وڙهن سانهَه.... لتاڙجن ٻوُڙا... (حصو پهريون)

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏12 ڊسمبر 2009۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    وڙهن سانهَه.... لتاڙجن ٻوُڙا...

    ”پاڪستان حالتِ جنگ ۾ آهي...“ دوستو اهو جملو توهان پاڪستان جي سياستدانن کي روز ٽيليويزن جي پروگرامن ۾ ڏسندي چوندي ۽ اخبارن جي آرٽيڪلن ۾ پڙهندي ٻڌو هوندو...
    ٻڌو ته توهان ملڪ ويتنام جو نالو به هوندو ڇو ته اهي سياستدان ان ملڪ جو ذڪر پڻ ڪندا رهندا آهن... پر اسان جا ڪافي سنگتي ويتنام يا اتي جي ويڙهه بابت نه ڄاڻندا هوندا ... ان ڪري سوچيم ڇو نه تاريخ کي ياد ڪجي ۽ سنڌ سلامت جي سموري ساٿ کي دنيا جي وڏين طاقتن جي ڏاڍ ۽ ويڙهه جو هڪ نظارو لفظن جي صورت ۾ ڏيکارجي... ان ڪري مان پنهنجي هن ليک کي ٻن حصن ۾ ساٿين سان ونڊڻ چاهيان ٿو جيئن هو ٿوري ٿوري لکائي کي آرام سان پڙهي حقيقت کان آگاهه ٿي سگهن.... ان سلسلي ۾ پهريون حصو توهان جي اڳيان آهي...

    دوستو ٻي مهاڀاري ويڙهه کان پوءِ دنيا ۾ ٻه سپر پاور وڃي رهيا هڪ روس ۽ ٻيو آمريڪا... ٻي جنگ ۾ ايٽم بم جي ايجاد ٿي چڪي هئي ان ڪري ٻنهي طاقتن هڪ ٻئي سان سڌو سئون وڙهڻ جي بجاءِ ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ پنهنجي ويڙهه جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو... ان سلسلي جي پهرين ويڙهه مارچ 1965 ۾ ويتنام ۾ وڙهي وئي ...

    ويتنام ڏکڻ اوڀر ايشيا جو هڪ ننڍو ملڪ آهي هي 1950 ۾ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو هو... ڏکڻ ويتنام کي آمريڪا ۽ اتر ويتنام کي روس ساهتا ڪرڻ شروع ڪئي... جڏهن ٻنهي جي مدد زور پڪڙيو ته 6 مارچ1965 ۾ آمريڪا پنهنجون 5 لک 42 هزار فوجون ويتنام ۾ لاٿيون... ۽ اهڙي طرح گهمسان جي ويڙهه شروع ٿي... روس اتر ويتنام ۾ بي شمار هٿيار ۽ فوجي امداد ڏني ... آمريڪا اتي 1973 تائين وڙهندو رهيو پر هو ويتنام تي قبضو نه ڪري سگهيو ... آخر جڏهن آمريڪا جا 60 هزار فوجي فوت، 3 لک زخمي ۽ هڪ لک لاپتا ٿي ويا ته آمريڪا پنهنجي شڪست مڃي ۽ پنهنجي فوج واپس گهرائي... اهڙي طرح روس هي جنگ کٽي ورتي...

    هن جنگ تي سموري دنيا جي نظر هئي ... 1973 ۾ بظاهر ائين پيو لڳي ته ويڙهه ختم ٿي وئي پر ان وقت جي پاڪستاني حڪمران ذوالفقار علي ڀٽو جو خيال هو ته آمريڪا پنهنجي شڪست جو بدلو روس کان ضرور وٺندو ۽ ان جنگ جو ٻيو مرحلو يا ته افغانستان يا وري ايران ۾ وڙهيو ويندو... ان ڪري هن آمريڪا کي ڇڏيو ۽ روس ۽ چين ڏي دوستي جو هٿ وڌايو.. پر ڀٽي جو تختو اونڌو ڪيو ويو...

    روس جي آمريڪا جي سوچ تي نظر هئي ان ڪري 21 اپريل 1980 ۾ روس افغانستان ۾ پنهنجي فوج لاٿي... انهي صورتحال کي ڏسندي آمريڪا پاڪستان کان اهو ڪم ورتو جيڪو روس اتر ويتنام کان ورتو هو... هن دفعي آمريڪا پاڪستان کي فوجي امداد ۽ بي شمار هٿيار ڏئي روس سان وڙهڻ لاءِ چيو.....
    هن ويڙهه ۾ جڏهن روس جا 15 هزار فوجي مارجي ويا ته روس پنهنجي شڪست مڃي ۽ 15 فيبروري 1989 ۾ افغانستان خالي ڪري ڇڏيو... هن جنگ روس جي چيلهه ڀڃي وڌي جنهن ڪري 1991 ۾ روس جا ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويا...
    هاڻي هڪ دفعو وري ائين لڳو جهڙوڪ مارو ماري جو اهو سلسلو ختم ٿي ويندو پر بدقسمتي سان9/11 (نائين اليون) جو واقعو ٿي پيو ۽ دنيا جي هن حصي ۾ ويتنام جنگ جو ٽيون مرحلو شروع ٿي ويو.....
    جاري آهي...
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    سائين مٺڙا رشيد، سڀ ڳالهيون صحيح، سٺو ٿيو جو اوهان تاريخ جا ورق ورايا پر جي اهو پڻ ظاهر ڪيو ها ته محترم ڀٽي صاحب جي تختي اونڌي ڪرائڻ يا سندس شهيد ڪرائڻ ۾ پاڪستان جا فوجي جنرل شامل هئا ته ڳالهه واضح ٿي وڃي ها ... ڇاڪاڻ ته سائين محترم جي ايم سيد ڪيترائي ڀيرا ڀٽي صاحب جي حياتيءَ ۾ کيس اهو ٻڌائي چڪو هو ته اسانجي پياري پاڪستان جي فوج آمريڪا جي زرخريد غلام آهي ۽ اها توکي مارائي ڇڏيندي ته اسانجو محترم ڀٽو صاحب پنهنجي ڪرسيءَ تي هٿ رکي چوندو هو ته اها تمام مضبوط آهي ...

    اوهانجي هن ليک جي ٻئي حصي جو انتظار رهندو ...

    sindhsalamatsaathsal
     
  3. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    ادا سائين تمام بهترين شيئرنگ آهي، جو توهان تاريخ جي جهروڪن ۾ ليئو پاتو،
    ۽ اسان کي ڄاڻ ڏني.
    سائين منهنجا انهي ڪرسي تي ڪڏهن به ڀروسو ناهي ڪبو. ڇو جو اها چار ڏينهن جي لاءِ هوندي آهي،
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو