نهايت ئي ڏک سان چوڻو ٿو پوي

'ڏوراپن جو ڏيهه' فورم ۾ افتخار علي چوهاڻ طرفان آندل موضوعَ ‏22 فيبروري 2013۔

موضوع جو اسٽيٽس:
وڌيڪ جواب نه ٿا موڪلي سگهجن.
  1. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    اسلام عليڪم
    نهايت ئي ڏک سان چوڻو ٿو پوي ته اسان جي فورم کي نهايت بي هوده انداز اپنائي فرقه وايت جي نظر ڪرڻ جي گهٽيا ڪوشش ڪئي پئي وڃي ، اختلاف ۽ نظريعه ضرور مختلف هوندا آهن ، ۽ هر ڪو اها دعوى به ڪري ٿو ته هو سچو ۽ ٻيا غلط آهن ، پر ڳالھ دليل سان ڏيڻ گهرجي ، ۽ ٻي جي ڳالھ کي تحمل سان ٻڌجي ، باقي ڊارئيڪت ڪنهن تي نالو وٺي گهٽ وٽ ڳالھائڻ ڪنهن شريف انسان جو ڪم نه آهي ، پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ڪجه دوست انهن ڳالھين کي مد نظر نه پيا رکن ۽ واتان جيڪي بڪوسات نڪرن ٿيون سي برملا فورم تي آڻي ٿا ڇڌن ، انتظاميه کي گذارش آهي ته هن ڳالھ ڏانهن توجه ڏين ۽ فورم ۾ جيڪا به اهڙي بيهودگي ڪئي وئي آهي تنهن تي مناسب حل ڳولھي اپاءُ وٺن ، والسلام
     
    12 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    ادا افتخار۔۔توهان جي ڳالهه اگر درست آهي ته مان سورهن آنا متفق آهيان ۔۔پر مُنهجي نّظر مان اهڙي ڪا تحرير نه گذري آهي جنهن ۾ گهٽيا لفظن جو استعمال ڪيو ويو هجي۔۔۔پو به جن ڳالهين جي توهان نشاندهي ڪريو پيا ان کي سنجيدگي سان وٺڻ گهرجي۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    ادا ڪوشش ته اها ئي هوندي آهي ادا ته فورم تي اهڙو مواد نه هئڻ گهرجي جنهن سان ڪنهن جي دل آزاري ٿئي

    اهڙي ٿريڊ کي ڊليٽ ڪيو ويندو آهي پر جيڪڏهن ڪو ٿريڊ يا ڪو اهڙو الفاظ ڪٿي موجود آهي ۽ انتظاميه جي نظرن کان رهيل آهي

    ته توهان ان جي لنڪ ڏيو ان کي ۡختم ڪيو ويندو


    سدائين گڏ
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عتيق الرحمان

    عتيق الرحمان
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    361
    ورتل پسنديدگيون:
    1,270
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    اسان جي سامهون ڪا به اهڙي لکڻي ڪانهي گزري يا شايد اسان نه ڏسي سگهيا آهيون، بحر ڪيف ڏک ان ڳاله جو ٿيو ته اچانڪ محترم افتخار صاحب جن جا تيز ۽ چڀندڙ لفظ سامهون آيا،
    مطلب ته هتي ڪنهن به ڀاء کي ڀاء نه ٿو سمجهو وڃي هڪدم نفرت جي ڇري نڪري ٿي اچي،ڳڀا ڳڀا ڪرڻ لاء من ماندو آهي،
    اهي الائي ڪير هئا جن جو لطيف سرڪار ڏس ڏنو هو،ڳنڍين سارو ڏينهن ڇنڻ موُر نه سکيا،
    اختلاف ڪيڏا به ڇو نه هجن پر محبت هر اختلاف کي سهيڙيندي آهي ۽ غلط غلط ئي ٿي ويندو آهي،
    هو چونئي تو مَ چئو،اڳ اڳرائي جو ڪري خطا سو کائي،
    اهي اسان جي رهبر مرشد جا قول اسان کي سهيڙڻ ۽ گڏ رکڻ جي لاء ئي آهن پر بس اسين ٻين جي ٻڌايل قولن ۽ گالهين تي ته سر ڏيڻ وٺڻ لاء تيار آهيون پر حقيقي دڳ هوندي به انڌن وانگر ٿاڦوڙيندا ٿا وتون،
    سائين منهجا ناراض نه ٿجو ٿورو تحمل صبر ۽ همٿ مان ڪم وٺو اسان اڳيئي ڪڻو ڪڻو لڳا پيا آهيون،بجاء ڪنهن کي پري ڪرڻ جي پري ڪيل کي گڏ ڪيو،هي فورم سنڌ آهي سڀ سنڌي آهن سنڌي هڪ قوم آهي خدارا پنهجي قوم جي تاريخ کي سمجهو توهان جي هن قوم ۾ هميشه ڏاها،سمجهو درويش صوفي بزرگ ۽ محبتي ماڻهو رهيا آهن جن ۾ امن اونچو نشان رهيو،جتي مزهب جي متڀيد به ان کي نه ٽوڙي سگهي ،ڪنهن جي به من ۾ لالڄ ڪو نه هوندي هئي،هي ته هاڻي چاليهه کن سال ٿيندا جو سنڌي نسلن ۾ نفرت جو ٻج مذهب،ذاتين ۽ فرقن ۾ آڻي ڇٽيو ويو آهي ،
    خدارا هن قوم جي حال تي رحم کائو ۽ ايندڙ نسل کي ٻيو نه ته هڪ ٻئي جو ڀرجهلو ٿي رهڻ جو سبق ڏيو،هڪ ٻئي سان مضبوط ڳانڍاپي جو درس ڏيو،
    افتخار صاحب اگر منهجي ڪا ڳاله بري لڳي هجي ته معافي جو طلبگار آهيان بخدا رنج نه ٿجو،اسان کي اوهان جو ساٿ وري ڪو نه ملندو،
    ۽ ائين ئي ڪنهن کي به پري ڪندو ته اهو موٽي ڪو نه ملندو،معني اهيو ڪنهن کي جيئري مارڻ جي برابر ٿو ڀايان،
    وڌيڪ اوهان راز جا راڻا آهيو،
    الله پاڪ اوهان کي پنهجي حفظ و امان ۾ رکي،سدائين آباد هجو،
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    محترم افتخار چوهاڻ صاحب سلام

    انتظاميه جو ڪوبه ميمبر نه ته ڪنهن فرقيواراڻا بحث ۾ حصو وٺي ٿو ۽ نه ئي اسان جو فورم ان قسم جي ڪنهن بحث يا ليک جي ڪنهن به قسم جي ڪا تائيد ڪري ٿو ۔۔۔۔۔۔ اوهان دوست پاڻ هڪ ٻئي سان ان قسم جي بحثن ۾ حصو وٺو ٿا ۽ جڏهن ڪوبه نتيجو نه ٿو نڪري ته انتظاميه تي ئي مٿيون الزام لڳايو ٿا۔ ان کان اڳ به ڪيترائي ميمبر اهو سڀ ڪري چڪا آهن۔

    اسان هميشه فورم کي ڪنهن به مذهبي بحث کان الڳ رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر الزام، جواب، الزام ۔۔۔۔۔۔۔ ميمبر پاڻ ئي ڪن ٿا ۽ آخر ۾ ڦڪا مٺا ٿين ٿا۔ هڪ اهڙو بحث جنهن جو ڪو حل نه هجي، هڪ اهڙو بحث جيڪو 1400 سالن کان هلندو اچي، هڪ اهڙو بحث جنهن جو نتيجو سدائين اُگرو نڪري ۔۔۔۔۔۔۔۔ اهڙي بحث ۾ پوڻ ئي نه گهرجي ۔۔۔۔

    الله ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏُک ڏسن
    مونسين مون پرين، ڀورائيء ۾ ڀال ڪيا۔

    مون اڳ به انتطاميه ۽ فورم جي دوستن کي اهو عرض رکيو هو ته مذهبي سيڪشن کي بند ڪيو وڃي ۔۔۔۔۔ اڄ به ان ڳالهه جو ورجاء ڪيان ٿو ته ان قسم جا موضوع ۽ سيڪشن هجڻ ئي نه گهرجي جيڪو دوستن ۾ اختلافن ۽ نفرتن جو سبب بڻجي۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    ادا سليمان وساڻ۔۔۔معاف ڪجو پر مان ان ڳالهه سان متفق ناهيان ته مذهبي سيڪشن کي بند ڪري ڇڏجي۔۔۔
    انٽرنيٽ تي اگر فحش مواد ڪثرت سان موجود آهي ته ڇا نيٽ کي ئي بند ڪري ڇڏجي۔۔؟
    باهه اگر ساڙي ٿي ته ڇا باهه جلائڻ جا سڀ ذريعا ئي بند ڪري ڇڏجن۔۔۔۔۔؟
    بحث مباحثه ٿيڻ ته تمام سٺي ڳالهه آهي۔۔مذهب کي سمجهڻ، سمجهائڻ ۽ نيڪ ڳالهيون ٻين تائين پهچائڻ اسان سڀن جو ديني فرض آهي۔۔
    بهتر اهو ٿيندو جو مذهبي سيڪشن کي ڪجهه حدود ۽ قاعدن سان جاري رکيو وڃي۔۔۔هر ڪنهن کي پنهنجو پنهنجو نقطه نّظر پيش ڪرڻ جي اجازت هجي پر ڪنهن کي به ٻئي رڪن سان بدتميزي وارو رويو رکڻ، توهين آميز گفتگو ڪرڻ، زبردستي مڃرائڻ يا مذهبي شخصيتن جي توهين ڪرڻ جي اجازت نه هجي۔۔
    هڪ ٻئي جي عزت ۽ احترام سڀ کان مٿاهون هجي۔۔۔
    هر رڪن پنهجي مذهبي عقيدي جي دليلن سان سمجهاڻي ڏئي ٿو ته ان ۾ ڪو حرج ناهي۔۔۔ پر ٻين رڪنن جو يا انتظاميا جو ان عقيدي سان متفق هجڻ ضروري ناهي۔۔۔
     
    11 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. عتيق الرحمان

    عتيق الرحمان
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    361
    ورتل پسنديدگيون:
    1,270
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    تمام سهڻي ڳاله ڪئي آهي اوهان آءُ اوهان سان متفق آهيان ،آپي مان نڪرڻ بجاء ان حقيقت کي تسليم ڪيو وڃي ته بهتر آهي بجاء جو نفرت پيدا ٿئي يا ته ان موضوء کي ئي ڇڏيو بس پريت بچايو باقي اسان کي خبر ته آهي ته اسان ڪيترا ديندار آهيون ،اسان جي معاشري ۾ هر گناه اکين جي اڳيان ٿئي ٿو اسان ۾ ايتري جرئت ڪونهي جو حقيقت ۾ ان کان نجات حاصل ڪيون يا ڪنهن کي نجات ڏياري سگهون،باقي رڳو بيان ڏئي پانهجي دينداري جو ثبوت ڏيون ان کان ته بهتر آهي ته جيئن ڪنهن بدماش جي اڳيان خاموش ٿي ويندا آهيون اهڙو حوصلو ڪنهن ڀاء جي اڳيان به ڏاريون گهٽ ۾ گهٽ محبت ته باقي رهندي،
    بقول ڪنهن بزرگ جي ته اڙي ملان جنازو پڙه مين جانو ميرا خدا جاني
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو










    دوستن جي موٽ لاءِ نهايت ٿورائتو آهيان . خاص ڪري ڀاءُ ممتاز احمد قريشي ۽ ڀاءُ عتيق الرحمان ۽ ممتاز وڳهيو صاحب ، طاهر سنڌي صاحب دوست مير چند صاحب ۽ مقصود صاحب جن جو. رب ڄاڻي ٿو مون جڏهن به ڪو مضمون ونڊ ڪيو آهي تنهن ۾ پنهنجي ۽ دوستن جي اصلاح مدنظر رهي آهي ، پر ڪجه ڏينهن بلڪه ڪافي عرصي کان منهنجي مضمونن مان دوست منظور ڪلهوڙو جن الاءِ ڇو منفي سوچ آڌار غلط آرا ۽ سخت جرح ڪندا پيا آيا آهن حتى الامڪان آئون ڪوشس ڪيم ته ڳالھ جي حقيقت سمجهائي سگهان پر ناڪامي ٿي ۽ دوست ويتر پنهنجي موقف تي بضد ٿي سخت ڪلامي ڪندا رهيا آهن . ۽ ڪجه ڏينهن کان ته باقائدي انهن جي تحريرن ۾ فرقه واريت نرواري حيثيت سان اچي فورم جي زينت بڻجي وئي آهي ، مون سوچيم ته انتظاميه سڄاڳ آهي ۽ جلد ڪا نه ڪا نوٽس وٺندي پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته منهنجو خيال غلط نڪتو جو ايسيتائين جو ڀاءُ سليمان وساڻ صاحب به هن مسئلي کان ناواقفيت ڏيکاري ڇڏي . ۽ انهيءَ ڪري مجبور ٿي مون اها پوسٽ ونڊ ڪئي ته مباده اسان به هن فورم جا ميمبر آهيون يا مڙئي دوستن مٿان ٻوجه ٻڻيل آهيون ، اسان جوئي هي فورم آهي جنهن کي اسان خاص اهميت سان ۽ محبت سان ٽن سالن کان وقت ڏئي رهيا آهيون تنهن ۾ اسان لاءِ ڪائي عزت آهي يا نه پر دوستن جي موٽ اسان کي ضرورآٿٿ ڏني آهي جنهن لاءِ دوستن جو ٿورائتو پڻ آهيان . دوستن جا رايا منهنجا پنهنجا رايا آهن آئون پڻ اهو چوندو آيو آهيان ته جيڪر ڪنهن مضمون ۾ ڪو اختلاف نظر اچي يا مضمون سان سهمت نه ٿي سگهي ته يا ته دليل سان ان جو رد پيش ڪري ۽ تحمل جو مضاهر ڪري يا وري ان مضمون کي تئين جو تئين ڇڏي ڏجي ، باقي مضمون تي تنقيد جيڪا ادب جي دائري کان خارج ٿي وڃي يا وري مضمون کي ڇڏي مضمون نگار تي تنقيد فائدي بدران مخاصمو ۽ نفرت تي جنم ڏئي سگهجي ٿي پر فريق مخالف کي مڃرائڻ ناممڪن آهي ، خير دوستن اهي مضمون ڏيکارڻ لاءِ چيا آهن جنهن ۾ اهڙي فرقه واريت جيڪا واقعي آهي تنهن جون لنڪون ۽ اقتباس پيش ڪريان ٿو ، ۽ دوست منظور ڪلهوڙي صاحب جن کي به عرض ڪندم ته اگتي اهڙيون تحريرون نه آڻين جن سان اهڙي فضا کي رستو ملي سگهي باقي علمي، مذهبي ،مسلڪي اختلاف پنهنجي جاءِ تي آهن ۽ رهندا تنهن تي ڪنهن جو زور زبردستي نٿي هلي سگهي ،تنهن ڪري اهڙين ڳالھين ۾ تيزي نه ڏيکارن جنهن سان دل آزاري پيدا ٿئي ، والسلام


    لنڪ لاءِ هت ڪلڪ ڪريو
    ڇا اهي نازيبه ڪلام نه آهي ڇا سنڌ ڌرتي تي قلندر شهباز رح جهڙن ۽ ملتان جا بزرگ صوفي افغان سان تعلق نه هو ، پاڻ نبي ڪريم ﷺ جون حديثون دلالت ڪن ٿيون ته افغانستان پاسي مجاهد امام مهدي اچڻ تائين قائم رهندا ، ڇا اهو فرمان نه آهي ته جيڪر دين ۽ افغانستان ڏانهن اشارو ڪندي اهو فرايائون ته جيڪر تنهن جي ڪنهن جبل مٿي به هوندو ته انهن کي اهي وري آڻيندا ۽ اهڙيون کوڙ حديثون ان ڳالھ ڏانهن دليل طور پيش ڪري سگهجن ٿيون .



    لنڪ لاءِ هت ڪلڪ ڪريو


    ڇا اها فرقه واريت نه آهي ڪنهن به مضمون ۾ اهو ڏيکاريو وڃي ته ڪنهن اهو چيو هجي ته بريلوي مشرڪ يا ڪافر آهن ، آئون پنهنجي ڳالھ تان رجوع به ڪندم ۽ معافي پڻ وٺندم ، جيسيتائين منهنجو علم آهي ته ڪا به پوسٽ اهڙي نه آهي جنهن ۾ ڊائريڪٽ اهڙو ڪڌي نموني ڪنهن ٻي فريق تي حملو ڪيو ويو هجي باقي فورم کان الڳ اهو هڪ جدا مسئلو آهي ۽ ان ۾ سڀئي فريق اهڙا نازيبه الفاظ ۽ تحريرون آڻيندا رهندا آهن ۽ اهي اهي هوندا آهن جن سان ان مسلڪ جي بانين جو ڪو به دخل نه هوندو آهي محض عوام ۽ هٿ ٺوڪ ملن جا داستان هوندا آهن جنهن جي ڪابه فوقيت نه هوندي آهي سواءِ پاڻ ۾ نفرت ڦهيلائڻ جي ،




    ڇا هن ڪلام ۾ گل ڇٽيل نظر پيا اچن يا بغض ۽ عناد ۾ اچي بڪواسات ڪيل نه آهن ،فرقه واريت نه آهي ؟؟؟!!

    اهي ۽ هن جهڙا ڪافي مضمون جن اسان کي مجبور ڪيو ته هي ٻه اکر لکيون ٿورو لکيو گهڻو سمجهيو مصداق اختصار ڪجي ٿو


    اميد آهي ته سليمان وساڻ صاحب تحريرون ضرور نظر مان گذاريون هونديون ، ادا سليمان صاحب اسان به اختلاف پيش ڪندا آهيون ۽ پنهنجي تائيد لاءِ دليل پڻ ڏيندا آهيون پر ڪڏهن به اهڙي غلط زبان ۽ بغض جو مظاهرو نه ڪيو آهي ، آئون اهو نٿو چوان ته منظور ڪلهوڙو صاحب تحرير جا جواب نه ڏين ضرور ڏين پر اخلاق جي دائري ۾ ڏين اهڙي زبان کان پرهيز ڪن جن سان دل آزاري ٿئي ، اميد آهي ته منهنجو پيغام هاڻ تفصيل سان اڳيان اچي ويو هوندو . والسلام
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    الا ڏاهي ۾ ٿيان ڏاهيون ڏک ڏسن۔
    اسان کي هڪ ٻئي جي مذهبي وابسطيگي کي مد نظر رکندي اهڙي ڪابه ڳاله نه ڪرڻ گهرجي جنهن سان ڪنهن ٻئي ميمبر جي دل آزاري ٿئي۔ هن اڱڻ تي هميشه محبت ،پيار ۽ پريت سان گڏ هڪ ٻئي جي عزت ڪرڻ جي پرچار ڪئي ويئي آهي۔هر فرقي جا تمام نامور بزرگ،جيڪي پنهنجي اندر ۾ مذهبي لحاظ کان علم جو سمنڊ رکيو ويٺا آهن کي شهيد ڪيو ٿو وڃي ۔ ڪٿي اها ڪنهن صيهوني ملڪ جي سازش ته نه آهي؟ مهرباني ڪري فرقيورنه سوچن کان ٻاهر نڪري دشمنن جي عزام جيڪي هن اسان جي پياري ملڪ جي خلاف ٿئي رهيا آهن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري انهن سازشن کي ناڪام بنايو۔
    بزرگ فرمائيندا آهن ته زبان جنهن ۾ ڪا هڏي نه آهي جسم جو هڪڙو اهڙو عضوء آهي جيڪا جيڪڏهن سٺي نموني ۽ نيڪ عملن ۾ استعمال ڪجي ته اهو انسان نه رڳوهن دنيا جي انسان ۾ عزت ماڻيندو پر هن جي آخرت به سنورجي ويندي ۽ جيڪڏهن ان کي غلط نموني استعمال ڪندو خاص طور الله جي بندن کي هرڀرو بيعزت ڪرڻ لاء ته اهو انسان نه رڳو هن دنيا ۾ ماڻهن جي دلين ۾ جاء ٺاهڻ کان رهجي ويندو پر آخرت جي زندگي ۾ به ناڪامي حاصل ڪندو۔ اسان کي هر ان عمل کان پاسو ڪرڻ گهرجي جنهن سان ڪنهن ٻئي ميمبر جي دل جي آزاري ٿئي۔ ادا منظورڪلهوڙو ۽ سائين افتخار چوهان صاحب هن اڱڻ جي انهن ڀاتين مان آهن جن جي محنتن جي ڪري هن فورم جي زينت ۾ ڪافي اضعافو ٿيو آهي۔ ٻئي محترم علم جي سمنڊ ۾ گهرا غوط لڳائي انيڪ معلومات وارا موتي کڻي اچي هن اڱڻ جي آڪاش تي انڊلٺ وانگر سجائي اسان جهڙن گهڻن گهر ڀاٿين جي علم حاصل ڪرڻ واري تڙپ کي پورو ڪندا آهن۔ اسان ٻنهي جي خدمت ۾ عرض رکنداسين ته پنهنجي دلين ۾ محبت جا ڏيا ٻاري هڪ ٻئي کي پيار جي روشني ڏيکاري نفرت جي ٻج کي هميشه جي لاء پري ڦٽو ڪري پنهنجي اڻٿڪ محنتن سان هن اڱڻ کي سينگارين پنهنجي تحريرن سان۔
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    بهتر ٿيندو ته اهي تحريرون جن ۾ سڌو سنئون فرقي کي نشانو بڻايو ويو آ، اهي ڊيليٽ ڪيون وڃن۔۔۔ ۽ اڳتي جي لا احتياط ڪئي وڃي۔۔۔
    ڪنهن جي به دل آزاري نه ٿيڻ گهرجي۔۔ڀا منظور ڪلهوڙو جا خيال سندس ذاتي سمجهيا وڃن۔۔سنڌ سلامت جي انتظاميا جو فرّض ٿيي ٿو ته اهڙي فضا قائم ڪندي رهي جنهن ۾ هر فرقي ۽ هر مڪتبه فڪر جا رڪن اتفاق ۽ ڀائيچاري سان فورم تي موجود رهن۔۔۔هر رڪن عزت ۽ احترام جودامن نه ڇڏي۔۔۔اسان سڀ هڪ آهيون، اسان جي ٻولي، اسان جي ڌرتي اسان جو رهڻ ڪهڻ هڪ آهي۔۔اسان جا ڏک، تڪليفون، پريشانيون، خوشيون، غميون سڀ هڪ آهن۔۔۔
    ڀا افتخار هجي يا ڀا منظور۔۔۔ ٻنهي ۾ڪو به فرق ناهي۔۔۔سڀ هڪ ئي گهر جا ڀاتي آهيون۔۔
    اسان کي گهرجي ته ڪنهن به مذهب ۽ ڪنهن به فرقي جي توهين نه ڪريون۔۔۔
    شل الله پاڪ اسان سڀن کي پيار، محبت ۽ ڀائيچاري سان رهڻ جي توفيق ڏي۔۔۔آمين۔
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڪافي دفعا مذهب واري سيڪشن کي اپورل تي رکيو ويو ليڪن ان ۾ ڪافي دوستن کي شڪايتون هيون ته اسان جي تحرير ظاهر ٿيڻ ۾ دير ٿي ٿئي ان ڪري وري ان کي نارمل رکيو ويو منهنجي خيال ۾ ته مذهب واري سيڪشن ۾ ڪنهن کي به مسلڪ واري موضوع تي ڪا ڇيڙ ڇاڙ نه ڪرڻ گهرجي وقت جا وڏا وڏا عالم به ان مسئلي تي متفق نه ٿي سگهيا آهن ته پو هروڀرو وري به ان موضوع کي ڇيڙڻ مان ڪهڙو فائدو ۽ نتيجو اهو ٿو نڪري جو ڪنهن نه ڪنهن جي دل آزاري ٿئي ٿي ان ڪري جيڪڏهن مسلڪ جي پرچار ڪرڻي آهي ته کوڙ نيٽ تي فورم بلاگ آهن اڃا وڌيڪ شوق آهي ته هر مسلڪ جا ڪتاب آهن اڃا به شوق ۾ اضافو آهي ته مولوين جا منظارا يو ٽيوب تي پيا آهن۔ باقي بهتر آهي ڪنهن به دوست کي فورم تي مسلڪ جي لحاظ سان ڇيڙ ڇاڙ نه ڪرڻ گهرجي ها علمي ذوق توهان کي بي قرار ڪري ته هڪ ٻئي سان ڪچهري واري انداز ۾ فقط هڪ ٻه دوست شريڪ ٿي پنهنجي ذوق کي پورو ڪيو باقي ٿريڊ موضوع بنائي ڪو به مسئلو نه ڇيڙيو وڃي۔
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. شاهين لطيف ، سنڌي ،

    شاهين لطيف ، سنڌي ،
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 جون 2012
    تحريرون:
    624
    ورتل پسنديدگيون:
    2,490
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپئير اايف ايم 93،3 لاڙڪاڻو
    ماڳ:
    ڳڙهي ياسين& لاڙڪاڻو
    اسان جي سامهون ڪا به اهڙي لکڻي ڪانهي گزري
    پر پو۽ به ڪجھ فرقين جي حوالي سان ضرور ڳالهييو ن نظر مان گزريون آهن
    پر هي سڀني جو فورم آهي هن فورم تان ڪا اهڙي گاله ڪرڻ ڃن پنهنجي لا۽ ڳاله ڪرڻ جي برابر آهي
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    منهنجي مداين جي ڪل پريان پيئي
    ڪڏهن ڪوسا ڪون ٿيا ڏوراپا ڏئي
    ساجن سڀيئي ڍڪج ڍول! ڍلايون۔

    لطيف سرڪار جي مٿئين بيت سان دوستن کي اهو عرض ته هو پاڻ ۾ سهپ جو مادو پئدا ڪن ۽ هر موضوع جي علمي ڇنڊڇاڻ ڪن نه ڪي ذاتي حملا ۔۔۔ سنڌ سلامت جي دوست افتخار چوهاڻ سموري بحث ۾ هڪ لفظ استعمال ڪيو آهي ” بڪواس“ جيتوڻيڪ سمورو بحث پنهنجي جا تي پر اهو لفظ پنهنجي جا تي آهي ۔۔۔۔ جيئن ڀاڄي ۾ لوڻ تمام ٿورڙو هوندو آهي پر سموري ڀاڄي کي نمڪين ڪري ڇڏيندو آهي، ساڳئي طرح ڪجهه لفظ اهڙا هوندا آهن جيڪي سموري ليک کي وڃائي ڇڏيندا آهن ۔۔۔

    سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مذهبي فرقيواريت جو ڇا حشر آهي اهو ڪنهن کان به ڳجهو ناهي ۔۔۔ انڪري ان تي بحث ڪرڻ سج کي آئينو ڏيکارڻ جي برابر ٿيندو ۔۔۔

    دوستن کي عرض آهي ته هو ڪنهن به فرقي تي بحث ڪرڻ کان بنا به پنهنجي ڳالهه کي وزن ڏئي سگهنٿا ۔۔۔ پنهنجي نظرياتي سوچ پيش ڪرڻ الڳ شئي آهي ٻي نظرئي تي تنقيد ڪرڻ الڳ ۔۔۔

    آ هن بحث کي ان جا تي قلف هڻانٿو ۽ اميد ڪريانٿو ته دوست پنهنجين دلين ۾ ڳالهه رکڻ جي بجا کلي دل سان سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جي خدمت ۾ پاڻ ملهائيندا ۔۔۔

    لک قرب
     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
موضوع جو اسٽيٽس:
وڌيڪ جواب نه ٿا موڪلي سگهجن.

هن صفحي کي مشهور ڪريو