اڄوڪو ڏينهن 5 مارچ تاريخ جي دريءَ مان

'مارچ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏5 مارچ 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄوڪي ڏينهن 5 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

    جنم ڏينهن:

    5 مارچ 1905ع ليکڪ الله بخش نظاماڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    5 مارچ 1910ع شاعر شيخ عبدالله عابد (ڪراچي) جو جنم ڏينهن آهي.
    5 مارچ 1913ع شاعر حاجن شاهه هم وطن (سيتا روڊ) جو جنم ڏينهن آهي.
    5 مارچ 1927ع ليکڪ نورالدين سرڪي جو جنم ڏينهن آهي.
    5 مارچ 1930ع شاعر محسن لاڙڪاڻوي جو جنم ڏينهن آهي.
    5 مارچ 1933ع سماجي ورڪر امرت ڪمار (سنڌ / اجمير) جو جنم ڏينهن آهي.
    5 مارچ 1942ع شاعر ۽ گلوڪار عبدالرحمان درگاهي جو جنم ڏينهن آهي.
    5 مارچ 1943ع ليکڪ منير ماڻڪ (نوشهرو فيروز) جو جنم ڏينهن آهي.
    5 مارچ 1944ع شاعر راشد مورائي جو جنم ڏينهن آهي.
    5 مارچ 1951ع سگهڙ اميد سولنگي جو جنم ڏينهن آهي.
    5 مارچ 1953ع شاعر محمد خان مصروف منڌرو جو جنم ڏينهن آهي.
    5 مارچ 1954ع صحافي خليل قاضي (نصرپور) جو جنم ڏينهن آهي.
    5 مارچ 1957ع سياستدان اعجاز جکراڻي (جيڪب آباد) جو جنم ڏينهن آهي.
    5 مارچ 1959ع سماجي اڳواڻ علي حسين بروهي (سگا) جو جنم ڏينهن آهي.
    5 مارچ 1960ع ليکڪ نظر حيات (سيوهڻ) جو جنم ڏينهن آهي.
    5 مارچ 1961ع شاعر انيس گل عباسي (لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي.
    5 مارچ 1963ع سياستدان عبدالرزاق ڏيرو جو جنم ڏينهن آهي.
    5 مارچ 1969ع شاعر عبدالستار شاد وساڻ (پيرگڊو / خيرپور) جو جنم ڏينهن آهي.
    5 مارچ 1972ع شاعر جعفر جاني جو جنم ڏينهن آهي.
    5 مارچ 1977ع شاعر عبدالحميد آس جو جنم ڏينهن آهي.
    5 مارچ 1978ع شاعر ساجد سنڌي جو جنم ڏينهن آهي.
    5 مارچ 1975ع شاعر غلام علي آسي جو جنم ڏينهن آهي.
    5 مارچ 1982ع شاعر مرتضى ڦل جو جنم ڏينهن آهي.

    وڇوڙو:

    5 مارچ 1909ع مير فيض محمد خان والي خيرپور رياست جو انتقال ٿيو.
    5 مارچ 2012ع شاعر سرڪش سنڌي جو لاڏاڻو ٿيو.
    5 مارچ 2013ع وينزويلا جي مشهور سياستدان هوگو شاويز جو لاڏاڻو ٿيو.
    5 مارچ 2018ع ناميياري سياستدان ڪامريڊ ڄام ساقي جو لاڏاڻو ٿيو.

    [​IMG]
    حواله:

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
    روزانه ڪاوش
    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
    وڪيپيڊيا
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام

     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏5 مارچ 2014
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    بهترين سلسلو، جاري رکجو سائين۔۔۔
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ساجد سنڌي :

    ساجد سنڌي ڀلوڙ شاعر ۽ صحافي آهي. سندس ڇٺيءَ نانءُ امام بخش ولد محمد صادق جاگيراڻي آهي. هُو ۵ مارچ ۱۹۷۸ع تي، لاڙڪاڻي تعلقي جي ڳوٺ سچي بخش جاگيراڻي ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي ۽ ثانوي تعليم لاڙڪاڻي مان پرائي ۽ بِي.اَي. (پرائيويٽ) ڪئي آهي، ۽ آرمي ڪلارڪ جي ٽريننگ آرمي اسڪول آف ڪلڊنا ڪوهه مري مان ڪئي آهي. هُو گذريل ڪجھه عرصي کان صحافت سان لاڳاپيل آهي ۽ حيدرآباد ۾ ڪم ڪري رهيو آهي ۽ روزاني اخبار ”سڪار“ جي هفتيوار ادبي صفحي جو انچارج آهي.

    ساجد سنڌي ۱۹۹۱ع کان نثر توڙي نظم ۾ لکي رهيو آهي. هن شاعريءَ جي لڳ ڀڳ سڀني مروج صنفن ۾ لکيو آهي. نثر ۾ ڪهاڻيون، ڪالم، مقالا ۽ مضمون لکيا اٿائين. سندس سَوين تحريرون ڇپيل آهن. سندس هڪ شعري مجموعو ”تون، مان ۽ خدا“ (۲۰۰۴ع) ڇپيل آهي. ساجد سنڌي کي ڪيترائي مڃتا سرٽيفيڪيٽ مليا آهن. سندس رهائش حيدرآباد ۾ آهي.

    سٽون : رياضت ٻرڙو
     
  4. abdullah jarwar

    abdullah jarwar
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 نومبر 2013
    تحريرون:
    91
    ورتل پسنديدگيون:
    181
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Tando Allahyar
    منهنجا مانوارا دوستو اڄ توهان سان اهڙي شخصيت جو تعارف ڪرايان ٿو جو شاعري جي سمورن صنفن پوري دسترس رکي ٿو. سندن شاعري 1990ع کان مختلف اخبارن رسالن ريڊيو جي زينت بنجندي رهي آهي. سموري سنڌ م کيس ڀرپور مڃتا ملي آهي.
    اهو آهي نوجوان شاعر ۽ ڪهاڻيڪار . پر سندس سڃاڻپ شاعري آهي اهو آهي ڪاڇي جوهي جو عبد الحميد آس ٻٻر پاڻ پنهنجو تعارف هن طرح ڪرائي ٿو:
    ڇٽي جو نالو عبدالحميد ولد واحد بخش ٻٻر
    ادبي نالو : آس ٻٻر
    جنم: 05 مارچ 1977ع
    تعليم : ايم اي (فرسٽ ڪلاس)
    لکڻ جي شروعات ريڊيو پاڪستان خيرپور کان ڪئي جتان پنج ڪهاڻيون نشر ٿيون. بعد م شاعري طرف آيس. جنهن کي اڄ تائين سکي رهيو آهيان منهنجي ادبي آبياري ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ خيرپور جو وڏو هٿ آهي. ۽ ريڊيو کي پنهنجو استاد ۽ ساٿي سمجهان ٿو.
    منهنجو پهريون شعر 5 آڪٽوبر 1990ع م روزانه سنڌو ڇپيو. بعد ۾ سنڌ مان شايع ٿيندڙ سڀني ادبي مخزنن َ۾ منهنجي شايع ٿي آهي.
    ريڊيو پاڪستان حيدر آباد تي سيد ماڪن شاه رضوي. زيب سنڌي ۽ نصير مرزا صاحب جن متعارف ڪرايو. جڏهن ته ٽي وي سائين بادل جمالي جن ٻارڻي ڪهاڻي متعارف ڪرايو. “رمون جي عيد“ ڪهاڻي پهريون انعام مليو.
    1997ع ڪيجهر ڪويتا ايوارڊ مليو.
    شاعري م پسند جي صنف بيت آهي پر ٻين صنفن غزل. نظم ۽ وائي تي طبع آزمائي ڪئي اٿم. چئن ڪتابن جيتري شاعري مٽ ۾پئي مون کي ڏسي کلي ڏيندي آهي. مان ان ڏانهن فقط ڏسندو ئي رهجي ويندو آهيان. ڪجه ريڊيو ڊراما. تنقيدي مضمون منهنجي ملڪيت آهن
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو