مڪليءَ جا تاريخي ماڳ

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ منظور ڪلهوڙو طرفان آندل موضوعَ ‏7 مارچ 2013۔

  1. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,718
    ورتل پسنديدگيون:
    3,872
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    ڄام نظام الدين جو مقبرو مڪليءَ جي ”ساموئي“ واري ڪنڊ تي آهي جيڪو سنڌ تي ارغونن جي حملي ڪري مڪمل ٿي نه سگهيو. ليڪن هن مقبري جي ديوارن تي جيڪو پٿر تي اڪر جو عاليشان ڪم ٿيل آهي، اهو پنهنجو مثال پاڻ آهي هن مقبري جون چورس ديوارون ٺهيل آهن جيڪي پٿر جون ٺهيل آهن ۽ تمام اونچيون ۽ ويڪريون آهن اولهه واري ديوار ۾ هڪ محراب ٺهيل آهي ۽ ان جي ئي پاسي کان هڪ ننڍو دروازو آهي، جنهن مان مقبري ۾ اندر وڃي سگهجي ٿو ۽ ڏکڻ واري ديوار مان اندران هڪ ڏاڪڻ ٺهيل آهي جنهن تان مٿي وڃي سگهجي ٿو. ليڪن هاڻي هن ڏاڪڻ کي حفاظتي طور بند ڪيو ويو آهي. هنن ديوارن جي اڏاوت ٻڌائي ٿي ته هنن مٿان هڪ وڏو ڳنبذ ٺهي ها جيڪو ارغونن جي حملي ۽ سنڌ فتح ڪرڻ ڪري نه ٺهي سگهيو. مقبري جي اندر چار قبرون آهن جيڪي هڪ ئي قطار ۾ آهن ۽ هڪ جهڙيون آهن ۽ هنن قبرن تي ڪوبه ڪتبو لکيل نه آهي جنهن ڪري خبر نه ٿي پئي ته ڄام نظام الدين جي قبر ڪهڙي آهي ۽ ٻيون ٽي قبرون ڪنهن جون آهن مقبري جي سڀن ديوارن تي نقش نگاريءَ جو خوبصورت ڪم ٿيل آهي اندران توڙي ٻاهران پٿر تي خوبصورت اڪر جو ڪم ٿيل آهي ۽ خاص طور تي اولهه واري ديوار جو محراب اندران به تمام خوبصورت ٺهيل آهي ليڪن ٻاهران ته هي محراب هنر منديءَ جو هڪ دلڪش ۽ نادر نمونو آهي جنهن جو ڪوبه مثال نه آهي. هن محراب تي خاص سنڌي نقش نگاريءَ سان گڏوگڏ راجستاني هنرمنديءَ جو به وڏو ڪم ٿيل آهي جنهن ڪري محراب ڄڻ سنڌي، اسلامي، راجستاني ۽ هندي طرز تعمير جو هڪ گڏيل شهڪار آهي. هن تي اهڙو ته سنهون ۽ سهڻو اُڪر جو ڪم ٿيل آهي جيڪو انهن هنرمندن جي پنهنجي بادشاهه سان محبت جو اظهار لڳي ٿو. هي مقبرو سنڌ جي هڪ عظيم سلطان جي آخري آرام گاهه ته آهي ليڪن سنڌ جي هنر مندن جو تخليق ٿيل هڪ عظيم شهڪار پڻ آهي.
    دولهه دريا خان جي مزار:
    مڪليءَ جي شروعاتي حصي ۾ ڄام نظام دلين جي مقبري جي سامهون اولهه پاسي دولهه دريا خان جي مزار آهي دولهه دريا خان ڄام نظام الدين جو وزيراعظم سپهه سالار رهيو. هن جو اصل نالو قبوليو هو. ليڪن بهادري، جرئيت مندي، عقل مندي ۽ ڏاهپ سبب سندس ڪيل ڪارنامن سبب مختلف وقتن تي کيس ڄام صاحب پاران مختلف لقبن سان نوازيو ويو، جنهن ڪري هي دولهه دريا خان، مطبارڪ خان ۽ خان اعطم سڏجڻ لڳو. سنڌ جي هن سپورت جي بهادريءَ جا ڪئي ڪارناما آهن هن پنهنجي سپهه سالاريءَ دوران ڪنهن به ڌارئي کي سنڌ جي ڪنهن به حصي تي پير ڄمائڻ نه ڏنو ۽ سنڌ جي سرحدن جي بهادريءَ سان حفاظت ڪيائين ۽ ڄام نظام الدين جي وفات کان پوءِ ڄام فيروز جي غلط روش کان بيزار ٿي ٺٽو شهر ڇڏي وڃي پنهنجي جاگير تي رهڻ لڳو هو. ليڪن جڏهن ارغونن سنڌ تي ڪاهه ڪئي ته هن سنڌ جي عاشق کان رهيو نه ٿيو ٺٽي پهچي پنهنجي پٽن، دوستن ۽ پنهنجي سپاهه سميت اچي ارغونن سان مهاڏو اٽڪايائين ۽ سنڌ وطن جي عزت ۽ ناموس لاءِ آخري دم تائين وڙهندو رهيو ۽ بهادريءَ سان وڙهندي وڙهندي شهيد ٿيو ليڪن پنهنجي حياتي ۾ ارغونن کي ٺٽي شهر ۾ پير پائڻ نه ڏنائين. پٽن ۽ ٻين ڪئي ساٿين سميت سنڌ تان سر گهوري سرخرو ٿيو. دولهه دريا خان جي مزار هڪ وڏو قلعي نما چوديواريءَ اندر آهي هيءَ چوديواري به پٿر جي ٺهيل آهي ۽ سڄي چوديواريءَ تي اندران توڙي ٻاهران اڪر ۽ چٽساليءَ جو ڪم ٿيل آهي چوديواريءَ جي اولهه ۾ محراب ٺهيل آهي اوڀر ۽ ڏکڻ کان به وڏا محرابي دوروازا ٺهيل آهن. هن چوديواريءَ اندر لاتعداد قبرون آهن جن لاءِ چيو وڃي ٿو ته ساڻس گڏ شهيد ٿيل سندس پٽن، مائٽن ۽ ٻين ساٿين جون آهن.
    دولهه دريا خان جي مزار پٿر جي ٺهيل آهي جنهن کي سيرانديءَ کان تاج به ٺهيل آهي هن سٺي مزار تي اُڪر جو تمام خوبصورت ڪم ٿيل آهي. ڪوبه مقبرو يا ڇپرو نه هجڻ جي باوجود کلي آسمان جي هيٺان هيءَ مزار اونچي ڳاٽ سان سڀن کان نمايان ۽ شاندار محسوس ٿئي ٿي.
    دولهه دريا خان قومي هيرو آهي سائين جي ايم سيد کيس سنڌ جو سرومون لکيو آهي اسان سڀن تي فرض ٿئي ٿو ته سنڌ جي سورمن جي يادگار ۽ مزارن تي وڃي کين مڃتا ڏيون ۽ پاڻ به سنڌ ڌرتيءَ سان محبت ۽ وفاداريءَ جو وچن ورجايون.
    شيخ حماد جماليءَ جي جامع مسجد:
    مڪليءَ جي ٽڪريءَ جي مهاڙيءَ تي جتان هيءَ ٽڪري شروع ٿئي ٿي اُتي هيءَ مسجد ٺهيل آهي هن مسجد جي اڏاوت پڪين سرن واري آهي ۽ مسجد جي ڇت ڪري پئي آهي باقي پڪين سرن سان ديوارون موجود آهن. هن مسجد جي اڏاوت مشهور سمي حاڪم ڄام تماچيءَ ڪرائي. هن مسجد لاءِ چيو وڃي ٿو ته جڏهن ڄام بابينو (ٻيو) سنڌ جو حاڪم ٿيو ته هن ڄام تماچيءَ ۽ سندس پٽ ڄام صلاح الدين کي قيد ڪرائي دهليءَ موڪلي ڇڏيو هو ۽ پوءِ جڏهن اهي ٻئي شيخ حماد جماليءَ جي دُعا سان واپس ساموئي (سماننگر) پهتا ۽ پوءِ جيئن ئي ڄام تماچيءَ کي حڪومت ملي ته هن پهريون ئي ڪم هيءَ مسسجد جوڙائڻ وارو ڪيو.
    شيخ حماد جمالي اسلامي علم جو عالم ۽ استاد هو هيءَ مسجد ان جي حوالي هئي ۽ هن صاحب پنهنجي علم جي روشنيءَ کي ٻين تائين پهچايو. شيخ جماد سمن کي چيو ته هاڻي پنهنجا مقبرا به مسجد جي آس پاس ٺهرايو سمن سندس حڪم موجب ايئن ئي ڪيو.
    ڄام تماچيءَ جو مقبرو:
    ڄام تماچي ۽ نوريءَ جو قصو مشهور آهي جنهن کي شاهه عبداللطيف به ڳايو آهي. نوري هڪ خوبصورت ڇوڪري هئي جيڪا ڪينجهر ڍنڍ تي آباد مهاڻن جي جي گهر ۾ پيدا ٿي هئي. نوري ۽ سندس مائٽ ڪينجهر ڍنڍ مان مڇي ماري پنهنجو گذران ڪندا هئا، هڪ ڏينهن ڄام تماچيءَ کي ڪينجهر جو سير ڪندي نوري نظر اچي وئي ۽ ڄام صاحب نوريءَ جي سونهن ۽ سوڀيا تي دل هاري ويٺو ۽ نوريءَ جي مائٽن کان شاديءَ لاءِ سنڱ گهريائين، هنن غريب مهاڻن خوشيءَ سان نوريءَ جي شادي ڄام تماچيءَ سان ڪرائي، ڄام تماچيءَ ان خوشيءَ ۾ مهاڻن تان ٽيڪس معاف ڪري ڇڏيو ۽ ٻيون به رعايتون ۽ عنايتون ڪيون.
    ڄام تماچيءَ جو مقبرو به مڪليءَ تي شيخ حماد جماليءَ جي جامع مسجد جي اوڀر ۾ موجود آهي. هي مقبرو مڪمل پٿر جو ٺهيل آهي. ڄام تماچيءَ جي مزار جي چوڌاري پٿر جا خوبصورت ٿنڀا ٺهيل آهن ۽ انهن ٿنڀن جي آڌار تي گول ڇٽي ٺهيل آهي جيڪا به مڪمل پٿرن جي جڙيل آهي هن ڇٽيءَ تي اندران نقش نگاريءَ جو ڪم ٿيل آهي ۽ ٿنڀن تي به خوبصورت نقش اُڪريل آهن. هاڻي هي مقبرو هڪ پاسي جهڪيل نظر اچي ٿو. هن مقبري جي ڀرسان ئي ڄام نظام الدين جو وڏو مقبرو آهي.
    ......عنايت الله کٽياڻ

    [​IMG]
     
    19 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,646
    ورتل پسنديدگيون:
    27,125
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌ جي تاريخي ماڳ بابت محترم عنايت کٽياڻ جو بهترين ۽ ڄاڻ وارو مضمون۔
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,480
    ورتل پسنديدگيون:
    5,963
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    تمام سٺي ڄاڻ ڏنل آهي۔۔۔
    مُنهجو ننڍپڻ مڪلي جي حسين هوائن ۾ گذريو آهي۔۔هي تاريخي ماڳ قدرتي حسن سان ڀريو پيو آ۔۔،هڪ تاريخي ورثو، سنڌ جو علمي اهڃاڻ، مختلف تفريحي مقام، اهم شخصيتن جي مدفن جي جا مطلب ته هر لحاّظ کان هن کي اهميت حاصل آهي۔
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. اياز احمد سومرو

    اياز احمد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 جولائي 2012
    تحريرون:
    91
    ورتل پسنديدگيون:
    169
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    243
    ڌنڌو:
    گورنمنٽ ملازم، ماهر علم جفر، حڪيم
    ماڳ:
    اسلام آباد
    سائين منهنجا تمام سٺي ونڊ، منهنجي پهرين نوڪري ٺٽي شهر ۾ هئي، سن 1990 کان 1993 تائين ٺٽي ۾ رهيس پنهنجي سيلاني طبيعت سبب خوب گهميس، ڪوبه تعلقو يا درگاه رهجي نه وئي، اڄ به ئٽو ياد اٿم دوستن سان سلام دعا هلندي اچي۔ بس سائين توهان ڪجهه گهڙين لا ماضي ۾ موڪلي ڇڏيو۔
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. باغي عليم

    باغي عليم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 فيبروري 2013
    تحريرون:
    295
    ورتل پسنديدگيون:
    763
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    243
    ڌنڌو:
    پرائيويٽ مُلازم
    ماڳ:
    ڳوٺ لاکو سومرو ٿرپارڪر
    بهترين ادا سائين
     
  6. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,718
    ورتل پسنديدگيون:
    3,872
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    قسط ٽين
    ارغونن ۽ ترخانن جا مقبرا
    مڪليءَ جي قبرستان جي شروعات ته مائي مڪليءَ جي قبر کان ٿئي ٿي ۽ پوءِ حماد جماليءَ جي جامع مسجد ۽ ڄامن جا مقبرا ٺهيا ۽ پوءِ هي قبرستان اڳتي وڌندو رهيو ۽ هتي ڪئي عالمن، بزرگن ۽ اوليائن جو درس گاهون ۽ درگاهون پڻ آباد ٿيون، جيئن ته ڄام نظام الدين جي دور ۾ شهر ٺٽو آباد ٿي چڪو هو ۽ ارغونن ۽ ترخانن اچي ان تي قبضو ڄمايو هئو ۽ انهن پنهنجا مقبرا به مڪليءَ تي ٺهرايا پر سندن مقبرا ٺٽي جي ويجهو واري حصي تي آهن، هاڻي جيڪو رستو ڪراچيءَ کان ٺٽي شهر وڃي ٿو ۽ مڪليءَ جي ٽڪريءَ تان گذرندي جڏهن ٺٽي جي طرف هيٺ لهڻ کان ٿورو پهرين هن رستي جي کٻي پاسي کان ترخانن جا وڏا وڏا مقبرا نظر اچن ٿا ۽ ان هنڌ کان آثار قديم وارن هڪ پڪو رستو به ٺهرايو آهي، جيڪو مڪليءَ جي قبرستان جي هن کٻي پاسي واري حصي جي وچ کان گذري ٿو. ترخانن ۽ ارغونن جي مقبرن جي پاسي کان ٿيندي عبدالله شاهه اصحابيءَ جي درگاهه جي ڀرسان ختم ٿئي ٿو ۽ پوءِ ڪچو رستو آهي، جيڪو وڃي ڄامن جي مقبرن تائين پهچي ٿو. هن رستي جي شروع ۾ هڪ وڏو دروازو ٺهرايو ويو آهي، جنهن کان اندر هلندي هن رستي جي سڄي هٿ تي پهريون مقبرو مرزا جاني بيگ جو آهي، 2: طغرل بيگ جو مقبرو، 3: مرزا باقي بيگ، 4: مرزا عيسيٰ خان ترخان (ثانيءَ) جو مقبرو آهي ۽ هن رستي جي کٻي پاسي تي، 5: مرزا شرخا خان جو مقبرو آهي ۽ مرزا عيسيٰ خان ترخان (ثانيءَ) جي مقبري جي دروازي سامهون سندس ”والد مرزا جان بابا“ جو مقبرو آهي، هي اهي مقبرا آهن جيڪي اڃا تائين ٿابت بيٺا آهن ۽ انهن کان سواءِ ڪيترائي مقبرا آهن، جيڪي ٽٽل ۽ زبون حال ۾ آهن، پر اهي به پنهنجي طرز تعمير سان ان وقت جي ڪاريگرن جي هنرمنديءَ جي ساک ڀرين ٿا ۽ هنن سڀني مقبرن مان خوبصورتيءَ، ڪاريگريءَ ۽ دلڪشيءَ ۾ مرزا عيسيٰ خان ترخان ثانيءَ جو مقبرو منهنجي سمجهه مطابق پهرين نمبر تي اچي ٿو.
    عيسيٰ خان ترخان (ثانيءَ) جو مقبرو

    هي مقبرو ٻه ماڙ ٺهيل آهي ۽ ٻه ماڙ کان پوءِ هن تي هڪ وڏو گمبذ ٺهيل آهي ۽ هن وڏي گمبذ جي چوڌاري سڄي ڇت ننڍن ننڍن گمبذن تي مشتمل آهي، هي سڄو مقبرو پٿر جو ٺهيل آهي، هن مقبري جي عمارت پٿر جي ٿنڀن تي پٿر جون ونگون ۽ سڌا پٿر رکي ۽ انهن تي پٿر جون ڇتيون جوڙيون ويو آهن، هن مقبري جي عمارت جي هر پٿر تي خوبصورت اڪر جو ڪم ٿيل آهي ۽ نهايت نفاست سان دلڪش چٽ سالي ٿيل آهي، هن عمارت جي وڏي گمبذ جي هيٺاهين واري وڏي حال ۾ عيسيٰ خان ترخان ۽ ٻين جو وڏيون ڊگهيون پٿر جون قبرون ٺهيل آهن، جن جي مهاڙيءَ تي وڏا ڊگها ڪتبا ٺهيل آهن ۽ انهن تي سندن مطعلق فارسيءَ ۾ لکيل آهي، حال جي چؤطرف ورانڊو آهي ۽ سڄو ورانڊو خوبصورت ٿنڀن جي مٿان خوبصورت ونگن سان جڙيل آهي. هي مقبرو پٿر جي اڏاوت جو هڪ يادگار نمونو آهي ۽ پٿر جي ٺهيل هڪ محل جو نظارو ڏئي رهيو آهي، هي مقبرو هر طرف ۽ هر ڪنڊ کان خوبصورت ۽ دلڪش نظر اچي ٿو، هن مقبري جي ٻاهران به پٿر جي ٺهيل وڏي چوديواري آهي ۽ ان کي هڪ محرابي وڏو دروازو به آهي ۽ هي ديوار به انتهائي خوبصورت ۽ دلڪش ٺهيل آهي.
    مرزا عيسيٰ خان (ثاني) مرزا جان بابا جو پٽ ۽ مرزا عيسيٰ خان ترخان (اول) جو پوٽو هئو، جنهن جي مرڻ بعد هي ڄائو ته هن تي سندس ڏاڏي جو نالو رکيو ويو. مرزا عيسيٰ ترخان اول شاهه بيگ ارغون سان گڏ پنهنجي قبيلي جي وڏي جٿي سميت 927هه ۾ سنڌ ۾ داخل ٿيو ۽ ارغونن جي حڪومت دوران خاص امير رهيو. شاهه بيگ ارغون کان پوءِ شاهه حسين ارغون سنڌ جو حاڪم ٿيو ۽ 962هه ۾ فوت ٿيو. شاهه حسن ارغون کي اولاد نه هئو، جنهن ڪري سندس ٻن اميرن سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهائي بکر جي قلعي کي اتر سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ بڻائي اتي سلطان محمود کوکل تاش حڪومت قائم ڪئي ۽ ٺٽي ۾ مرزا عيسيٰ ترخان اول حاڪم بڻجي ويهي رهيو.
    974هه ۾ عيسيٰ ترخان (اول) فوت ٿيو تهس ندس ٻيو نمبر پٽ مرزا باقي بيگ هتي جو حاڪم بڻيو، جيڪو تمام ظالم هئو، هن پنهنجي خاندان جا سڀ فرد قتل ڪرائي ڇڏيا ۽ مرزا جان بابا کي به تقل ڪرائي ڇڏيائون ته مرزا جان بابا جي گهر واري جيڪا ”سميجا“ قبيلي مان هئي ان پٽ مرزا عيسيٰ (ٻيو) سميت وڃي پنهنجن مائٽن (پيڪن) ۾ پناهه ورتي هئي، واقعو 978هه لکن ٿا، جيڪو سندس ڏاڏي جي فوت ٿيڻ ۽ پيءُ جي قتل ٿيڻ جي وچ وارو وقت آهي. هن جي زندگيءَ جا پهريان سال نانڻن ۾ گذريا ۽ پوءِ جڏهن 983هه ۾ مرزا باقي بيگ پاڻ خودڪشي ڪئي ته سندس پٽ پائينده بيگ حاڪم ٿيو، پر ذهين نه هئڻ ڪري حڪومتي وهنوار سندس پٽ مرزا جاني بيگ حوالي هئو ۽ مرزا جاني بيگ پنهنجي ڏاڏي مرزا باقي بيگ جي خوف کان ڀڄي ويل سڀن عزيزن کي هٿ ڪري آڻي ٺٽي ۾ آباد ڪيو ۽ انهن کي حڪومت ۾ عهدا به ڏنائين. اهڙيءَ طرح مرزا عيسيٰ ترخان کي به 984هه واپس آڻي ٺٽي ۾ آباد ڪيو ويو، مرزا جاني بيگ وارو دور مرزا عيسيٰ لاءِ تمام سکيو دور رهيو، هن ئي دور ۾ هي ننڍپڻ کي عبور ڪري جوانيءَ تي پهتو ۽ مرزا جاني بيگ پاران مليل سهولتن جا مزا ماڻيائين. مرزا جاني بيگ و دور علائقي ۽ هنن جي پنهنجي خاندان لاءِ امن ۽ خوشيءَ جو دور رهيو. پوءِ 999هه ۾ خان خانا هندستاني مغلن پاران شاهي لشڪر سان سنڌ تي ڪاهه ڪري آيو ۽ هڪ سال تائين چڪريون هلنديون رهيون. 1000هه ۾ مرزا جاني بيگ کي گرفتار ڪري اڪبر شهنشاهه وٽ پيش ڪيو ويو ۽ سنڌ مغلن جي قبضي ۾ اچي وئي. پر دهليءَ جي شهنشاهه اڪبر پاران سنڌ جي هن حصي کي جاگير جو درجو ڏئي، مرزا جاني بيگ جي حاڪميءَ ۾ ئي ڏنو ويو. 1009هه ۾ مرزا جاني بيگ فوت ٿيو، هن جومقبرو به هتي نهايت خوبصورت ڪاشيءَ جي سرن سان ٺهيل آهي.
    مرزا جاني بيگ جي وفات کان پوءِ سندس پٽ مرزا غازي بيگ حاڪم بڻيو ۽ هن به شروع ۾ مرزا عيسيٰ سان سٺي روش رکي پر اڳتي هلي رنجش پيدا ٿي ۽ مرزا عيسيٰ 1012هه ۾ سنڌ ڇڏي ۽ 1013هه ۾ هندستان جي شاهي درٻار ۾ وڃي مغل شهنشاهه اڪبر وٽ پهتو. اڪبر هن کي عزت ڏئي عهدو به ڏنو ۽ پوءِ وري 1014هه ۾ اڪبر فوت ٿيو ۽ جهانگير شهنشاهه ٿيو، هن به عيسيٰ ترخان کي ڪافي نوازيو ۽ مختلف عهدن تي مقرر ڪندو رهيو ۽ هن کي ترقي ملندي رهي ۽ جهانگير جي وفات کان پوءِ 1037هه سندس پٽ شاهجهان هندستان جو شهنشاهه ٿيو ۽ هن مرزا عيسيٰ کي سنڌ جو صوبيدار ڪري موڪليو ڇو ته هتي شريف الملڪ صوبيدار هئو، جنهن تي شاهجهان ناراض هئو ۽ هن مرزا عيسيٰ کي حڪم ڪيو ته شريف الملڪ کي گرفتار ڪري شاهي درٻار موڪليو ويو. ان فتح جي ڪارنامي تي مرزا عيسيٰ کي هڪ لک رپيا ۽ عهدي ۾ ترقي انعام طور شاهجهان پاران ملي پر اڍائي مهينن کان پوءِ مرزا کي هٽائي شير خواجه کي سنڌ جو صوبيدار مقرر ڪيو ويو ۽ مرزا کي ٻي ذميواري ڏني وئي، پر مرزا هتي رهي پنهنجي والد مرزا جان بابا جي مقبري جي اڏاوت ڪرائي ۽ پوءِ پنهنجي مقبري جي ٺهرائڻ جو به بندوبست ڪيو، هي ٻئي مقبرا هن جي پنهنجي سوچ ۽ رٿابنديءَ تحت ٺهيا آهن، ڇو ته هن جي هندستان جي گهڻن حصن ۾ مقرري ٿي هئي ۽ هن اتان جي طرز تعمير سان شوق به هئس ۽ موسيقيءَ سان لڳاءُ به هئس، بهرحال سندس مقبرو هن مڪليءَ جي قبرستان جي هڪ خوبصورت ترين عمارت آهي، جنهن کي مون مٿي به هڪ محل ڄاڻايو آهي، هن جو نظارو دلڪش ۽ دلفريب آهي.
    سنڌ تي ترخان به ارغونن سان گڏ ڪاهه ڪري آيا ۽ سنڌ تي قبضو ڪيائون. اصل حملو ڪندڙ ارغون هئا، پر ترخان به انهن جي لشڪر ۾ موجود هئا. ارغونن ۽ ترخانن جو گڏيل 100 سالن تائين سنڌ تي قبضو رهيو. ارغونن جي وقت ۾ مقامي عوام سان ظلم ۽ زيادتيون تمام گهڻيون ٿينديون رهيون ۽ ترخانن جي دور ۾ هتي جي عوام سان ظلم گهٽ ٿيو ۽ هو پنهنجي ڄنڊا پٽ، قتل غارت ۾ رڌل رهيا، ترخانن سنڌين سان مٽي مائٽي به ڪئي، پر 100 سالن ۾ به سنڌي ٿي نه سگهيا ۽ آخر ۾ به جڏهن مغلن هنن جي هتان تڏا ويڙهه ڪرائي ته سنڌين کي ان جو ڪو به ڏک نه ٿيو.

    عنايت الله کٽياڻ
    [​IMG]
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,480
    ورتل پسنديدگيون:
    5,963
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    تمام سٺي ونڊ۔۔۔۔:)
    مان ڪلهه ٺٽي ۾ هئس۔۔مخدم محمد هاشم ٺٽوي رح ۽ عبدالله شاه اصحابي رح جي درگاهه جي حاضري پڻ نصيب ٿي۔۔مڪلي جا تاريخي مقام ٻيهر ڏسڻ جو موقعو به مليو۔۔
    ڪجهه تصويرون دوستن سان شيئر ڪريان ٿو۔۔[​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. شاهين لطيف ، سنڌي ،

    شاهين لطيف ، سنڌي ،
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 جون 2012
    تحريرون:
    624
    ورتل پسنديدگيون:
    2,489
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپئير اايف ايم 93،3 لاڙڪاڻو
    ماڳ:
    ڳڙهي ياسين& لاڙڪاڻو
    تمام سٺي ڳالھ تاريخ جڏهن به پڙهجي ساڳيو مزو ايندو آهي
    سهڻو ونڊ قوم لا۽
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,718
    ورتل پسنديدگيون:
    3,872
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    سائين اوهان جون تصويرون نظر نه ٿيون اچن۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,646
    ورتل پسنديدگيون:
    27,125
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جڏهن به مڪلي ويو آهيان ته مان ايئن محسوس ڪيو آهي ڄڻ سنڌ جي تاريخ ڊهندي وڃي۔ الائي ڇو مڪلي جي انهن تاريخي آثارن کي ڪوبه بچائڻ جي ڳالهه نه ٿو ڪري۔۔۔۔ دوست عنايت کٽياڻ سٺو لکي رهيو آهي ۽ ڄڻ ته تاريخ کي وري پيو ورجائي۔ ممتاز جون ڏنل تصويرون ڏسي مونکي اهو جوڳي ياد اچي ويو جيڪو اتي نور ۽ نانگ کي ويڙهائي پنهنجي روزي روٽي ٺاهي ٿو۔
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,480
    ورتل پسنديدگيون:
    5,963
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    ادا منّظور۔۔پيج ريفريش ڪري ڏسو۔۔۔تصويرون نّظر اچي وينديون۔
    ادا سليمان۔۔ بلڪل صحيح ڳالهه ڪئي اٿوَ۔۔اتي ڪافي جوڳي رستن تي ويهي پنهنجي پنهنجي روزي ڪمائين ٿا۔۔انهن مان هڪ جوڳي هي به آهي۔۔سندن روزي جو ذريعو اهي نانگ ۽ نور ئي هوندا آهن۔۔

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,718
    ورتل پسنديدگيون:
    3,872
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    سائين منهنجا نٿيون نظر اچن۔۔اوهان لنڪ موڪليو اتان ڏسي ٿو وٺان۔
     
  13. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,480
    ورتل پسنديدگيون:
    5,963
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    ادا۔۔تصويرن جا لنڪس هي آهن۔۔باقي تصويرون ته نظر اچن پيون۔۔۔الائي توهان وٽ ڇو نپيون نظر اچن۔۔۔۔:(
     
  14. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,646
    ورتل پسنديدگيون:
    27,125
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ادا ممتاز اوهان اهو چيڪ ڪيو ته فيسبوڪ جي ان البم کي اوهان پبلڪ ڪيو آهي يا صرف دوستن لاء ۔۔۔۔ مون وٽ ته سڀ ڪجهه درست پيو نظر اچي۔ وري به البم جي پرائيوسي چيڪ ڪجو ۽ ان کي پبلڪ ڪجو۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,480
    ورتل پسنديدگيون:
    5,963
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    ادا۔۔توهان جي ڳالهه دِل سان لڳي۔۔۔واقعي ۾ البم جي پرائيوسي پبلڪ ٿيل ناهي۔ان البم ۾ مختلف موضوعن جون کوڙ ساريون تصويرون پيل آهن ۽ اهي تصويرون مختلف وقتن تي سنگت سان شيئر ڪرڻ لا پرائيوسي سيٽنگ ڪئي اٿم۔۔انڪري اهو البم پبلڪ نٿو ڪرڻ چاهيان پر ان جي باوجود مان هميشه ان البم تي ئي تصويرون اپلوڊ ڪري شيئر ڪندو آهيان پهرين ته ڪڏهن ايئن ناهي ٿيو۔۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  16. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,718
    ورتل پسنديدگيون:
    3,872
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    بهترين تصويرن جي ونڊ۔۔مهرباني
     
  17. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,718
    ورتل پسنديدگيون:
    3,872
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    [​IMG]

    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  18. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,216
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    افسوس ته ان ڳالھ جو شديد ٿي رهيو آهي جو اسانجا اهي تاريخي مقام تباهي جي اخري ڪناري تي پهچي چڪا آهن جن جي ڪا سار ئي نٿي لڌي وڃي ، ٻئي طرف پنجاب ۾ اهڙن مقامن کي باقاعده سنواريو ويو آهي!
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  19. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,718
    ورتل پسنديدگيون:
    3,872
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    سائين اهو ان ڪري جو سنڌي قوم جا اهي ماڳ آهن۔۔جنهن جي تباهي ۾ سنڌين جو ئي وڏو هٿ آهي۔۔ڪي ڌاريا نٿا اچي تباهه ڪري وڃن ۔۔قبضه مافيه مڪلي جي قبرستان کي تباهه ڪندا ٿا وڃن ۽ اتي زمين حاصل ڪرڻ لا تاريخ جي شاندار ماضي کي راتو واهه بلڊوزر گهمايو ٿو وڃي۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  20. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,718
    ورتل پسنديدگيون:
    3,872
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    [​IMG]
    هي منظر به ڏاڍو دلڪش ۽ دلفريب محسوس ٿيو ۽ مون کي هن ڪوٽ جي تعريف ۾ مير علي شير قانع جي ڪتاب ”مڪلي نامه“ ۾ لکيل خوبصورت تشبيهون ۽ منظر ڪشي ياد اچي ويئي. مير صاحب هن ڪوٽ لاءَ لکي ٿو ته هيٺان کان ڪوٽ جا برج ڏسجن ٿا ته اهي آسمان سان ڳالهيون ڪندي نظر اچن ٿا ۽ ڪوٽ جي ديوار يا برجن کان ڪوٽ جي ٻاهران ڍنڍ جو دلڪش نظارو ۽ ساوا ساوا باغات، جنت جو منظر نظر اچي ٿو. مير صاحب هي منظر ڪشي شام جي ٿڌڙي هير لڳندي ۽ چانڊوڪين راتين جو ذڪر ڪندي ڪئي آهي جيڪا مون کي 100 في صد صحيح لڳي ٿي. مير صاحب تاريخ فيروز شاهيءَ جي حوالي سان لکيو آهي ته دهليءَ جي شهنشاهه فيروز سنڌ تي ڪاهه ڪئي ته هو ڪلان ڪوٽ کي ڏسي ۽ ان کي فتح ڪرڻ مشڪل سمجهي واپس هليو ويو. ان وقت شهنشاهه فيروز جي لشڪر ۾ نوي هزار سوار، چار سئو اسي هاٿي، پنج هزار ٻيڙيون ۽ لکين پيادا شامل هئا ۽ هن ڪلان ڪوٽ جي اندر سنڌ جي فوج جا ويهه هزار سوار ۽ چار لک پيادا سپاهه موجود هئو، ڪوٽ جي مضبوطي ۽ ان ۾ سپاهه جي گنجائش ان کان سواءِ حاڪمن (ڄامن) ۽ ٻين حڪومتي ڪارندن جون رهائش گاهون به ڪوٽ جي اندر هيون. اهي سڀ حوالا ثابت ڪن ٿا ته ڪلان ڪوٽ تمام مضبوط ۽ وسيع ڪوٽ هئو. هن وقت به تحقيق ڪندڙ اراضيءَ جي لحاظ کان رني ڪوٽ کان پوءِ ٻيو نمبر سنڌ جو وڏو ڪوٽ هن کي قرار ڏين ٿا. هن ڪوٽ جي برجن جو تعداد ڪوٽ جي مضبوطيءَ جو واضع مثال آهي ۽ ٻيو ته هن ڪوٽ کي اتر کان وڌيڪ مضبوط بنائڻ لاءِ وڌيڪ برج ۽ به دفاعي ديوار به ڏنا ويا هئا. ان کان سواءِ ڪوٽ جي ٻاهران جنهن پاسي کان ڍنڍ نه هئي ته ان پاسي کان ڪوٽ جي حفاظت لاءِ کاهيون کوٽيل هيون، اهي سڀ حفاظتي قدم ثابت ڪن ٿا ته هي ڪوٽ تمام قديم هئڻ باوجود انتهائي حڪمت عمليءَ سان ٺاهيو ويو هئو جيڪو سنڌ جي تاريخي اڏاوت جو هڪ عظيم شهڪار ۽ مثالي ڪوٽ هئو.
    راجا ڏاهر جي وقت ۾ ديبل جو ڪوٽ سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ هئو ليڪن ڪلان ڪوٽ راجا ڏاهر جي حڪومت کان اڳ تعمير ٿيل آهي هن ڪوٽ جي اڏاوت تمام پراڻي آهي ۽ ٻه ڀيرا ڊهي وڃڻ کان پوءِ هن کي وري ٺاهيو ويو آهي. ديبل جي اجڙڻ کان پوءِ سمن جي دور ۾ سماننگر/سموئي/ٺٽو سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ بڻيو ۽ سنڌ تي ڪلهوڙن جي دور تائين ٺٽو ئي سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ رهيو ۽ ڪلان ڪوٽ ۾ ٺٽي جي هر حاڪم ڏکئي دور ۾ پناهه ورتي هئي. اوائلي دور کان پوءِ سماڄام، ارغون، ترخان ۽ مغلن جي دور تائين هي ڪوٽ مختلف نالن سان سڏيو ويو. هن کي ڪڏهن ڪلان ڪوٽ ۽ ڪڏهن ڪلياڻ ڪوٽ ترڪن وري هن کي تغرل آباد ۽ تغلق آباد به نالو ڏنو ويو. راجا ڏاهر واري دور کان اڳ جي ٺهيل هن ڪوٽ کي ڊهي وڃڻ کان پوءِ وري سمن پنهنجي دور ۾ ٻيهر ٺهرايو ۽ ترخانن به هن ڪوٽ جي مرمت ڪرائي پر مغلن جي دور کان پوءِ هي زبون ٿيندو ويو ۽ اڄ مٽيءَ ۽ سرن جي ڍير جي شڪل ۾ موجود آهي. ڪجهه سال اڳ قبضا گيرن هن تاريخي ماڳ تي به وڃي قبضو ڪيو پر پوءِ انهن کان خالي ڪرايو ويو ليڪن اهي قبضا گير جيترو وقت به اتي ويٺا انهن هن تاريخي ماڳ کي گهڻو نقصان ڏنو آهي. ڪوٽ جون پڪيون سرون پٽي پنهنجا گهر پيا ٺاهين. ٻيو ته هن ڪوٽ اندر پوليس ٽريننگ لاءِ فائرنگ رينج به ٺاهي وئي آهي جنهن لاءِ ڪوٽ جي هڪ پاسي ديوار جي دڙن تي وڌيڪ مٽي چاڙهي اونچو ڪيو ويو آهي هن دور ۾ جنهن ۾ تاريخي ماڳن جي بچاءَ لاءِ ڌار وزارتون آهن انهن جي هوندي به اسان جي تاريخي ماڳن جو اهو ‎حال آهي ته انهن جي ديوارن جي صفائي ڪرائي ان کي ظاهر ڪرڻ بدران، بلڊوزرن سان انهن مٿان مٽي چاڙهي پشت پڪي ڪرڻ جو ڪم ورتو وڃي ٿو.
    انهن اهم تاريخي ماڳن کان سواءِ به مڪليءَ ٽڪريءَ تي ڪئي تاريخي نشانيون وکريون پيون آهن، هتي سنڌ جي 600 سالن جي تاريخ دفن آهي ان تي تحقيق ٿيڻ گهرجي ۽ ان کي اجاڳر ڪرڻ جي ضرورت آهي.
    عنايت الله کٽيان​
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو