هن ۾ سنڌي صحيح لکي سگهجي ٿو پر جيڪڏهن اڃا به ڪو مسئلو هجي ته پوء سنگت حاضر آهي۔