ادا سليمان وساڻ صاحب لک شاباس هجي اوهان جي محنت ۽ ڪوشش کي. جو توهان پنهنجي قيمتي وقت مان وقت ڪڍي ڪري سنڌ سلامت جي دوستن لاء ڊجيٽلائيز ڪتاب مهيا ڪري ڏيو ٿا.ادا اوهان جيڪي به ڪتاب سنڌ سلامت تي ونڊ ڪيا آهن (پنهنجا، ۽ ٻين دوستن جا ڪمپوز ڪيل ) تقريبن سڀ جا سڀ ڪتاب پاڻ وٽ ( سسٽم ) ۾ محفوظ ڪري ڇڏيا آهن جن کي وقت جي صحولت جي حساب سان پڙهندو رهندو آهيان.ادا ڪڏهن ڪڏهن ته مان اهيو سوچيندو آهيان ته پراڻي دور جا عالم جيڪي لکندا به قلم سان ها، مگر پوء به سوين ڪتاب لکي ويا آهن جڏهن ته انهن ڏينهن ۾ ايتريون صحولتون به ڪو نه هيون، مگر اسان لکڻ ته پري پر اهي لکيل ڪتاب پڙهي به ڪو نه ٿا سگهون.ادا اوهان جي سڀ ونڊ ڪيل ڪتاب تعريف جي لائق آهن مگر هي ڪتاب حضور سائين صلي الله وسلم جن جي سيرت تي لکيل ڪتاب جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي. ادا حضور سائين جي سير تي دنيا جي هر زبان ۾ هزارين ڪتاب لکيا ويا آهن مگر پوء به سندس سيرت جو حق ادا ناهي ٿي سگهيو. ڇاڪاڻ جو سندس سيرت جي هر پهلو تي لکڻ لاء به لکين هزارين ڪتابن جي گهرج آهي مولانه سليمان ندوي اسان جي خطي جو هڪ وڏو عالم گذريو آهي.، مولانا سليمان ندوي صاحب جا ٻيا به ڪيترائي ڪتاب لکيل آهن مگر انهن ۾ هڪ ڪتاب ”عرب و هند کـﻶ تعلقات“ ۽ ٻيو سيرت تي لکيل ڪتاب حيات نبي آهن۔ ۽ هي ڪتاب مون کي منهنجي سوٽ اشفاق احمد وگهيو ان وقت ڏنو هو جڏهن مان نائين ڪلاس ۾ هئس، ۽ ان وقت ۾ اهيو ڪتاب اردو زبان ۾ مون پڙهيو هو۔تنهن کان پوء محترم دوست ڊاڪٽر عبدالحي ابڙو صاحب جن مون کي ساڳو ڪتاب سنڌي زبان ۾ ڏنو هو، جيڪو هاڻي سنڌ سلامت جي ڪوشش سان ڊجيٽلائيز ڪتابن جي فهرست ۾ شامل ٿئي ويو آهي. علامه سليمان ندوي صاحب هن انهيءَ وقت هڪ دنيا جو نقشو به تيار ڪيو هو،جيڪو سندس بهترين ڪارنامو آهي. جيڪو ڪم پڻ سارهه جوڳو آهي.ادا سنڌي زبان ۾ سيرت النبي صلي الله وسلم تي ڪافي ڪتاب لکيا ويا آهن، جنهن ۾ يادگار وارن جو چپرايل ڪتاب سيرت نبي به پنهنجو مٽ پاڻ آهي، جيڪا نثار احمد جوڻيجو جي تاليف آهي، ان کان علاوه عالمي شهرت يافته ڪتاب حيات محمد صلي الله وسلم پڻ مولانه محمد انيس راڄپر صاحب ترجمو ڪيو آهي، جيڪو جڳ مشهور ليکڪ محمد حسين هيڪل جو لکيل آهي، جيڪو پڻ پڙهڻ وٽان آهي۔ جيڪو پڻ مون وٽ موجود آهي، ۽ اهو سنڌيڪا اڪيڊمي وار چپرايو آهي۔