ننگن جي نيلامي

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏23 فيبروري 2013۔

  1. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    هڪ ڳالهه ته واضح ٿي وئي ته اوهان اها ڳالهه مڃي ورتي آهي ته باب اسلام سڏجڻ کان اڳ ئي سنڌ ۾ اسلام جو ٻج ڇٽجي چُڪو هُيو ته پو هاڻ ان بابت ٻي ڪا به دليل باقي نٿي رهي ته بن قاسم اسلام جي واڌ ويجهه لا هتي آيو هُيو۔۔باقي اوهان ڳالهه ڪيو ٿا نسبت جي ته منهنجا پيارا ڀا اهلبيت جي نسبت الڳ شي آهي ۽ عربي هجڻ الڳ نسبت آهي ان ڳالهه کان به انڪار ڪونهي ته پاڻ سڳورا صلي الله عليه وسلم عرب ئي هُئا پر اُها عظمت، اُهو شان هر هڪ عرب جو نه ٿو ٿي سگهي۔۔نه ئي عرب اسان کي عربي ۾ گاريون ڏي ته اسان اهو سمجهون ته ڪو حافظ قرآن آهي۔۔ ان ڪري رسول صلي الله عليه وسلم ۽ ان جي آل ۽ معتبر اصحابن جي نسبت کان هٽي ڪري جيڪڏهن هڪ مسلم قوم بابت سوچون ته فرق صاف ظاهر ٿي ويندو۔باقي جيڪڏهن ايڏو ئي عرب کي مسلمانن جو اونو آهي يا اوهان کي عرب سڳورا ماکي جهڙا لڳندا آهن ته پو وڃي ته ڏيکاريو سعودي عرب ۽ اتي موجوده سعودي عرب ۾ ٻين مسلمانن لا ايڏا سخت قانون ڇو آهن؟ هڪ مسلمان ملڪ جي حوالي سان سڀئي برابر هجڻ گهرجن؟
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عتيق الرحمان

    عتيق الرحمان
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    361
    ورتل پسنديدگيون:
    1,270
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    اهيا ئي ڳاله مان چوڻ پيو چاهيان ته اصل اسلام محمد بن قاسم کان اڳ آيل هو، ۽ جتي جتي آلِ رسول صلي الله عليه وسلم جن جا موڪليل صحابي پهتا ڪربلا کان پوء انهن جي ڳولا شرو ڪئي ويئي ۽ انهن کي ڳولي ڳولي شهيد ڪيو ويو،انهن جي اڄ تائين اهيا ڪوشش آهي ته اصل دين جي ڪو به ڳالهه نه ڪري ،اڄ به اصل دين جي پوئلڳي ڪندي سر قلم ڪرڻ جا قانون موجود آهن ،اسلام ۾ بادشاهي ڪنهن به اسلام جي اڳواڻ نه ڪئي نه اهڙو سبق ڏنو،هي وڏيون وڏيون مراعتون ۽ پروٽوڪول ۾ جيئندڙ اسلام جي نالي تي بادشاهين جا شوقين آهن ۽ انهن وٽ فقط پنهجن مفادن ۽ حڪومتي نظام جي مستحڪم ڪرڻ کان سواء ڪو به ارادو ڪو نه هوندو آهي ،
    پنهجن اسلام جي رهبرن کي به ڏسو ۽ اسلام جي هنن حڪمرانن کي به ڏسو،پوء ان دين جي پيروي ڪيو جيڪو اصل آهي ،اهي مجاهد جيڪي ايران جيملڪ جهڙي وڏي بادشاهي ڇڏي سپاهي ٿيا انهن کان پڇيو اسلام ڇا آهي،اهڙا ڪيترا ئي مجاهد آهن جيڪي پنهجون حڪومتون ڇڏي عام سپاهي ٿي خدمت ڪندا رهيا جن جا ڪردار فقط ان ڪري اوجهل رکيا ويا آهن جيئن وقت جي هنن ظالم حڪمرانن جا ڍڪ ڍڪيل رهن،اڄ انهن امر ڪردارن کي اوجهل ڪري ظالمن کي سرخرو ڪندڙ ۽ سمجهندڙ اهيو ئي سمجهن ٿا جيڪو هو چاهين پيا حقيقت کي پسڻ لاء ڪو به تيار ناهي ڇو جو ان ۾ قرباني ڏيڻي ٿي پوي،خواهشون ختم ڪرڻيون ٿيون پون،
    اسين نفس جي پوئواري ڪندي مسلمان بنجي ٿا وڃون،ٻئي ڪم گڏوگڏ هلائي خوش ٿي رهيا آهيون ته اسان مسلمان آهيون،۽ ڪلمي گو آهيون،
    اسان جا ڪردار روز اخبار کڻي ڏسو ته سمجهه ۾ ايندو ته اسان ڪهڙا مسلمان آهيون،اسان اگر الله رسول کي حاضر ناظر سمجهون ته اسان جا ڪردار بهتر هجن هان پر ايئن ڪونهي اسان تي خوف فقط بادشاهن جي سپاهين جو آهي جيڪي هر الله جي انسان کي پنهجو غلام سمجهي ظلم جو داستان لکندا رهن ٿا،
    سچ ته اهيو آهي ته جهڙي طرح اسلام کي ڦيلايو ويو آهي هي اهو اسلام آهي ئي ڪو نه جيڪو الله ۽ ان جي رسول انسانذات تائين پهچايو ،اڄ جا هي ڪردار ڳوليو ۽ ڀيٽيو ته رسول الله صلي الله عليه وسلم جن جي دور ۾ هيڙن ڪردارن کي ڪيئن ڏٺو ويندو هو،الله پاڪ جون آيتون اڄ به گواهي ڏئي رهيون آهن پر اسان کي اها تعليم ئي ڪانهي ڏني ويئي ته ان کي تسليم ڪيون،
    بس ڪٽرپڻو وجود ۾ پيدا ڪري ڇڏيو آهي جنهن آڌار انهن جو ڪم سولو لڳو پيو آهي اهي پنهجي بادشاهين ۾ خوش ۽ مست،اسان پنهجي جائز ناجائز خواهشن جي پوراء ۾ خوش،نه اسين ٿا چاهيون ته صحيح اسلام اچي جو هروڀرو گناهن جي سزا ويٺا لوڙيون،هتي ڪيڏو به گناه ڪر ڪو نه ڪو طريقو جان ڇڏائڻ جو لڀيو پوي،جي ڏوڪڙن تي ڪم ٿيو ته ڏوڪڙ،جي منٿ ميڙ ۾ ڪم ٿيو ته اهو،مڙئي گاڏو پيو ٿو ڌڪجي،
    باقي محمد بن قاسم جي موت جو حوالو فقط ان ڪري ڏنو هو جو اهو خود هنن جي ڪارنامن جو نتيجو هو ما اهو بيان نه ٿو ڪرڻ چاهيان دوست اگر چاهين ته تاريخ جو ڪو ٻيو ورق به اُٿلائي ڏِسن،ته گهڻو ڪجهه حاصل ٿي ويندو،
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ادا هت توهان جو پنهنجو سنڌي سيد توهان کي پاڻ جهڙو نه ٿو سمجهي ۽ پاڻ کي ڪا آسماني مخلوق ٿو سمجهي، جڏهن ته انهن جي پرڪارن جي به خبر اٿو۔ جنهن لاء سنڌ جو ڏاهو امر جليل هي الفاظ استعمال ڪندو آهي ته سنڌ ۾ ڪو پير مرشد ٿئجي يا وري ڌاڙيل ٿئجي ٻنهيء جي ڪمائي ساڳي آهي۔ ، جو اسان اهيا اميد انهن عربن مان رکون۔ جڏهن ته اسلام ۾ نه ڪو سيد آهي نه وري ڪو اهل بيت جو تصور آهي، ۽ نه ئي وري اهل بيت لاء الڳ قانون آهي سڀ انسان برابر آهن، اگر ڪو فرق آهي ته اهو تقوا جو آهي ( جيڪا تقوا نه اڄ جي عربن ۾ آهي نه وري اڄ جي سيدن ۾ ) ادا اهيو ڪو منهنجو حڪم نه آهي پر اهيو اسان جي پياري پيغمبر صلي الله وسلم جن جو آهي۔رهي ڳالهه سنڌ ۾ اسلام اچڻ ته اهو محمد بن قاسم کان اڳ اچي چڪو هو ۽ بن قاسم اسلام لاء نه آيو هو ته ان لاء عرض ته ادا پوء ته اهڙي ريت اسلام ۽ اسلامي قانون ته حضور سائين جي دور ۾ ئي عربستان ۾ اچي چڪو هو پوء ڪربلا جي ڪهڙي ضرورت هئي۔ پوء ته ائين چئجي ته شايد اهيا جنگ به اقتدار جي هئي ۽ اسلام ته پهرين کان ئي موجود هو ۽ ڪربلا جي واقعي جي هجڻ نه هجڻ سان اسلام تي ڪو فرق نه پوي هان ۔ ۽ اسلام ته الله جو دين هو جنهن کي قيامت تائين هلڻو هو۔ ۽ اهو هلندو رهندو۔باقي ڀاء جنگ ۾ ته ائين ٿيندو رهيو آهي۔ هت ته اهي ماڻهون به ٿئي گذريا آهن جن حضور سائين جي گهروارين سان جنگون ڪيون آهن، ۽ انهن ڇا ڇا نه ڪيو آهي۔ جڏهن ته قرآن جو حڪم آهي ته نبي جون گهرواريون تمام مومنن جون مائرون آهن۔ پوء ڇا جن ماڻهن حضور سائين جي گهروارين سان جنگ ڪئي انهن کي مومن نه سمجهون۔ جڏهن ته حضور جو حڪم آهي ته مائرن سان ڀلو برتاء ڪريو پوء اهي ڪافر ڇو نه هجن۔ڇا انهن ماڻهن کي حضور سائين جي هن حڪم تي عمل نه ڪندڙ سمجهون
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ادا باغي صاحب توهان بغاوت ڪري سچ چيو آهي ته سڀ عرب اهڙا نه آهن، هون به هر قوم ۾ سڀ هڪجهڙا ناهن هوندا، ڇا اسان جي سنڌي قوم ۾ ڪجهه اهڙا ماڻهون نه آهن جن سنڌ، سنڌي ٻولي، سنڌي ماڻهن کي سياسي سماجي علمي ادبي ۽ شعوري نقصان ڏنو آهي۔ ( جن ۾ سنڌ جا وڏيرا ڀوتار گادينشين پير مرشد لٽيرا هڏ حرام شامل آهن ) باقي ڀاء تاريخ ڀري پئي آهي، ڪنهن به گهٽايو ڪونهي۔ نه عربن نه عجمين نه سيدن، نه عموين ، نه عباسين، اگر ڪربلا جو واقعو ٿا ڏسون ته ان ۾ به سڀ هڪ ٻئي جا عزيز ۽ رشتيدار ئي آهن جنهن ۾ تقريبن سڀ مسلمان ئي هئا۔ جن اسلام قبول ڪيو هو، مگر لالچ ُ لوڀ جي ڪري اقتدار جي پويان لڳا رهيا۔ ( جيئن اڄ جا مسلمان اقتدار جي پويان آهن، پوء ڇا انهن اڄ جي مسلمانن کي به ڪافر چونداسين، نه ڪڏهن به نه، انهن کي گنهگار،ته چئي سگهون ٿا، مگر غير مسلم يا ڪافر نه ٿا چئي سگهون۔مطلب ته هر ڪنهن جو ڪردار آهي، ۽ هر ڪو پنهنجو ڪردار پيو ادا ڪري۔
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    بحث کي جامع بڻائڻ گهرجي
    مدلل انداز سان جيڪڏهن بحٿ ڪجي ته ڳچ ڳجهين ڳالهين جي ڳنڍ به کليو پئي ٿي ۽ پروڙ پئجيو وڃي ٿي ته سنڌي نوجوان ڪيڏا نه سچيت ٿي ويا آهن۔
    ابن قاسم جي ايامڪاري ۾جيڪو حشر سنڌ پرڳڻي جي آدي واسين سان ٿيو، اهو تاريخ جي بدترين دور ۾ ڳڻجي ٿو۔ڦٽڪار ٿئي ٿي انهن تي، جن سنڌ ۽ سنڌين کي جڳ جهان م خوار خراب بڻائي پيش ڪيو۔

    هن علمي بحث ۾ حصو وٺڻ لا هڪ ٻئي جي دل آزاري کان پاسو ڪرڻ ضروري آهي
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    محترم سائين ممتاز علي وگهيو صاحب۔۔ڳالهه ته صاف ٿي وئي ته پو هي بحث ڇاجو آهي۔۔ جڏهن ڳالهه اسلام جي پهريان اچڻ يا پو اچڻ جي آهي ئي ڪون؟ ته پو اوهان جي ڳالهين ڪرڻ جو ڪو به مقصد ڪونهي ۔۔باقي عرب اهڙا آهن يا سنڌي به اهڙا ئي آهن واري ڳالهه ته آهي ئي ڪون؟ مسئلي کي ڪنهن ٻئي بحث ۾ اُلجهائڻ کان بهتر آهي ته اهو سمجهڻ گهرجي ته ته بن قاسم سنڌ سان ڪهڙا ڪلور ڪيا؟ انهن ڪلورن کي وري اسلام جو لبادو اوڍي حقيقتن کي لڪايو ويو جيڪو سراسر سنڌ جي تاريخ سان ويساهه گهاتي آهي۔۔بس بحث آهي ئي اهو۔۔باقي ڪير ڪهڙو آهي ان کي ڇڏي ڏيو، ڪنهن به جنگ جو، ڪنهن به ڪربلا جو، ڪنهن به اُم المومنين جو ذڪر ڪرڻ اوهان کي نٿو سونهين۔ ڇو ته اهو سڀ ڪجهه هن موضوع سان لاڳاپيل ئي ڪونهي، پو اهڙو بحث ڪري حقيقت کي ڇو ٿا لڪايو۔۔حقيقت کي مڃون۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ادا مان ائين ڪو نه ٿو چوان ته ڪو فلاڻو فرشتو آهي پر مان اهيو ٿو چوان ته ڪنهن به هڪ ماڻهون کي ٽارگيٽ نه ڪريو، اهڙا ڪارنامه ٻين به ڪيا آهن جنهن کي اسلام جو رنگ، اهل بيت جو رنگ، سيد جو رنگ، ۽ خبر ناهي ڪهڙا ڪهڙا رنگ ڏنا ويندا آهن، انهن کي به سامهون آڻيو۔ صرف ائين نه ٿيڻ گهرجي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔جنهن لاء عام ڪهاوت آهي ته۔ هي حب علي ناهي پر هي بغز معاويه آهي۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    منهنجا سائين هن موضوع ۾ ڳالهه ئي هڪ سنڌ جي ڏوهاري جي ٿي رهي آهي ته پوءِ ٻين جا ڪارناما ته الڳ رهيا۔۔موضوع جو بحث ئي ان هڪ ماڻهو تي آهي ته پوءِ ٻين جي هتي ڳالهه ڪري موضوع کي ڇو منجهائجي۔۔ پر اوهان جي ڳالهه اها درست آهي ته اهڙي جيڪي به ڪردار آهن جن تاريخ ۾ يا اڄ به سنڌ ۽ سنڌي قوم کي ايذاءُ ڏنو آهي انهن کي وائکو ڪجي ڀل اُهي هاڻ جا سيد، پير، چو نه هجن۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    هن ئي مضمون جي مناسبت سان هڪ ونڊ مون اڳ ڪيو هو موقعي جي مناسبت سان ٻيهر هت پيش ڪريان ٿو .

    محمد بن قاسم رح بابت غلط فهمين جو تحقيقي جائزو۔

    محمد بن قاسم رح سنڌين لاءِ هڪ عظيم شخصيت رهي آهي . محمد بن قاسم جي ذريعي سنڌ ڪفر ۽ بت برستي مان ڦري ، دار الاسلام جي صورت اختيار ڪئي . سنڌ ۽ سنڌين تي محمد بن قاسم جا ايترا ته اڻ ڳڻيا آحسان آهن ، جو سنڌي ماڻهو قيامت تائين سندس احسانن کي وساري نه سگهندا ، محمد بن قاسم جي ذريعي سنڌي اهڙي تهذيب جا حامل ۽ علمبردار بڻيا ، جيڪا نوراني ۽ ملڪوتي تهذيب آهي ، جنهن تهذيب سنڌي ماڻهوءَ کي ڌرتي تان کڻي آسمان تائين پهچائي ڇڏيو ۽ تاريخ ۾ سنڌ ۽ سنڌين جو نالو پاڪيزه تهذيب جي علمبردارن جي حيثيت سان روشن ڪيو . محمد بن قاسم جي بدولت سنڌ باب الاسلام بڻجي وئي . محمد بن قاسم جي ڪري سنڌ ۾ علم ۽ ادب جا وهڪرا وهڻ لڳا ۽ روحانيت۽ معرفت جي دريا پلٽجڻ لڳا .

    محمد بن قاسم سنڌ کي جنهن تهذيب سان آشنا ڪيو ، انهيءَ تهذيب سنڌ ۾ لکين بزرگن ، فاضلن ، عالمن ۽ اهل الله کي جنم ڏنو . سڀ کان وڏي ڳالھ اها ته محمد بن قاسم جي ذريعي سنڌين جي فڪر ۽ نظر جو رخ تبديل ٿيو ، وحدانيت ، رسالت ۽ آخرت جو عقيدو سنڌي فڪر جو بنياد بڻجي ويو . اهڙي طرح محمد بن قاسم سنڌين کي دنيا ۽ آخرت ٻنهيءَ جهانن ۾ نجات ۽ ڪاميابي جي واٽ ڏيکاري . اهڙي عظيم شخصيت جي احسانن جو ڪهڙو شمار ڪري سگهجي ٿو . قدر شناس قومون پنهنجي محسنن کي دلين ۾ سانڊينديون آهن . محمد بن قاسم جي آندل پيغام ، فڪر ۽ تهذيب 13 سو سالن تائين سانڍي ، يقينن سنڌين پنهنجي محسن جو حقيقي قدر ڪيو آهي .
    محمد بن قاسم جي آمد جي ڪري هندو تهذيب بدران عالمي اسلامي تهذيب جو حصو بڻجي وئي . ان ڪري چچ جي دور حڪومت کان وٺي سنڌ کي هندو تهذيب ۾ جذب ڪرڻ جو جيڪو عمل شروع ٿيو هو ان کي ڪاپاري ڌڪ لڳو . هندو تهذيب جي علمبردارن کي يقين هو ته
    محمد بن قاسم جي هٿان جنهن اسلامي تهذيب کي مان مرتبو مليو آهي ، هندن جي هٿان جلد ئي هن تهذيب کي ڀڃڻو پوندو پر سندن آرزو آرزو ئي رهي ۽ اسلامي تهذيب 13 سو سالن تائين سنڌ ۽ سنڌين جي مزاج جو حصو بڻجي وئي . هندستان جي تقسيم کان پوءِ پاڪستاني حڪمرانن جي غلط سياسي فيصلن مان فائدو وٺندي پهريون دفعو هندو تهذيب جي حامين کي اهو وجه مليو جو انهن محمد بن قاسم ۽ اسلامي تهذيب تي سڌو سئنون حملو ڪري ڏنا .
    هوئين ته اها هڪ تاريخي حقيقت آهي سنڌ ۾اسلامي تهذيب کي هندو تهذيب جي علمبردارن جي پاران پهرين ڏينهن کان وٺي جيڪو چيلنج مليو هو تاريخ جي مختلف دورن ۾ اهو چيلنج برابر موجود رهيو ۽ هندو ذهن هميشه اسلامي تهذيب کان پنهنجي ترقي ۽ واڌ ويجه لاءِ خطرو پئي تصور ڪيو . هن ڪري هندو تهذيب جي علمبردارن سنڌ ۾ مسلسل اهڙي حڪمت عملي اختيارڪئي ، جنهن سان اسلامي تهذيب ڪمزور ٿئي ۽ هندو تهذيب کي غلبو حاصل ٿئي پر اسلامي تهذيب جي امتيازي نشانن ۽ مسلمانن جي سياسي قوت ۽ سنڌي بزرگن جي اختيار ڪيل روادارانه ، حڪمت ۽ ڏاهپ تي ٻڌل پاليسي سبب هندو تهذيب جي علمبردارن کي هن ڏس ۾ ڪاميابي حاصل نه ٿي سگهي . پر پاڪستان بڻجڻ کان پوءِ ڪن مايوس دانشورن جي ردِ عمل واري نفسيات مان فائدو وٺي هندو تهذيب جي علمبردارن پهريون دفعو محمد بن قاسم جي شخصيت ۽ اسلامي تهذيب تي سڌو سئنون حمله ڪري ڏنا ۽ محمد بن قاسم کي ڍاڙيل ۽ ڊاڪوءَ جي حيثيت سان پيش ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي
    وئي .
    محمد بن قاسم جي شخصيت تي ايڏي وڏي حملي ڪرڻ جو مقصد صرف هڪڙو آهي اهو اهو ته جئين ته محمد بن قاسم سان اسلام ۽ اسلامي تهذيب جو گهرو تعلق آهي ان ڪري جيسيتائين محمد بن قاسم جو تقدس موجود آهي تيسيتائين سنڌي ماڻهن کي اسلامي تهذيب کان هٽائي ، هند جي بت پرستارن جي تهذيب جي رنگ ۾ رنگڻ مشڪل آهي . جئين ته مقصد اسلام جي امتيازي نشانن کي ختم ڪري ، هندستان جي هندي تهذيب لاءِ حالتون سازگار بڻايون آهن ، هن ڪري محمد بن قاسم جي ذات ۽ شخصيت تي حملو ڪري سندس تقدس ۽ احترام کي ختم ڪرڻ ضروري سمجهيو ويو . هن مقصد لاءِ ”چچ نامي“ جي ڪن ڄڙتو روايتن جو سهارو ورتو ويو ان کي بنياد بڻائي محمد بن قاسم ۽ اسلامي تهذيب جي خلاف ڪات ڪهاڙا کنيا ويا . اهڙي طرح نئي نسل ۾ اهڙو تعصب پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته سنڌ تي محمد بن قاسم جو حملو عربن جي وڌندڙ مادي ۽ جنسي جذبن ۽ خواهشن جو نتيجو هو ۽ اسلامي تهذيب عربن جي هوس پرستي ۽ جنسي جذبن جي تڪميل لاءِ هٿيار کان سواءِ ٻِيو ڪجه به ناهي . جئين ته انهيءَ مقصد لاءِ ”چچ نامي “ جي ڃڙتو روايتن کي بنياد بڻايو ويو آهي. ان ڪري اسين هتي ”چچ نامي “ جي انهن روايتن تي سنڌ جي عظيم محقق ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي تحقيق پيش ڪرڻ ضروري سمجهون ٿا .
    ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سنڌي ادب ، سنڌ جي تاريخ ۽ لطيفيات تي اٿارٽي تسليم ڪيو وڃي ٿو . انهن موضوعن کي ڊاڪٽر صاحب جيڪو ڪم ڪيو آهي ،اهو اهڙو عظيم آهي، جنهن جهڙو ڪم ٻيو ڪو به اديب ۽ محقق نه ڪري سگهيو آهي . ان ڪري اها ڳالھ بنا واڌ جي
    چئي سگهجي ٿي ته ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سنڌ جي تاريخ ، سنڌي ادب ۽ لطيفيات وڏي ۾ وڏو ڄاڻو ۽ ماهر آهي ، سنڌ جي تاريخ ۾ سندس نالو هميشه ياد رکيو ويندو آهي .
    محمد بن قاسم جي باري ۾ چچ نامي جي روايتن جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر صاحب جو چوڻ آهي ته چچ نامي اهو اوڻايون هڪ ته غير معتبر مقامي روايتن جي ڪري داخل ٿيون آهن . ٻيو ته چچ نامي جي نسخن جي نقل در نقل سبب ، اسماءِ خاص ۽ واقعات جي سنن ۾ تاريخ ۽ تصحيف ۽ عبارتن ۾ خلل سبب موجود ۾ آيون آهن ۽ ٽيون وري غلبو فارسي مترجم طرفان روايتن جي سلسلن ۾ حذف ڪرڻ رنگين عبارتن واريون طرف توجه ڏيڻ سبب واقع ٿيون آهن . ( ڏسو چچ نامو مقدمو ڊاڪٽر صفحو 33 )

    ورتل ؛ محمد بن قاسم ۽ راجا ڏاهر هڪ مطالعو هڪ جائزو ( اسلامي ۽ هندي تهذيب جي پس منظر ۾)
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. عتيق الرحمان

    عتيق الرحمان
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    361
    ورتل پسنديدگيون:
    1,270
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    اسان جي توبهه زاري آ سائين هنن مئورخن ۽ تاريخدانن جي تحقيق تمهيد جا ڪهڙا نه عجيب ترين حوالا آهن،
    اصل حقيقتن کي مروڙي ۽ ماري جهڙي طرح پيش ڪيو ٿو وڃي سو اچرج ۾ وجهندڙ آهي،
    ڪڏهن فتوي ا جاري ڪري مخدوم بلاول کي گهاڻي ۾ پيڙائي انصاف ۽ حق جو آواز بلند ڪن ٿا ته ڪڏهن انهن کي بيقصور پيش ڪري پنهجي گناهن کي ڌوئڻ جي ڪوشش ڪن ٿا،
    ڪڏهن منصور هلاج کي تڪليفون ڏئي سک جو ساه کڻن ٿا ته ڪڏهن اهو ئي منصور هلاج تاريخي ڪردار بنجيو ٿو وڃي،
    ڪڏهن امام حسين عليه سلام کي شهيد ڪري ڪربلا قائم ڪن ٿا ته ڪڏهن اهڙو ڪيس ڪندڙ اسلامي دنيا جا مڃيل حڪمران سونهري اکرن ۾ پنهجو نالو لکرائن ٿا،
    ڪڏهن هلاڪو خان ۽ چنگيز خان کي پنهجي مطلب خاطر دعوتون ڏئي مسلمانن جو قتل ڪرائين ٿا ته ڪڏهن انهن کي ظالم ۽ جابر ڪري پيش ڪن ٿا،
    اکين جي سامهون لال مسجد جهڙا واقعا ڪرائي ڏسي به انهن غاصبن کي اف به نه ٿا چون ۽ 18 ڪروڙ مسلمان فقط واه واه ڪرڻ ۾ مصروف رهندا ٿا اچن ۽ اهي جنرل پنهجي تاريخ جا بهترين جانباز ۽ عسڪري ليکيا ٿا وڃن،
    بيگناه ماڻهن کي درون جي زريعي حملا ڪرائي مارائي به انهن جي قلب کي قرار نه ٿو اچي ۽ اهي به تاريخ جا بهترين حڪمران ٿي وري وري مسلمان عوام جا منپسند هيرو ٿي سامهون اچن ٿا،
    سائين منهجا جنهن شئي جو نالو تاريخ آهي اها هڪ ڏکي شئي آهي ،اها عام حالت ۾ ايڏي سولي انداز ۾ حاصل ڪو نه ٿي ٿئي،
    ان کي حاصل ڪرڻ ۽ تسليم ڪرڻ لاء به دل گُردو کپي،،
    تاريخ توهان کي حضور پاڪ صلي الله عليه وَآله وسلم جن جي به ملي ٿي ،تاريخ توهان کي خلفائي راشدين جي به ملي ٿي،پوء انهن جو دين ڪاٿي آهي ،،، اهو به ته ٻڌايو؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟
    جنهن ملڪ ۾ توپهان رهو ٿا يا ڪو اهڙو ملڪ جيڪو توهان کي پسند هجي ان ملڪ جي حڪمران جو نالو ٻڌايو جيڪو ڪردار ۾ اسلامي نظام جو ڪردار هجي ،
    ڪو هڪ هن پوري اسلامي دنيا ۾،آهي ڪو جيڪو حضور پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم جن جي پسنديده زندگي جيئندو هجي،
    خدارا ڪنهن کي اعلي مقام ڏيڻ کان پهرين اعلي مقام ڏسيندڙ ڏانهن ڏسو،انهن جي زندگي جا مثال ڏسو ۽ پوء بيان ڪيو،
    توهان پاڪستان جي تاريخ جيڪا اکين اڳيان موجود آهي نه ٿا پيش ڪري سگهو،اها به جيڪا توهان کي ٻُڌائي ويئي آهي تنهن تي يقين رکيو ويٺا آهيو،اصل حقيقتون اهي ئي نه ٿا پروڙي سگهو،انهن کي صحيح غلط نه ٿا پيش ڪري سگهو،ته غاصبن کي مهرباني ڪري پوري قوم جو رهنما نه بنايو،
    اسان به سنڌي آهيون ۽ اسان ڪڏهن به بن قاسم جا احسانمند ڪونه آهيون،
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    سنڌ ۽ سنڌين تي محمد بن قاسم جا ايترا ته اڻ ڳڻيا آحسان آهن ، جو سنڌي ماڻهو قيامت تائين سندس احسانن کي وساري نه سگهندا ،

    واقعي اهو تاريخي هانڃهو سنڌ ۽ سنڌي ڪڏهن به نه وساري سگهندا؟؟
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. باغي عليم

    باغي عليم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 فيبروري 2013
    تحريرون:
    295
    ورتل پسنديدگيون:
    764
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    پرائيويٽ مُلازم
    ماڳ:
    ڳوٺ لاکو سومرو ٿرپارڪر
    ساڍا تيرنهن سو مڻ سون مال غنيمت سمجهي ڪنهن کنيو؟؟؟؟
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    هن ئي مضمون جي موافق هڪ ٻيو مضمون جيڪو مون اڳ ونڊ ڪيو هو ٻيهر ونڊ ڪجي ٿو اميد آهي ته دوست ساڳي نموني همت ڪري پنهنجا موقف پيش ڪندا . وَٱلسَّلَمُ عَلَىٰ مَنِ ٱتَّبَعَ ٱلْهُدَىٰٓ !
    هي ڪهڙو انصاف آهي ؟؟؟
    اوهان پنهنجي تاريخ محمد بن قاسم رح سان ڇو ٿا ڄوڙيو؟ اوهان جا هيرو ، محمود غزوني رح ۽ شهاب الدين غوري رح ڇو آهن ؟ اُهي سڀ هن ڌرتي تي لٽ مار ڪرڻ آيا هئا . اسان جي تهذيب کي تباھ ۽ برباد ڪرڻ آيا هئا . اُهي تغلق ، خلجي ، لوڌي ،سوري ، مغل سڀ ٻاهر کان آيا آهن ، جن جا ناپاڪ قدم ڪري اسان جي ڌرتي ناپاڪ ۽ تباھ ۽ برباد ٿي . امن جو هي گهوارو غلام بڻجي ويو. توهان سڀ ڪوڙ ٿا ڳالھايو ته هت مسلمان رهندا هئا . اِها صدين کان بلوچ ، سنڌين ، پنجاين ،جو وطن هو ، اِها اسان جي ڌرتيءَ ماتا هئي . هن جي تاريخ ڏاڍي پراڻي آهي ، ڪيرائي سال پراڻي ، مهر ڳوٺ ، موئن جو ڌڙو ۽ ٽيڪسيلا جا کنڊر هُن جي ڪهاڻيون بيان ڪن ٿيون . جڏهن سڄي دنيا تاريڪي ۾ ٻڏل هئي هن ڌرتي تي خوبصورت شهر آباد هئا . جن ۾ پنهنجي زماني جون نيون آرائشون ميسر هئيون. ان تهذيب جا کنڊر ٻڌائن ٿا ته اسين هن دريا سنڌ جي تهذيب جا اولاد ۽ نسل آهيون ،اسين هنن فاتحينن ۽ لٽيرن جي تاريخ کي نٿا مڃون .

    اِهي ۽ هن جهڙا ڪتيرائي سوال هِن سرزمين پاڪستان تي هُن وقت کان پڇا ڪيا وڃن پيا جنهن ڏينهن کان هِتان جي رهندڙن اهو فيصلو ڪيو هو ته مسلمان راجپوت ۽ هندو راجپوت ، سک ڄاٽ ۽ مسلم ڄاٽ ، ٻڌ گورک ۽ مسلم گورک الڳ الڳ آهن پوءِ کڻي انهن ۾ رنگن ۾ ، رگن ۾ ، زبان ۾ ، ڪپڙي لٽي ۾ هڪجهڙائي ڇو نه هُجي هڪ جهڙو کاڌو کڻي ڇو نه کائيندا هجن ، رڳو زُبان سان چند ڪلمه ادا ڪرڻ سان ، چاچي جو پٽ ، مامي جو پٽ ، توڙي جو سڳو ڀاءُ کي ٻي قوم ۾ بيهاريندا آهن .جنهن ڏينهن هن بنياد تي هندستان جي ڌرتي ماتا تقسيم ٿي ۽ منهنجي ملڪ تي الله تعالى جي نالي جي تختي هڻي وئي هن ئي ڏينهن کان اهڙا سوال ڪندڙ دانشور ، هڙّپه ، مهر ڳوٺ ۽ موئن جي ڌڙي جي کنڊرن تائين پنهنجو شجرو پهچائي ڇڏيو .

    پر مونکي حيرت هن ڳالھ تي ٿيندي آهي ته اِهي ماڻهو جيڪي هن ڌرتي ماتا سان پنج هزار سال پراڻا رشته ڄوڙين ٿا ۽ محمد بن قاسم رح ۽ محمود غزنوي رح کي لٽيرا ثابت ڪن ٿا ، انهن مان ڪو به اهڙو نه آهي جنهن جي وڏڙن جو تعلق هِن درياءِ سنڌ جي تهذيب سان هجي . سڀئي کڻي ڇو نه آرائين هجن ، ٻلوچ هجن ، سنڌي هجن ، ڄاٽ هجن ، پنجابي هجن ، پشتو هجن هن ڌرتي تي لٽيرن جيان آيا هئا . هتان جا آباد هڙّپه ۽ موئن جي ڌڙي جي تهذيب اُنهن تباھ ڪيو ۽ هتان جي پر امن باشندن کي هنن جي علائقي مان ڪڍي جبلن جي پٺيان ڌڪي ڇڏيو ۽ پاڻ هن ڌرتي جا مالڪ بڻجي ويا ۽ هن ڌرتي جا پٽ بڻجي ويا .

    اچو ته تاريخ جي پنن کي اٿلايون ته ڪنهن سڀ کان اڳ سنڌو تهذيب کي برباد ۽ تباھ ڪيو ۽ هن جي باقي نسل ڪٿي آهي ، جيڪي خيبر پختونخواھ ، سنڌ ، پنجاب ، بوچستان ۾ آباد ٿيا ۽ وڃي درياءِ سنڌ جي منڌ يعبي اتر وارن علائقن کان و+ي سمنڊ تائين خوبصورت تهذيب کي تهس نهس ڪرڻ لاءِ سڀ کان اڳ آيائي قوم وچين ايشيا کان ڪاهيندي هِتي پُهتي . هُنن جي ڌري ماتا يعني وچين ايشيا سان ايترو ئي رشتو مضبوط هو جو جڏهن هنن جي جانورن لاءَ ڳاھ ۽ انسانن لاءِ پاڻي ڏيڻ ڇڏي ڏنو ته اِهي هُن ڌرتي ماتا تي لعنت وجهندا وڃي سنڌ ماتا کي فتح ڪرڻ لاءِ اچي پُهتا . ڪيترو نه کوڪلو هوندو آهي اهو زمين ۽ وطنيت جو رشتو . اِهي اُهي آريائي قوم آهن جن جي نسل مان هن وقت هن سرزمين تي گهڻيون برادريون ۽ قبيلا رهن ٿا . سڀئي اصل ، زبان ، رت جي حوالي سان آريائي اثر رکن ٿا . اِها آريائي قوم 517 قبل مسيح ۾ هِتي اچي آباد ٿيون هنن هتي جي رهواسين ۽ هن ڌرتي جي سپوتن کي ماري ڀڄايو . هن لان پوءِ 326 قبل مسيح ۾ آتش پرست ايراني آيا . اڄ هُنن جون نسلون هتي آباد آهن، ۽ هن ڌرتي جا وارث ٿا سڏائن . پوءِ اسڪندر يوناني جو فوجون هتي آيون ۽ هنن جي پراڻن سورمن سان جنگ ٿي ۽ يوناني تهذيب جو گونج ، هن کان پوءِ 120 ء تائين موريا خاندان حڪومت ڪندا رهيا جيڪي ايرانين ۽ يونانين جي اخطلاط مان جنم وڄندڙ قوم هئي . اِهي 186 قبل مسيح ۾ هتي اچي آباد ٿي ۽ هنن جون نسلون به موجود آهن . اِهڙي نموني گهڻائي قبيلا جيڪي يوناني ۽ هندي ميل جول سان ٺهيا اهي گڏ ٿيا ۽ هنن 405ء تائين حڪومتون ڪيون ۽ پنهنجين نسلون به ڇڏيون پوءِ باڪٽريا مان ڪشن آيا ، پنهنجي ملڪ مان ڌڪيا ويا پر هتي حڪومت ڪرڻ لڳا . هنن جي زماني ۾ هزارين قبيلا آباد ٿيا.

    اها تاريخ نهايت ڊگهي آهي ۽ هتي آباد ٿيندڙ نسلن جو شجرو ڪڌنداسين ته اُهي ڪنهن نه ڪنهن لٽيري سان يا ٻاهرين حملي آور سان وڃي ملندا . پهرئين واري چيو ته اها منهنجي ڌرتي آهي ، ٻئي اچي هن تي قبضو ڪيو پوءِ هن ڌرتي کي ماءُ چئي ويهي رهيو.بلوچ شام جي شهر ”حلب“ کان آيا ۽ اها گهڻي پراڻي ڳالھ به نه آهي ، آرين کان پوءِ جي ڳالھ آهي پر سڀنن کي پنهنجو رشتو ڳنڌڻو آهي .

    سيد هجي ، ڄاٽ هجي ، افغاني هجي ،راجپوت هجي ، آرين هجي يا ٻيو ڪو ...................... سڀ جا سڀ هن ڌرتي کي فتح ڪندڙن جا اولاد آهن يا وري گهڻن فتح ڪندڙن جي رليل مليل نسل آهن . هُن کان پوءِ به چون ٿا ته محمد بن قاسم رح لٽيرو هو ، اسين هن ڌرتي ماتا جا پٽ آهيون ، سڀني کي محمود غزنوي رح ۽ شهاب الدين غازي رح جون جنگون ياد اچن ٿيون . آرين جو ظلم ياد نه آهي جيڪي هتان جي رهواسين جو نسلن کي ختم ڪري ڇڏيو . سڀنن کي اورنگزيب جي ڀائرن کي قتل ڪري بادشاھ بڻجڻ ياد آهن پر اشوڪ جي نون ڀائرن کي قتل ڪري بادشاھ بڻجڻ ياد نه آهي ۽ ڪلنگا جي جنگ ۾ ڏھ لک انسانن جي لاشن جو پهاڙ ٺاهڻ ياد نه آهي . حيرت جي ڳالھ آهي ته هن علائقي تي قبضو ڪو چين مان اچي ڪري ته اهو تهذيب جو حصو ۽ جيڪر ڪو ڪلمو پڙهندڙ اچي ته هو لٽيرو ۽ حمله آور ٿي ٿو وڃي .

    جنهن کي پنهنجي نسل ، رنگ ۽ زبان تي فخر هجي ، هن کي پنهنجي عقيدي تي فخر هجي هن کي پنهنجو هيرو بڻائي دل ۾ جاءِ ڏيڻ جو اختيار آهي ، پر جيڪي مسلمان ابن ڏاڏن جي اولاد آهن ، ڪلمو پڙهندڙن مان آهن ۽ رشتو هن تهذيب سان ڄوڙن ٿا جن هنن جي ابن ڏاڏن کي تباھ ۽ برباد ڪيو ته پوءِ حيرت ٿي ٿئي . رسول الله ﷺ جن فرمايو ته ” جيڪو پنهنجو رشتو ڪنهن ٻي قوم سان ڄوڙي اهو پنهنجو ٺڪاڻو جهنم ۾ ٺاهي ڇڏي “ . قوم جي تعريف منهنجي رسول ڪريمﷺ ڪري ڇڏيو . ابو لهب سڳو چاچو ، بني هاشم جو فرد پر هن جو منهنجي رسولﷺ سان تعلق ۽ نه ئي هن جي امت سان .

    ضرب مومن جي ٿورن سان
    سنڌيڪار ؛ افتخار علي چوهاڻ
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. عتيق الرحمان

    عتيق الرحمان
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    361
    ورتل پسنديدگيون:
    1,270
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    سائين منهجا اولاد سڀ آدم جو ئي آهن ۽ سڀ هڪ ئي آدم مان پيدا ڪيا ويا آهن سڀن جو پيدا ڪندڙ الله پاڪ ئي آهي ،هن جي هن ڌرتي تي جيڪي به غاصبانه عمل ٿيندا رهيا آهن انهن جي بهتري لاء الله پاڪ نبي پيغمبر موڪليندو رهيو آهي ،جتي به جڏهن به جن رهزنن کي ختم ڪرڻو پيو الله پاڪ اتي پنهجا بنده موڪليا آهن ۽ انهن الله جو پيغام پهچايو آهي،جن مڃيو اهي الله جي ڌاڳي ۾ رهيا جن انڪار ڪيو سي نابود ٿيندا رهيا آهن،
    اوهان کي ضرور اهيا به ڄاڻ هوندي ته هڪ لک چوويه هزار جي لڳ ڀڳ نبي آيا ڪن قومن ته انهن نبين کي به قتل ڪيو،پنهجي سفاڪارانه صفتن جي عيوض آخر اهي تباه ڪيا ويا،جيئن انهن جي طاقت ۽ عمل باقي نه رهي،پر ان جي باوجود به اصلاح پسند ماڻهن مان اڳتي هلي وري جابر ۽ ظالم پيدا ٿيندا رهيا ،
    آخر اهيو سلسلو حضرت محمد ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن تي ختم ٿيو،۽ انسان جي آدرشن ۽ سبقن جي پڄاڻي ٿي ،ان وقت ۾ سنڌ مهذب هئي امن سڪ محبت ڀائيچاري جي اوج هئي،جنهن جي ساراه ٻنهي جهانن جي سردار پاڻ ڪئي،
    ان حالت ۾ جڏهن پاڻ سڳورا هن دنيا مان ظاهري برقعو مٽائي چڪا ته انهن ٽولن پنهجا ڪم ڏيکارڻ شروع ڪيا،۽ فقط سٺ سالن جي عرصي ۾ اسلام جي عظيم سپاهين ۽ آقائي دوجهان جي جان نثارن کي پي درپي شهيد ڪري پنهجي بربريت کي ظاهر ڪيو،
    ۽ پنهجي حاڪمانه خواهشن کي نظر ۾ رکندي معصوم بيگناه مسلمانن تي تشدد جو سلسلو جاري رکيو،
    ايتريقدر جو ان وقت آلِ رسول پنهجي آقا جي دين کي بدلجندي ڏسي مسلسل جيل بندشون ۽ سختيون ڏٺيون ،انهن تي به انهن ظالمن جو قدم نه رڪيو آخر آلِ رسول صلي الله عليه وسلم جن تي ڪربلا ڪري پنهجي اصل خواهش کي ظاهر ڪري ڏيکاريو،
    جنهن کان پوء امت مسلمه تي تشدد جا پهاڙ کڙا ڪيا ويا ،انهن کي تيستائين سڪون ڪو نه ايندو هو جيستائين ڪنهن به حق جي پوئلڳ جو سر قلم نه ڪندا هئا ۽ سر عام تشدد ڪري عوام ۾ خوف نه پيدا ڪندا هئا،
    اڄ تائين هنن جي اهيا باقيات حۡڪومت ڪندي ٿي اچي ۽ سارو عوام الله رسول جي دين کي ڇڏي ظالمن جي بيعت ڪندا ٿا رهن،
    اڄ به جن حڪمرانن کي تسليم ڪري جيئو ٿا اهي سڀ ان باقيات جو نسل آهن ۽ پنهجي ظالم آقائن جي پوئلڳي ڪندي انهن جي پيدا ڪيل قانونن کي تسليم ڪندي انهن جي حڪمن تي ڪنڌ جهڪائي جيئن ٿا،
    اڄبه آل رسول جي حڪمن جي پوئواري ڪندڙ هنن جو دشمن آهي اڄ به ان کي سرعام تشدد جو نشانو بنايو ٿو وڃي،
    حيرت ان ڳالجه جي آ ته جن اسلام جي بانين جي توهان ڳاله ٿا ڪيو ۽ انهن جو آندل دين ڦيلايو ٿا انهن جو ڪهڙو عمل رسول پاڪ يا انهن جي جاننثارن خليفن جي طرزعمل جو آهي،جن جي ساراه ۾ پنا ڪارا ڪري ٿا ڇڏيو،
    ڇو انهن کي اسلام جي بانين جي زندگي ڏکي ٿي لڳي،؟؟؟؟؟؟؟؟۽ انهن جي پيروي ڪرڻ ۾ هڪ قدم کڻڻ هنن کي ڏکيو ٿي لڳو،،،،،،،،
    سائين منهجا اگر توهان اسلام جي ڳاله ٿا ڪيو ته انهن جو اسلام ڏيکاريوجيڪي الله ۽ رسول تي ايمان آڻي پنهجا مثال قائم ڪري چڪا ۽ پنهجي جان جو نذرانو پيش ڪري ويا،
    سونن ٿانون ۾ ڪهڙي خليفي جام پيتا ۽ سون جون پوشاڪون پاتيون،؟؟؟؟؟؟؟؟
    ڪهڙي نبي کي هنن ائين ڪندي ڏٺو؟؟؟؟؟؟؟؟
    ڪهڙي قرآن ۾ اهڙو حڪم آهي جنهن جي تعليم تي اثرانداز ٿي اسلام جي دعوت ڏيڻ لاء تڪليفون سهندا رهن ٿا،
    هي ته انهن رهزنن کان بدتر آهن جيڪي پنهجي وقت ۾ جاهل ئي هيا پر سڌريل هيا،
    هنن وٽ ته الله جو پورو قانون ۽ رحمت درس لاء موجود هئي انهن تي ڇو ڪونه اثرانداز ٿي،،،،،،،،،،،،
    مونکي رڳو اهيو ٻڌايو ته ڪهڙي اسلامي ملڪ جو بادشاه اڄ الله رسول جي قانون جي پوئواري ڪري ٿو،؟؟؟؟؟؟؟؟
    پوء هي جنهن اسلام جي جهنڊي هيٺ دعوا ڪن ٿا ،ڇا الله جي رسول جو اهيو ئي پيغام هو يا آهي جيڪو پهچائن ٿا،
    ڇا الله جي رسول انهن کي کلي اجازت ڏني هئي ته توهان جيئن مرضي ڪريو باقي رعيت کي موچڙا هڻي به پنهجي بيعت ڪرايو،
    نعوذبا الله
    ڇا اهي لفظ توهان ڪو نه ٻڌا آهن ته رسول پاڪ صلي الله عليه وسل جن هڪ سفارش تي هيئن به فرمايو ته ::اگر فاطمه بنت محمد به چوري ڪري هان ته ان جو به هٿ ڪٽيو وڃي هان::
    پوء اڄ اهيو قانون ڪهڙي ملڪ ۾ رائج آهي زرا اهيو ته ٻڌايو،،،،،،،،
    توهان به اسلام جي ملڪ ۾ رهو ٿا ۽ اهڙِ ئي ڪنهن حاڪم جي بيعت ڪيو ٿا ڇا اسلام جو هڪ فرض به ادا ٿيندي ڏسو ٿا ،
    هنن جي تاريخ به مسلمانن جي نالي سان لکي ويندي ۔جيڪي مسلماني جي شڪل رکندڙ کي دهشتگرد قرار ڏئي انهن جي خاندانن کي ڊرون حملن زريعي تباه وبرباد ڪن ٿا پيا،
    اهڙي طرح ئي جن جو زڪر توهان ڪري آيا آهيو اهي به مسلمان حڪمران هئا ۽ اهڙو ئي ڪم ڪندي سرخرو ٿيا،
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. باغي عليم

    باغي عليم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 فيبروري 2013
    تحريرون:
    295
    ورتل پسنديدگيون:
    764
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    پرائيويٽ مُلازم
    ماڳ:
    ڳوٺ لاکو سومرو ٿرپارڪر
    ادا توهان جا دليل ڏاڍا ڪارائتا آهن انهن کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي۔
    اسان توهان جي بيان ڪيل حملي آورن مان ڪنه کي به پنهنجو هيرو تسليم نه ٿا ڪريون
    ظاهر آهي جيڪو ٻاهران ايندو اهو مقامي ماڻهن تي ظلم ئي ڪندو ڪو گلن جا هار نه پارائيندو
    پر اهي سڀ ماڻهو آهستي آهستي هتان جا ٿي ويا ۽ انهن اسان جي ٻولي ۽ اسان جو ڪلچر اپنايو
    انهن پنهنجو پاڻ کي سنڌي سڏايو۔۔انهن هتان جون نياڻيون کڻي تنهنجي عرب سڳورن جيئن
    بغداد جي ڪوٺن ۾ نه وهاريون،۽ نه ئي هتان جو سون،اناج ۽ ٻيون شيون پنهنجي ملڪ کڻي ويا،
    اهي هتي آيا ۽ هتي رهي پيا۔هتان جا ٿي ويا۔عرب ته ظالم هئا هتان جي هر شئي پوء اهو اناج هجي،سون هجي،سٺا
    جانور هجن سڀ کڻي ويا نڀاڳا۔۔۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  16. راشد خان

    راشد خان
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2013
    تحريرون:
    11
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڪوڙي تاريخ ۽ ڪوڙن ڪصن پڙهڻ ڪان بهتر قران پاڪ ۽حديث جو متالعيو ڪجي ت بهتر هوندو. باقي تاريخ ت توهان ۽اسان ب لڪي سگهون ٽا مامل.... اسلام آڻڻ لا۽ ڪهڙن شين جي ضرورت پوندي آهي ۽اسلام آڻڻ ڪان پو۽ ان ت عمل ڪرايڻ لا۽ ڪهڙا قدم ڪڻجن ان جي تفصيل توهان ڪي حديث پاڪ ۽ قران پاڪ مان ملندي توهان ٽورو حديٽ شريف ۽ قران پاڪ جو مطالعيو ڪريو .....
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  17. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    پر مونکي حيرت هن ڳالھ تي ٿيندي آهي ته اِهي ماڻهو جيڪي هن ڌرتي ماتا سان پنج هزار سال پراڻا رشته ڄوڙين ٿا ۽ محمد بن قاسم رح ۽ محمود غزنوي رح کي لٽيرا ثابت ڪن ٿا ، انهن مان ڪو به اهڙو نه آهي جنهن جي وڏڙن جو تعلق هِن درياءِ سنڌ جي تهذيب سان هجي . سڀئي کڻي ڇو نه آرائين هجن ، ٻلوچ هجن ، سنڌي هجن ، ڄاٽ هجن ، پنجابي هجن ، پشتو هجن هن ڌرتي تي لٽيرن جيان آيا هئا . هتان جا آباد هڙّپه ۽ موئن جي ڌڙي جي تهذيب اُنهن تباھ ڪيو ۽ هتان جي پر امن باشندن کي هنن جي علائقي مان ڪڍي جبلن جي پٺيان ڌڪي ڇڏيو ۽ پاڻ هن ڌرتي جا مالڪ بڻجي ويا ۽ هن ڌرتي جا پٽ بڻجي ويا .

    مڃون ٿا ته جيڪي به ماڻهو پنهنجي وارثي سنڌ سان ڳنڍين ٿا اهي کڻي ڪنهن به ڌاري قابض جي فوج سان گڏ آيا هوندا ۽ پو هتي جا رهاڪو بڻجي رهي ويا ۽ هتان جي ٻولي ۽ تهذيب ۾ رنگجي ويا۔۔۔ائين ته پو ڪوفا جا ڪيترا ئي غريب، مسڪين ۽ لاچار ماڻهو به يزيد جي دٻدٻي ۽ ان جي عبرتناڪ سزا ملڻ جي ڊڄ کان ڪربلا جي ميدان ۾ اچي بيٺا اُهي نه چاهيندي به اما حسين رضي الله ٿعلي ا عنه سان جنگ جوٽي بيٺا پر انهن منجهان ڪي حُر رضه جهڙا به پشيمان ٿي حُسيني رضه جي لشڪر ۾ شامل ٿي ويا۔۔۔۔هاڻ جيڪي ڌارين سان گڏ سنڌ جا رهاڪو ٿي ويا ان جو مطلب اهي امن پسند هيا انهن کي هن ڌرتي کي ازيت ڏيڻ نه پيو سونهي تڏهن اهي هتي جي مٽي سان نينهن نڀائي ويهي رهيا۔۔۔هاڻ جيڪڏهن ڪلمو پڙهندڙ محمد بن قاسم کي هيرو قرار ٿا ڏيون ته بابا هي ڪلمو پڙهندڙ سپهه سالار آهي ته پو يزيد جي قبر تي به هڪ پڙ وجهي اچڻ گهرجي ته اهو به ته ڪلمو پڙهندڙ مسلمان آهي۔۔۔فيصلو توهان تي آهي ته توهان ڪنهن به غاصب کي صرف ان ڪري ٿا هيرو بڻايو ته اهو ڪلمو پڙهندڙ آهي؟؟۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  18. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جن دوستن سندهي اسكول م تعليم ورتي آهي كيس صلاح دجي تهي ته سماجي ابهياس كتاب جو مطالعو كري جنهن م محمد بن قاسم جو سندهين سان بهترين سلوك كان علاوه سارو قصو بدهايو ويو آهي.
    ها جيكدهن كنهن اسكول م اجي استاد كان تعليم ورتي هوندي ته ان ضرور اهو سبق استاد كان برهيو هوندو.
    باقي جي سال م هك امتحان وارو دينهن اجي سي به كابي ذريعي باس تهيو هوندو ته ان كي سنده جي تاريخ . فاتح سنده جي هستري. استاد ء كتاب جي كهري خبر!!!
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  19. عتيق الرحمان

    عتيق الرحمان
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    361
    ورتل پسنديدگيون:
    1,270
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڳاله سمجه ۽ پوئلڳي جي آهي ،جيڪو جنهن جو پيروڪار آهي اهو ان جي پچار ڪندڙ آهي،
    سڀ ڪجهه ثابت ڪري سگهو ٿا پر اهيو الائي ڇو ٻڌائڻ کان لنوايو ٿا ته حضور پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم جن جو آندل دين ۽ ڏسيل واٽ هن دنيا جي ڪهڙي ملڪ ۾ رائج آهي،اهو ڪهڙو حاڪم آهي جيڪو ڪلمو ته پڙهيل آهي پر اسلام کان به واقف آهي ۽ پنهجي نبي جي پوئلڳي ڪندي زندگي گزاري رهيو آهي؟؟؟؟؟؟؟
    باقي حوالا ۽ تاريخ جا داستاب کُٽڻ جا ڪو نه آهن ،،،،،،،
    دل ڪڍيوَ ته حقيقت کي تسليم ڪندي پاڻ ۾ تبديلي آڻيو ۽ اصل دين جي پرچار ڪري ڏسو،سمجهه ۾ اچي ويندو اوهان کي ته اصل دين ڪاٿي آهي،باقي ادا اسان بغير تڪليف سهڻ جي دين جا ٺيڪيدار لڳا پيا آهيون،
    ڪراچي ۾ سر عام ظلم ڪيو پيو وڃي۽ ظالم ڀڀڪيون ڏئي پيو ٻڌائي پر اسلامي ملڪ جا حڪمران خاموش آهن۽ ان کي مڃائڻ لاء گوڏا کوڙي منٿو ڪن ٿا ۽ 18 ڪروڙ عوام تماشا پيو ڏسي،۽ اسان مسلمان ڪلمي ۾ خوش آهيون،
    اسان ته ٻڌو آ ته اگر پاڙي ۾ ڪو صاحب حيثيت رهي ٿو ۽ ڪو بکيو رهجي ويو ته اهو به دين مان خارج آهي هتي تي بکين جو مال کايو به ڏڪار ڪو نه ٿي اچي،
    زور سبقن تي ،،،ادا سبق به پڙهيا اٿئون،پر سبق وارو سلوڪ ڪاٿي به نظر ڪو نه آيو آهي،
    جيڪي ڪجهه سبقن ۾ لکيل آهي اهيو به ٻڌايو ته اوهان جي ملڪ ۾ اهڙو ڪو عمل به آهي جنهن تي هلي ڪجهه ڪرڻ جو اختيار هجي،


    حقيقت کي تسليم ڪرڻ گناه ڪونهي پر خدارا اها حقيقت پسو جيڪا حقيقت هجي ،
    حق چوڻ وارا ماريا ٿا وڃن پيڙيا ٿا وڃن اڳي به ايئن ٿيو آهي هاڻي به ائين ٿئي پيو،

    جي ائين هجي هان ته الله پاڪ هيئن ڪو نه فرمائي هان
    ته
    قسم آهي عصر جو،
    انسان خساري ۾ آهي
    سواء انهن جي،
    جن ايمان آندو، ۽
    جن چڱا ڪم ڪيا،
    جن حق ڪيو ۽ حق جي تلقين ڪئي
    جن صبر ڪيو ۽ صبر جي تلقين ڪئي،

    اسلام جي آخري صورت يا شڪل اهيا آهي،اهيو واضع آئينو آهي ،پرکڻ جو،۽ پروڙڻ جو ،
    باقي انسان کان نفرت جو سبق ڪنهن به نبي ڪو نه ڏنو،
    هي الله پاڪ جا انسان ڪيڏا به خراب رهيا پر الله پاڪ انهن ڏانهن پيغمبر موڪليندو رهيو ۽ انهن کي سمجهائيندو رهيو نه سمجهڻ جي صورت ۾ سزا به ڏيندو رهيو،
    آخر رحمت اللعالمين جي اچڻ کان پوء سزا ختم ڪئي ويئي،
    ۽ جهنم ۽ جنت جو انعام مقرر ڪيو ويو،
    جهنم وارا به ظاهر ڪري ٻڌايا ويا آهن،ته جنت وارا به ظاهر ڪري ٻڌايا ويا آهن،
    عمل ۾ سڀ ڪجهه رکي ڇڏيو آهي جيڪو جنهن عمل جنهن ڪردار جو مالڪ هوندو ان کي ان جو پورو پورو بدلو ملندو،
    اگر جي ڪو ڏاڍو پوري دنيا جيترو مال يا دولت ڏيڻ چاهي ته به هڪ گناه کان معافي نه ٿو وٺي سگهي،
    ۽ مظلوم جي آه کي ڪو به روڪي نه ٿو سگهي،
    ظالم لاء ان جو پنهجو ڪردار آهي ،
    مظلوم لاء پنهجو،
    اسان جي ڌرتي ظالمن جي چنگل ۾ رهي آهي،
    اڄ به بنا ڪنهن سبب جي هتان جي ماڻهن تي اهڙو ئي ظلم ڪيو پيو وڃي ۽ ملڪ جا مسلمان حاڪم ئي ڪري رهيا آهن،
    اڄ به هن قوم جا ڪونڌر بنا سبب جي قتل ڪري ڏيکاريا ٿا وڃن،اڄ به هن قوم جي حق چوڻ وارن کي ڪو نه ٿو بخشيو وڃي اهي به توهان جا ڪلمي گو آهن،اڄ به اهي حق چوڻ وارن تي ڪافر جون فتوائون جاري ڪري قتڪ جا پروانا جاري ڪندا رهن ٿا،
    اهڙا ئي اسلام جا ٺيڪيدار اڳي به هيا هاڻي به آهن،
    فرق صرف ايترو آهي ته اڳ۾ ڪاهون ڪري ايندا هئا،
    هاڻيانهن جي باقيات جي صورت ۾ موجود آهن،
    پر آهن ڪلمي گو،آهن مسلمان جرنل،۽ انهن جا حمايتي،
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  20. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI

    جيتري قدر اوهان جي پهرين ڪوٽ سمجھ ۽ پوئلڳي جي پچار جي آهي ته سهڻا سائين اوهان پاڻ استاد رهي چڪا آهيو، مهرباني ڪري پنهنجي سرڪاري اسڪول جي ڇهين درجي جو ڪتاب سماجي اڀياس کڻي ڏيو، ان کان پو ان جو ستون باب صفحو نمبر 66 ڏکڻ ايشيا ۾ اسلام جو اچڻ به کوليو جنهن ۾ واضح طور عنوان ڏنا ويا آهن:
    اسلام جي اچڻ کان اڳ ڏکڻ ايشيا جي حالت: ان ۾ ۽ ان کان هڪ باب پهرين ۾ ڏکڻ ايشيا ۾ جيڪي حالتون هيون اسلام اچڻ کان اڳ جنهن ۾ هندو مذهب جي ذات پات وغيره سڀ ڪجھ اچي ٿو وڃي، ان کان پو سنڌ ۾ مسلمانن جو اچڻ، ان کان پو محمد بن قاسم جو تعارف ان کان پو ديبل ۽ ملتان جي فتح ان کان پو ٿورو غور سان هي عنوان تفصيل سميت ضرور پڙهجو: محمد بن قاسم جو ڏيهي ماڻهن سان سٺو ورتا، جنهن ۾ لکيل آهي:
    سنڌ فتح ڪرڻ کان پو محمد بن قاسم هتان جي ماڻهن سان انصاف، راواداري ۽ دريا دلي جو سلوڪ ڪيو، هن راجا ڏاهر جي دور وارن عملدارن کي عهدن تي ٻيهر مقرر ڪيو، جنگ ۾ جن ماڻهن کي نقصان پهتو هو، تن جي مدد ڪئي وئي، غريبن ۽ بي سهارن کي سهارو ڏنو ويو، ڏيهي هنرمندن ۽ ڪاريگرن جي حوصلي افزائي ڪئي وئي، سموري فتح ڪيل علائقي ۾ امن امان بحال ڪيو ويو، ٽپال جو سهڻو انتظام ڪيو ويو، عراق ۽ عربستان سان پيغام رساني ۽ اچ وڃ جو سلسلو قائم رکيو ويو، انصاف جي گهرجن مطابق ماڻهن سان برابري ۽ غير جانبداري وارو ورتا ڪيو ويو، غير مسلمانن کي مذهبي آزادي ڏني وئي، ڪنهن به مندر يا ٻي عبادتگاھ کي نقصان نه پهچايو ويو، هندن کي نون مندرن ٺهرائڻ لا مفت زمين ڏني وئي،، هر ننڍي وڏي سان محبت  شفقت وارو ورتا ڪيو ويو ان سٺي سلوڪ ۽ رويي غير مسلمانن کي ڏاڍو متاثر ڪيو، محمد بن قاسم ساڍا ٽي سال سنڌ ۾رهيو ۽ جڏهن حجاج بن يوسف کيس عراق واپس گهرايو ته ماڻهون سندس وڇوڙي تي روئڻ لڳا۔

    سائين عتيق الرحمن صاحب: يقين ڪريو هي لفظ مون نه لکيا آهن، سنڌي ٻارن کي جيڪا ننڍپڻ ۾ تعليم ڏني ٿي وڃي اسڪولي ماحول ۾ استاد هٿان اها ته هي آهي، يقين ڪريو ته هي ڪتاب ڪنهن مُلي ناهي لکيو! بلڪه سنڌ ۾ سڀني کان وڌيڪ قومپرست سڏرائڻ وارا دوست هن کتاب جي سگيڙڻ ۾ شامل آهن۔
    مثال طور ڪتاب جي شروع ۾ ٽيڪنيڪل پيج تي اوهان ڏسي سگهو ٿا:
    نگران اعلا: قادر بخش رند: چيئرمين سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ
    ترجمو: تاج جويو
    نگران: قائم الدين بلال
    غلام محي الدين بليدي

    ته سائين منهنجا: سنڌ جا هي ارڏا ۽ ڏاها اسان کي ۽ اسان جي ٻارڙن کي ننڍپڻ ۾ ئي اها لولي ڏئي اهي سبق ٿا پڙهائين ته پو هي ڌاڙيل ڪير آهن جيڪي اسان کي زهر جي لولي پيا ڏين ۽ اسان جي ٻارڙن کي پڻ؟؟!!
    هي ڌاڙيل ڪير آهن جيڪي اسان جي سنڌي اسڪول ۾ مقرر نصاب ۾ سنڌي ارڏن ۽ ڏاهن جي ڏنل سبق جي بلڪل ابتڙ ٿا سبق ڏين؟؟!!
    يقينن هي اهي نادان آهن جيڪي هندو مذهب وارن جي خوشامند ڪري اسلام ۽ اهل اسلام سان نفرت ۽ غلط ورتا ڪري ۽ غلط ترجماني ڪري هڪ ته هندن جي خوشامند ٿا ڪن جيڪي يقينن اسلام جو اچڻ پنهنجي خطي ۾ برداشت نه ڪري سگهيا، ۽ ٻي طرف هي نادان دوست پنهنجي دين ۽ ايمان کي به نادانائي ۾ خطري ۾ ٿا وجهن!!

    سائين جن جي ٻي ڪوٽ ۾ لکيو آهيو:
    سڀ ڪجهه ثابت ڪري سگهو ٿا پر اهيو الائي ڇو ٻڌائڻ کان لنوايو ٿا ته حضور پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم جن جو آندل دين ۽ ڏسيل واٽ هن دنيا جي ڪهڙي ملڪ ۾ رائج آهي،اهو ڪهڙو حاڪم آهي جيڪو ڪلمو ته پڙهيل آهي پر اسلام کان به واقف آهي ۽ پنهجي نبي جي پوئلڳي ڪندي زندگي گزاري رهيو آهي؟؟؟؟؟؟؟

    ته سائين ان ۾ به مفت خور مُلن جو ئي ڏوھ آهي!! جن ڏنڊي جي زور بجا محبت سان توهان اسان کي دين اسلام جو سبق ڏنو۔

    سائين ٽين ڪوٽ ۾ لکيو آهي:
    باقي ادا اسان بغير تڪليف سهڻ جي دين جا ٺيڪيدار لڳا پيا آهيون،
    ته سائين شايد اوهان جو مقصد هي آهي ته اسان جي پاڪ وطن تي الله نه ڪري افغانستان، عراق، فلسطين، شام، يمن، مالي، برما، بنگلاديش، صوماليه جهڙو وقت اچي، جن جي صليبي ڪافرن گهر ٻار سڀ ڪجھ تباھ ڪري ڇڏيو، صرف ان لا ته هو مسلمان آهن، هاڻي انهن تي جڏهن ايڏيون تڪليفون آيون آهن ته انهن کي پنهنجي اسلام سان محبت سوائي ٿي وئي آهي، شايد اوهان جي چوڻ جو مقصد به اهو آهي ته اهڙيون ڪي تڪليفون ڏسون پو سهڻي دين جا ٺيڪيدار بڻجون؟؟!!!!


    الله سائين اسان کي سمجھ ڏئي جو هندن جي خوشامند ۾ ايڏو پري نه نڪري وڃون جو پنهنجي دين ايمان جي حفاظت ۾ خطرو اچي وڃي۔

    باقي اهڙي انڌي قوم پرستي تي مان لک دفعا لعنت ٿو وجهان جيڪا مونکي الله تعالا جي قرآن مجيد ۽ رسول الله صلا لله عليه وآله وسلم جن جي تعليمات کان پري ڪري۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو